سنڌ سلامت ساٿ سلامت

'مختلف موضوع' فورم ۾ رنجيت طرفان آندل موضوعَ ‏5 ڊسمبر 2009۔

  1. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    دوستو! ڪهڙا حال آهن. اميد ٿي ڪجي ته باغ بهار هوندا. سڀ کان پهريائين ته مان معافي گهران ٿو سڀني سڄڻن کان جو مان هن اوطاق تي اچي اوهان سان حال احوالي ڪونه ٿيس. بس جنهن جا ڪيترائين ڪارڻ آهن. ڇا ڪجي زماني جي ڪمن ڪارن ايترو ته وڪوڙي وڌو آهي جو 19 سالن جي عمر ۾ 90 سالن جو ٿي ويو آهي. مٿان وري ٽرين جا ڌڪا ٿاٻا اڃا تائين برقرار آهن . باقي سيءَ جي لهر صفا به ڪونهي. شايد سمنڊ جي ڪري هتي ٿڌ ڪونه ٿيندي آهي. نه ئي ڪنهن کي ڪوئي سويٽر اهي نه ئي لوهي. باقي ايڪسپريس گاڏيءَ ۾ چڙهندر مسافرن کي ڪوٽ وغيره ساڻ آهن . جنهن جو سبب اهو آهي ته هو ممبئي نه پر ممبئي کان ٻاهر وڃي رهيا آهن. بنسبت ممبئي جي دهلي ۾ وڌيڪ ٿڌ آهي.

    دوستو ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي ملاقات ممبئي جي تاج هوٽل ۾ هڪ شادي جي دوران منهنجي ملاقات اهڙي شخصيت سان ٿي. جنهن جو ناز سڀني سنڌين کي هوندو. اها شخصيت آهي محترمه رينو گدومل جيڪا هڪ گلوڪاره هجڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺي گٽارسٽ پڻ آهي. هوءَ آفريڪا ۾ ڄائي آهي. سندس تعليم لنڊن ۾ آهي. مون کيس ٻڌايو ته مان سنڌي آهيان ۽ سنڌ مان آيو آهيان. تنهن بعد هوءَ مونکي ايترو پيار سان ملي جو اصلي ڳاللهه ئي نه پڇو. مون کيس پنهنجي اوطاق جي باري ۾ به ٻڌايو. هن ڏاڍي معذرت سان چيو ته کيس سنڌي پڙهڻ ڪونه ايندي آهي. ۽ تنهن وقت سندس اکين مان ڳوڙها به ڳڙي پيا.. مون کيس ٻڌايو ته ڪا ڳالهه ڪونهي. الله ڪندو سنڌي سکي وٺندا. هن وڌيڪ چيو ته هن کي سنڌ گهمڻ تي ڏاڍي دل آهي. پر اتان جا حالات ڏسي برٽين سرڪار پاڪستان جي سفر ڪرڻ کان روڪي رهي آهي. اسان ٻنهي ماني گڏجي کاڌيسين. بعد ۾ هن چيو ته پنهنجي سڀني سڄڻن کي منهنجي پاران سنڌ سلامت، ساٿ سلامت چئجان.. مون سندس جواب ۾ ساڳيو ئي جملو دهرائي چيو ته سارو عالم هڪ آواز سنڌ اسانجي زنده آباد.
    http://www.youtube.com/watch?v=4vNuijIo_rQ

    اوهانجو پنهنجو
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ڀلا ڙي سالو تنهنجا ڀاڳ

    لگي رهو منا بهائي

    ادا معاف ڪجو هون اسان به توهان کي ڏاڍو مس پئي ڪيو سين

    ڀلي ڪري آيا


    سدائين گڏ
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين فقير سهڻا اڄ ادا رنجيت سان ڪچهري ٿي اداسيء جون ڳالهيون ڪري روئاري ڇڏيائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو