نثارابڙو
نائب منتظم
دوستو! اڄ جيئن ئي ياهو ميل باڪس کوليم ته هيٺيون نياپو مليو ... آءُ ته اهو نياپو پڙهي ... سن گنگ ٿي ويو آهيان ۽ سوچن جي سمنڊ ۾ گم ٿي ويو آهيان ... سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا چوان ... اوهان ئي ڪجهه چئو ....
اڃان به ڏنگ پيا هڻن _ گھمن پيا نانگ ٻرن، اڃان به ڪنڌ پيا ڪُسن، اڃان به ڪوس پيو هلي، اڃان به خون پيو جلي، اڃان به لال پيا مرن، اڃان به سنڌُڙي پئي لُڇي، اڃان به ڪو نه ڪُڇي، اڃا به پنڌَ پيچرا، اڃا به ڊوههَ ڪيترا، اڃان به ڏنگ پيا هڻن، گهمن پيا نانگ ٻرن، اچو ته ڪجهه ڪجي ڪجي، اڃان ترڻ ڪجي ڪجي.” ٽوپي اجرڪ ڏينهاڙو“
سنڌي ڀاءُ نه سوچ ته، آئون ڇا آهيان؟ منهنجو نظريو ڇا آهي،؟ مان ڪهڙي ڪلاس سان تعلق رکان ٿو؟، اهو سوچ ته آئون سنڌ، سنڌي، سنڌيت يا سنڌو درياهه سان غداري نه ڪريان. سوچ ته منهنجا سڀئي نظريا جنهن به بنياد تي بيٺل آهن اُها آهي منهنجي ماءُ سنڌُڙي جي هنج ۽ ان ماءُ جا اُهي معصوم ۽ مجبور ۽ بيوس ڪمزور ۽ لاچار ٻچڙا، جنهن جي بنيادي ضرورتن ۽ انساني حقن تي، پاڙي وارا ۽ ڌاريا ته ٺهيو، هڙپائڻ جي نظر رکن ئي ٿا پر، هي مُنهنجا ...منهنجا پنهنجا ۽ مُهنجي ماءُ جا ڄڻيل ۽ گود وهاريل، منهنجا پنهنجا طاقت ور ڀائُر، جنهن کي منهنجي جيجل ماءُ سنڌ، دريائي سنڌ جي ٿڄ پياري وڏو ڪيو آ، طاقت بخشي آ ،۽ اڄ اُهي مُهنجا ڀائُر طاقت جي نشي ۾ منهنجي وات ۾ جيجل امڙ طرفان وڌل رُکو ۽ سنڌو درياهه مان پُسائي نرم ڪيل گره به جھپ هڻيو جھٽيو وٽن، اُهي مُهنجا ڀائُر جنهن کي ظالم وڏيرو ۽ جاگيردار، راشي ڪامورو، سڏيو وڃي ٿو، منهنجي مجبورين کي گروي رکي پاڻ کي ڇانو ڏيڻ لاءِ مونکي ڌاڙيل ٺاهي ٿو، منهنجي اکين ۾ اکيون وجھي ڪارو ڪريءَ جو ويس ڍڪائي ٿو، مُنهنجين بيواه عورتن، يتيم ٻچڙن جي زمينن تي قبضو ڪري وڏيرو سينڌ سجائي ٿو، آئون اُن کي ڌارين کان وڌيڪ امان جيجڙي سنڌ جو دشمن ٿو سمجھان ۽ منهنجو جهاد به انهيءَ گهر ڀيديءَ سان آهي جيڪو سڀ کان پهرين پاڻ مونکي حقن کان محروم رکي ٿو ۽ پوءِ انهن ڇتن ڌارين اڳيان ڦٽو ڪري مونتي ۽ منهنجي لڄ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ تي حملو ڪري ۽ ڪرائي ٿو آئون سنڌي ڪُسيل آهيان پهرين پنهنجن جو، هاڻ مونکي تون ئي ٻُڌاءِ آئون ڪير آهيان، مُهنجي سڃاڻپ ڇا آهي، اهو ئي پيو پڇان لوڪ کان؟
سُڃاڻ منهجي وُجود جا دشمن سڃاڻ، آنون تاريخ آهيان صدين جي، آئون تاريخ آهيان تهذيب جي، آئون تاريخ آهيا تمدن جي، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ مُهنجي لڄ آهي ۽ تو حملو ڪيو آ مُهنجي لڄ تي ۽ غيرتمند واديءَ مهراڻ جا سپوت پنهنجي لڄ تي بُري نظر رکندڙن کي برداشت
جي پيو ته سنڌي قوم ۾ اڃا به ڪجھ ويڇا وجھندڙ، پنهنجي ذاتي تسڪين لاءِ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي سيلبريتنگ اشوءَ کي تنگ نظري سوچ تهت پرسنالٽي طرف گهلي رهيا آهن جيڪا سندن ذهني پس مادگاني سوچ جو ڏيک پئي ڏي. لِلله گهٽ ۾ گهٽ هن هڪ ڏيهاڙي تي ته پاڻ کي يونائيٽيڊ رکي صيهوني قوتن کي ميسيج ڏيو ته اسان سنڌي ڪاز ۽ ڪلچر تي هڪ آهيون. اجايو تنقيد ڪري ڇو اچي پنهنجن ئي نظرن ۾ ڪرون ٿا ....