مان روز ڦاسي چڙهندو آهيان

مان روز ڦاسي چڙهندو آهيان
سَوَسڏڪن ۾ سڙندو آهيان

مون وٽ پور ۽ سور سدائين
ڪيڏو تن ۾ ڪڙهندوآهيان

سردي گرمي سر تي سدائين
بک افلاس ۾ ڀُرندو آهيان

گهر جهڳي ڀي آهي جُهري وئي
وسندي مينهن ۾ ڀِڄندو آهيان

هڪڙو ويس وڳو آ تن تي
تنهن ۾ چتيون هڻندوآهيان

مان آ ٻڌو آ سنڌ آسُودي
مان هت بک ۾ مرندو آهيان

روڊ رستو نه اسڪول جڙيل آ
سنڌ جي ڳوٺ ۾ رهندو آهيان

ڇو ته مان اصلي سنڌي آهيان
ڇو ته مان اصلي سنڌي آهيان
 
Back
Top