مسيح مگسي
سينيئر رڪن
سال جون موسمون
آيو نومبر ڊسمبر جنوري،
آئي سياري جي آ مند وري،
هن موسم ۾ ٿا سيءَ پون،
ٿا ٻار ٻڍا سڀئي تڙڪن،
هاڻ سوئيٽر ڪوٽ نوان وٺبا،
ڪن مفلر ساڻ ٻئي ڍڪبا،
هاڻي سج جو تڙڪو ڀي وڻندو،
۽ صبح جو ٻاهر ٿي پڙهبو،
هاڻي ساڳ ڦريون ڀي جام آهن،
۽ سايون ڀاڄيون عام آهن،
آ ڏينهن ننڍو ۽ رات وڏي،
آ رب جي هي سوغات وڏي،
اڌ فيبروري اپريل تائين،
آبهار اپريل تائين،
هن مند جو ٿو انتظار رهي،
شل سال سڄو ئي بهار رهي،
هي موسم سڀ لئه آ پياري،
ٿي گلڙن ۾ ٿئي گلزاري،
ٿا گل ڦل موتيا سڀ ٽڙن،
ڪيئن پوپٽ ۽ ٿا ڀؤنر ڦرن.
هر پورهيت هاري خوش ٿئي،
ٿو ان اپائي نان ڏئي
ڏس مئي ۽ جون جولاءِ آگسٽ،
ٿو گرمي ۾ ته ستائي آگسٽ،
اچي نيٺ ويو اونهارو آ،
۽ گرمين جو وريو وارو آ،
وري سنهڙا ڪپڙا پيا وٺڻا،
پهراڻ ڀريل ڀي پيا سبڻا،
ڪو ڏينهن تتي ۾ ڪين رُلي،
ٿو سانجهي کان پوچين ملي،
هن موسم ۾ ٿا مينهن وسن،
ٿر ڪاڇي جا ٿا پٽ پُسن،
۽ ڍنڍون ڍورا ٿا ڀرجن،
پو فصل ڀلا ٿا يار پچن،
ٿي هر هنڌ ڏس هٻڪار ٿئي،
ٿي گهٽي گهٽي گلزار ٿئي،
ڏس سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر،
هي سَرءُ جي آ موسم دلبر،
ٿي ڏينهن جو ٿوري گرمي ٿئي،
۽ رات جو وڻندڙ سردي پئي.
هي گيت ته تابش ٺاهيو آهه،
ڪجهه ٻارن کي سمجهايو آ.
(هي نظم تابش بخاري جي سرجيل آهي، جيڪا مان هتي اوهان سڀني لا ونڊ ڪيان ٿو)