• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ساف جا سنجوڳي

ڏات ڌڻي هي ڏاها سنڌ جا ساف تي ڪن سنجوڳ
ويٺا هي وينجهارن هت ديس پنهنجي جو روڳ
ساف تي سڀ ساٿ سا ن گڏجي اورن پنهنجي اور
سنڌ جو ناڻو ڪير کپائي ڪير آهي هت چور
موتين مالها پيار سان پوئي ونڊ ڪرن وينجهار
لفظن کي هي سوئي پوئي سونهن کي ڏين سينگار
عشق هجي يا بک بدحالي هي چاهن تنهن ۾ خوشحالي
شعر لکن يا نثر نرالو ڪن سچ سا ن سنڌجي سڀ رکوالي
چاه وطن سان پيار پَکَن سان سنڌ جا هي سر ويچ
نينهن نسورو ميٺ محبت پنهنجن سان ٿن پيچ
ڪين وسارن پنهنجي ٻولي مٺڙي پنهنجي ماء جي لولي
جن جي سوچ ۾ آهي هميشه ڀرجي هلي هي سنڌو ڇولي
 
نينهن نسورو ميٺ محبت پنهنجن سان ٿن پيچ
ڪين وسارن پنهنجي ٻولي مٺڙي پنهنجي ماء جي لولي
جن جي سوچ ۾ آهي هميشه ڀرجي هلي هي سنڌو ڇولي

خوبصورت ڀيٽا ۔۔۔ بهترين سٽون
 
سائين سليمان صاحب توهانجون مهربانيون ساف کي سنڌ سلامت کي سهيڙيون پيا هلو هي فورم اسان جا قيمتي آهن شل تا قيامت تائين پنهنجي جٽادار جذبن جي ترجماني ڪندا رهن ۔۔۔آمين
 
Back
Top