ڀائي لوگ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏7 فيبروري 2013۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    “ڀائي لوگ” ڪنهن کي به تنگ ناهن ڪندا بس ماڻهو پاڻ ئي انهن کان تنگ ٿيندا رهندا آهن، شايد ڀائي لوگ کي ڄميندڙ کان انهن جي کُڙي ڏنڀڻ وسري ويو هو تنهن لاءِ ئي انهن جو هر قدم ٻين لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي ٿو ۽ وري نڪ جا به ايڏا پڪا آهن جو ڀلي کڻي دنيا اُٿلي پئي پر سندن اونڌا خيال تبديل ناهن ٿيندا. اسان وٽ مائي ڪُلاچي جي ملڪ ۾ ڀائي لوگن جو ويل اڃان گهٽ ناهي ٿيو جو تازو ڪجهه ٻيا “ڀائي” به ساماڻا آهن جن مان هڪ “مڙهي ڀائي” جو وس اڄ ڪلهه گهڻو پيو هلي ۽ ان به “ڀائي لوگن” جي نقش قدم تي هلندي ڄاڻندي ۽ اڻڄاڻائي ۾ اهڙا قدم کنيا آهن جو سڄي قوم “ڪنٽير واري سرڪار” جو حمايتي ٿي ويو آهي جنهن جو مشن ان ڀائي کي هٽائڻ جي ڪوشش ۾ مريدن جي ڪجهه فطرتي ضرورتن جي ور چڙهي فيل ٿي ويو ۽ اڄ به هو مريدن تي اهو چوندي خار کائي رهيو آهي ته بس پنج منٽ وڌيڪ ويهو ها ته انقلاب اچي پهچي ها، پر مريدن سان ويل هو سو ويچارا نه ويهي سگهيا توڻي جو گادي واري هنڌ جي هزارين صفائي ڪندڙن مريدن پاران آندل “انقلاب” ٻه ڏينهن مسلسل صاف ڪيو پر اهو مريدن لاءِ ڪافي نه هو انهن کي وڌيڪ “انقلاب” آڻڻو هو جنهن جي مرشد اجازت نه ڏني ۽ مجبورن ڌرڻو ختم ڪرڻو پيو. ڳالهه ڪئي سين “ڪنٽير واري سائين” جي مشن جي، جنهن جا هن وقت ڪافي ماڻهو حامي ٿي پيا آهن ۽ اهي به چون پيا ته “ڀائي” واقعي مڙهو مڙس ٿي ويو آهي جنهن کي ڪا ڪَل ئي نه پئي پوي ۽ سندس فيصلن تي هرڪو اعتراض واريو ويٺو آهي ۽ ان اعتراض جو به تت اهو آهي ته بادشاهه اوهان جو ته اهو اختيار ئي ناهي، وقتي بادشاهت جو اجايو فائدو پيا وٺو پر “مڙهي ڀائي” کي ان جو ڪوبه احساس ناهي ۽ خوامخواهه پنهنجا ناجائز فيصلن کي ٻين تي ٿاپي پاڻ کي بادشاهه بڻائي رهيو آهي.
    “ڪنٽينر واري سائين” جا ٻيا مطالبا پنهنجي جاءِ تي پر “مڙهي” کي لاهڻ وارو مطالبو يقين ڪريو باقاعدي دل تي لڳي رهيو آهي ڇوته مڙهي ڀائي جي فيصلن جو اثر هڪ ته خصوصي طور تي سنڌ جي هزارين ڪٽنبن تي پيو آهي جڏهن ته ان کان به وڌيڪ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته “ڀائي” کي اهڙا اختيار ئي ناهن اڃان چونڊن جو اعلان ئي ناهي ٿيو الائي ٿينديون الائي نه، پر همراهه کي ڪا بنهه تڪڙ هئي جو اڳواٽ پنهنجا اختيار استعمال ڪري پاڻ تي جڳ کلايو اٿس، يقينن سپريم ڪورٽ حڪومت جي اپيل ڪرڻ تي “مڙهي ڀائي” جو فيصلو آئين، قانون ۽ اخلاق جي خلاف قرار ڏيندي ڇوته ان فيصلي جو ڪو قانوني جواز ئي ناهي، مڙهي جي ڪابينا خبر ناهي کيس ڪهڙيون صلاحون ڏيندي آهي پر ننڍڙو ٻار به اهو سمجهي سگهي ٿو ته چونڊن کان ڪافي وقت اڳ سرڪاري قدمن ۾ سنگهر وجهڻ يا ته ان سرڪار سان ڪا ذاتي دشمني آهي يا اڻ ڄاڻائي جي انتها آهي ٻي صورت ۾ اهڙا ٻاراڻا فيصلا نه اچن ها. حڪومت پاران پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ واري درخواست کانپوءِ پنهنجي ڪيل فيصلي تي “غور” ڪرڻ لاءِ گهرايل اجلاس ۾ پنهنجو فيصلو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ دليل طور اهو چيو ويو ته سنڌ کانسواءِ ٻين صوبن جا نمائندا فيصلي جا حامي آهن، اهي حامي ڇونه هوندا؟ انهن جي صوبن جو ڪو نقصان به ته نه ٿي رهيو آهي ڀوڳي ته وري به سنڌ پئي جنهن جا سرواڻ پورا پنج سال ننڊون ڪندا رهيا آهن ۽ هاڻي جڏهن هر پاسي کان سندن مخالفت ٿي رهي آهي ته سندن اک کُلي آهي ۽ ڀرتيون ڪرڻ جو خيال آيو اٿن پر ان سڄي صورتحال ۾ ويچارن بيروزگارن جو ڪهڙو ڏوهه آهي جن کي سزا ڏني پئي وڃي؟؟ سياسي ڀرتين جي هرڪو مخالفت ڪندو پر هاڻوڪيون ڀرتيون خاص طور تي استادن جي ڀرتي ته نج ميرٽ تي ٿي رهي آهي جنهن تي پابندي تي اسان کي به سنڌ جي وڏي وزير وانگر ئي حيرت ٿي رهي آهي.
    هتي اسان اليڪشن ڪميشن جي “ڀائي” کي عرض ڪريون ٿا ته اهي اختيار جيڪي اوهان جا نه آهن انهن کي استعمال ڪندي ڪجهه قياس ڪريو ۽ بيروزگارن جو پٽون نه کڻو اوهان لاءِ اڳ ۾ ئي “ڪنٽينر وارو سائين” مصلي تان نٿو لهي ويتر جي بيروزگارن پٽيو ته خوامخواهه پيريءَ ۾ ڏکيا ٿي ويندا.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    يار توکي پڙهي ولي رام ولڀ جون سٽون ياد ٿيون اچن جيڪي صحيح ياد نه هُجڻ ڪري متان غلط لِکان سو کائنس اڳواٽ معذرت۔​
    اي نانگ!​
    توکي شهر ۾ اچڻ نه ڏنو ويو​
    تهذيب نالي ڪا شئي تو وٽ هئي ڪانه​
    پوءِ ٻڌاءِ تو ڏنگڻ ڪِٿان سِکيو۔​
    سچ پُڇين ته مون سميت سنگت جي اها راءِ وڌاءُ کان بنهه آجي آهي ته تنهنجي لکڻ جو انداز وسعت الله خان جهڙو آهي۔ ۽ ڪٿي ڪٿي ارباب نيڪ محمد جهڙو به لکين ٿو۔ ارباب صاحب لاءِ ته مشهور آهي ته هو رول ماڻهو آهي۔ گهڻن ماڻهن سان ملڻ جُلڻ سندس لکت ۾ اهي رنگ وِڌا آهن۔ وسعت الله جو وسيع مطالعو ۽ بي بي سي جي نوڪري جو تجربو آهي۔​
    پر تون۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ؟ تو وٽ سواءِ لاڙ پڇاڙ جي اوکي زندگي جي ٻيو آهي به ڇا؟ پر پوءِ به ايترو ۽ اهڙو لکي ٿو وڃين؟ حيرت آهي يار؟​
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    فخرو ڀائي به بادشاهه ماڻهو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ڪي اهڙا فيصلا ڪندو آهي جيڪي شايد هن جا ناهن هوندا۔۔۔۔ خير اسان به کيس عرض ڪنداسين ته ابا پِٽون پاراتا نه کڻ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    پر ڪنٽينر واري پير جا پاراتا لڳندا ڪئين ۔۔۔؟؟؟ ها ممڪن سڀ پٽي ڀائي آهن، ان ڪري متان هڪٻئي کي انهن جون پٽون لڳن ۔۔۔

    ڳالهه ڀلي ڪئي اٿوَ ۔۔۔۔ سٺو ليک
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    سائين “ڪنٽينر واري سرڪار” مسلسل پٽيو آهي متان ڪا آهه لڳي وڃيس، اڄ ته سڳورو سپريم ڪورٽ به وڃي پهتو آهي، ڇوندا آهن نه ته واڻيو کُٽي ته پراڻا کنڌا ڦلهوري، سو سائين کان ٻيو نه پهتو ته وڃي چوڌري صاحب کي دانهن ڏني اٿس ته ڀائي جي مقرري ئي غلط آهي ان جو ڪجهه ڪريو۔ لڳي ائين ٿو ته همراهه کي مڙيئي رينگٽ کپي ئي کپي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جيڪڏهن ڳالهه فخرو ڀائي جي آ ته صاف ڏسجي پيو ته سندس مٿان مائي ڪُلاچي جي ڀائي لوگ جو اثر ته آهي۔۔۔ رهيو سوال بيروزگار ڀائي کي نوڪري ڏيڻ جي پابند جو ته مون کي نه ٿو لڳي ته انهن کي ڀائي مان سائين ٿيڻ کان ڪير روڪي سگهندو جو ان جو حڪومت ڀائي سان ايترو تعلق ناهي۔۔۔ ڇو ته مون ٻڌو آهي ته هي ته خالص پري واري ڀائي جي آفر آ۔۔۔ جنهنجو حڪومت تي به ايندڙ ٽن سالن تائين اثر نه پوندو۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو