رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
اسان سڀ ساف تي گڏجي ڪيون ٿا چاه جون ڳالهيون
اندر جي آه جون ڳالهيون سندر جي ساه جون ڳالهيون
ڪئي عاشق عقابي جت وجهن ٿا نينهن جون نظرون
پکي پرندا هڻي پرڙا ڪرن ٿا راه جون ڳاليهون
سدان آ پيار جن پچرون ڪرن داهون وڏيون آهون
اهي ڪردار سڀ سردار ڪرن پيا واه جون ڳالهيون
سدان سوچن ۾ سالک هي ڪرن ڌرتيٕجون ڳالهيون هي
اهي وجدان ۾ هردم ڪرن اتساه جون ڳالهيون
اسان لئه آب حيات آهي اهو سنڌوٕ جو پاڻي هي
اهو جيون ٿو جرڪائي ڪري ٿو ساه جون ڳالهيون
اهي ميراث منهنجي هن سڀئي هت ساف جا ساٿي
انهن سان دل لڳي وئي آ انهن سان چاه جون ڳاليون