يونس ملڪاڻي
سينيئر رڪن
“ڀائي لوگ” ڪنهن کي به تنگ ناهن ڪندا بس ماڻهو پاڻ ئي انهن کان تنگ ٿيندا رهندا آهن، شايد ڀائي لوگ کي ڄميندڙ کان انهن جي کُڙي ڏنڀڻ وسري ويو هو تنهن لاءِ ئي انهن جو هر قدم ٻين لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي ٿو ۽ وري نڪ جا به ايڏا پڪا آهن جو ڀلي کڻي دنيا اُٿلي پئي پر سندن اونڌا خيال تبديل ناهن ٿيندا. اسان وٽ مائي ڪُلاچي جي ملڪ ۾ ڀائي لوگن جو ويل اڃان گهٽ ناهي ٿيو جو تازو ڪجهه ٻيا “ڀائي” به ساماڻا آهن جن مان هڪ “مڙهي ڀائي” جو وس اڄ ڪلهه گهڻو پيو هلي ۽ ان به “ڀائي لوگن” جي نقش قدم تي هلندي ڄاڻندي ۽ اڻڄاڻائي ۾ اهڙا قدم کنيا آهن جو سڄي قوم “ڪنٽير واري سرڪار” جو حمايتي ٿي ويو آهي جنهن جو مشن ان ڀائي کي هٽائڻ جي ڪوشش ۾ مريدن جي ڪجهه فطرتي ضرورتن جي ور چڙهي فيل ٿي ويو ۽ اڄ به هو مريدن تي اهو چوندي خار کائي رهيو آهي ته بس پنج منٽ وڌيڪ ويهو ها ته انقلاب اچي پهچي ها، پر مريدن سان ويل هو سو ويچارا نه ويهي سگهيا توڻي جو گادي واري هنڌ جي هزارين صفائي ڪندڙن مريدن پاران آندل “انقلاب” ٻه ڏينهن مسلسل صاف ڪيو پر اهو مريدن لاءِ ڪافي نه هو انهن کي وڌيڪ “انقلاب” آڻڻو هو جنهن جي مرشد اجازت نه ڏني ۽ مجبورن ڌرڻو ختم ڪرڻو پيو. ڳالهه ڪئي سين “ڪنٽير واري سائين” جي مشن جي، جنهن جا هن وقت ڪافي ماڻهو حامي ٿي پيا آهن ۽ اهي به چون پيا ته “ڀائي” واقعي مڙهو مڙس ٿي ويو آهي جنهن کي ڪا ڪَل ئي نه پئي پوي ۽ سندس فيصلن تي هرڪو اعتراض واريو ويٺو آهي ۽ ان اعتراض جو به تت اهو آهي ته بادشاهه اوهان جو ته اهو اختيار ئي ناهي، وقتي بادشاهت جو اجايو فائدو پيا وٺو پر “مڙهي ڀائي” کي ان جو ڪوبه احساس ناهي ۽ خوامخواهه پنهنجا ناجائز فيصلن کي ٻين تي ٿاپي پاڻ کي بادشاهه بڻائي رهيو آهي.
“ڪنٽينر واري سائين” جا ٻيا مطالبا پنهنجي جاءِ تي پر “مڙهي” کي لاهڻ وارو مطالبو يقين ڪريو باقاعدي دل تي لڳي رهيو آهي ڇوته مڙهي ڀائي جي فيصلن جو اثر هڪ ته خصوصي طور تي سنڌ جي هزارين ڪٽنبن تي پيو آهي جڏهن ته ان کان به وڌيڪ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته “ڀائي” کي اهڙا اختيار ئي ناهن اڃان چونڊن جو اعلان ئي ناهي ٿيو الائي ٿينديون الائي نه، پر همراهه کي ڪا بنهه تڪڙ هئي جو اڳواٽ پنهنجا اختيار استعمال ڪري پاڻ تي جڳ کلايو اٿس، يقينن سپريم ڪورٽ حڪومت جي اپيل ڪرڻ تي “مڙهي ڀائي” جو فيصلو آئين، قانون ۽ اخلاق جي خلاف قرار ڏيندي ڇوته ان فيصلي جو ڪو قانوني جواز ئي ناهي، مڙهي جي ڪابينا خبر ناهي کيس ڪهڙيون صلاحون ڏيندي آهي پر ننڍڙو ٻار به اهو سمجهي سگهي ٿو ته چونڊن کان ڪافي وقت اڳ سرڪاري قدمن ۾ سنگهر وجهڻ يا ته ان سرڪار سان ڪا ذاتي دشمني آهي يا اڻ ڄاڻائي جي انتها آهي ٻي صورت ۾ اهڙا ٻاراڻا فيصلا نه اچن ها. حڪومت پاران پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ واري درخواست کانپوءِ پنهنجي ڪيل فيصلي تي “غور” ڪرڻ لاءِ گهرايل اجلاس ۾ پنهنجو فيصلو برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ دليل طور اهو چيو ويو ته سنڌ کانسواءِ ٻين صوبن جا نمائندا فيصلي جا حامي آهن، اهي حامي ڇونه هوندا؟ انهن جي صوبن جو ڪو نقصان به ته نه ٿي رهيو آهي ڀوڳي ته وري به سنڌ پئي جنهن جا سرواڻ پورا پنج سال ننڊون ڪندا رهيا آهن ۽ هاڻي جڏهن هر پاسي کان سندن مخالفت ٿي رهي آهي ته سندن اک کُلي آهي ۽ ڀرتيون ڪرڻ جو خيال آيو اٿن پر ان سڄي صورتحال ۾ ويچارن بيروزگارن جو ڪهڙو ڏوهه آهي جن کي سزا ڏني پئي وڃي؟؟ سياسي ڀرتين جي هرڪو مخالفت ڪندو پر هاڻوڪيون ڀرتيون خاص طور تي استادن جي ڀرتي ته نج ميرٽ تي ٿي رهي آهي جنهن تي پابندي تي اسان کي به سنڌ جي وڏي وزير وانگر ئي حيرت ٿي رهي آهي.
هتي اسان اليڪشن ڪميشن جي “ڀائي” کي عرض ڪريون ٿا ته اهي اختيار جيڪي اوهان جا نه آهن انهن کي استعمال ڪندي ڪجهه قياس ڪريو ۽ بيروزگارن جو پٽون نه کڻو اوهان لاءِ اڳ ۾ ئي “ڪنٽينر وارو سائين” مصلي تان نٿو لهي ويتر جي بيروزگارن پٽيو ته خوامخواهه پيريءَ ۾ ڏکيا ٿي ويندا.