مسيح مگسي
سينيئر رڪن
ڌيءُ جي وهانءَ پڄاڻا
1967 اٽيچمينٽ ڏسو1968 اٽيچمينٽ ڏسو
نيٺ سڀ ڳڻتيون ۽ ڳارا ختم ٿيا:
وهانءُ پورو ٿي ويو
ڪنوار جي ماءُ، هاڻي
سڀ سامان ۽ شيون سنڀالي ڳڻڻ لڳي ٿي
هر شيءِ ياد ڪري
سنواري رکڻ لڳي:
پليٽون، پيالا، گلاس، ٿالهيون
هر ڪا شيءِ برابر.
ڪٿي به ڪا سُيءِ گم نه ٿي
پر پوءِ
اوچتو
ڪجهه ياد ڪري
بيهي رهي ٿي
ڪمري جي وچ ۾ چوڌاري نهاريائين
لوڻاٺيل سوال اکين مان وهي آيس:
”پر منهنجي ڌيءَ ڪٿي؟“
’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
سرجڻهار؛جينت پاٺڪ گجراتي
سنڌيڪار؛ مسيح
’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
1967 اٽيچمينٽ ڏسو1968 اٽيچمينٽ ڏسو
نيٺ سڀ ڳڻتيون ۽ ڳارا ختم ٿيا:
وهانءُ پورو ٿي ويو
ڪنوار جي ماءُ، هاڻي
سڀ سامان ۽ شيون سنڀالي ڳڻڻ لڳي ٿي
هر شيءِ ياد ڪري
سنواري رکڻ لڳي:
پليٽون، پيالا، گلاس، ٿالهيون
هر ڪا شيءِ برابر.
ڪٿي به ڪا سُيءِ گم نه ٿي
پر پوءِ
اوچتو
ڪجهه ياد ڪري
بيهي رهي ٿي
ڪمري جي وچ ۾ چوڌاري نهاريائين
لوڻاٺيل سوال اکين مان وهي آيس:
”پر منهنجي ڌيءَ ڪٿي؟“
’’’’’’’’’’’’’’’’’’’
سرجڻهار؛جينت پاٺڪ گجراتي
سنڌيڪار؛ مسيح
’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’