هڪ انساني علم جي ماهر anthropologist آفريڪا جي هڪ قبيلي جي ٻارن کي هڪ راند کيڏڻ لاءِ چيو، هن ڇا ڪيو جو ميون سان ڀريل هڪ ٽوڪري هڪ وڻ جي ڀر ۾ رکي آيو ۽ ٻارن کي چيائين ته اوهان ڊوڙ پائي ان ٽوڪريءَ تائين پهچو جيڪو ٻآر ان ٽوڪريءَ تائين پهچندو تنهن کي اهو سمورو مٺو ميوو ڏنو ويندو. جڏهن هُنَ سڀني کي گڏ ڪري ڊڪڻ جو آواز ڏنو ته سڀني هٿ ۾ هٿ ڏئي ڊڪڻ شروع ڪيو ۽ سڀ گڏجي ٽوڪريءَ تي پهتا ۽ اهو ميوو کڻي گول دائرو ٺاهي ويٺا ميوي جو مزو وٺڻ. جڏهن ان ماڻهونءَ ٻارن کان سوال ڪيو ته اوهان ائين ڇو ڪيو؟ جڏهن ته اوهان مان ڪو هڪ ان ٽوڪريءَ تائين پهچي ها ته سڀ ميوو کڻي کائي ها ۽ مزا ماڻي ها. انهن ٻارن جواب ڏنو؛ “ ابنتو” ائين وري ڪئين ٿي سگهي ٿو ته اسان مان هڪ خوش ٿئي ۽ جڏهن ته ٻيا ڏکيارا هجن ..؟؟؟؟ آفريڪا جي ان کوسا Xhosa قبيلي جو نعرو آهي “ ابنتو 'UBUNTU' ” معني “ مان انڪري آهيان جو اسين آهيون” Courtesy of World of knowledge