ڪاوش مڊويڪ ۾ صحت جي موضوع تي ڇپيل منهنجو نئون ڪالم 1983 اٽيچمينٽ ڏسو وات مان ايندڙ ناخوشگوار بدبو يا ساهه ۾ ڌپ کي ميڊيڪل زبان ۾ Halitosis چيو ويندو آهي. هي مسئلو لڳ ڀڳ دنيا جي سڀني ملڪن جي ماڻهن سان آهي. اهو پڙهي شايد اوهان کي حيرت ٿئي ته رڳو آمريڪا جهڙي سُڌريل مُلڪ جا پنجاهه فيصد ماڻهو انهي بيماري جو شڪار آهن ۽ انهن مان به اڌ ته اهڙا آهن جن جي بيماري نه ختم ٿيندڙ درجي تي پُهچي چُڪي آهي. اها هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا آهستي آهستي وڌندي رهي ٿي ۽ جنهن ماڻهو کي هُجي ٿي انهي کي انهي جو احساس کڻي ايترو نه به هُجي پر ساڻس ڪجهه فاصلي تي ويٺل ماڻهو لاءِ اهو مشڪل هوندو آهي ته هُو انهي سان آمهون سامهون ويهي ڳالهائي سگهي. هونئن عام طرح ته ڪُجهه کاڌا به اهڙا آهن جن جي ڪري وات مان هڪ نا گوار قسم جي بدبو اچڻ لڳندي آهي جهڙوڪ؛ بصر، پنير، ٿوم، موري يا سوڊا ۽ نارنگين وغيره جا جوس. پر اهي اُهي سبب آهن جيڪي عارضي طور پنهنجو اثر ڏيکاري ختم ٿي وڃن ٿا. هتي ڪوشش ڪبي ته اُهي سبب ٻڌائجن جيڪي انهي بدبو جو مستقل سبب بڻجي وڃن ٿا. ۽ اُن کان بچڻ ۽ علاج لاءِ ڪُجهه اُپاءُ ٻڌائڻ جي به ڪوشش ڪبي. پر انهي کان پهرين هڪ ننڍو ٽوٽڪو جيڪو اوهان هي موضوع پڙهي پورو ڪرڻ کان پهريان ئي آزمائي اهو معلوم ڪري سگهو ٿا ته اوهان انهي بيماري جو شڪار آهيو يا نه؟ اوهان پنهنجي هٿ جي پُٺي تي زبان جو هيٺيون حصو رکي 5 کان 10 سيڪنڊ جو انتظار ڪريو. تنهن کان پوءِ هٿ زبان تان هٽائي ٽيهه سيڪنڊ تائين انهي کي سُڪڻ ڏيو. هاڻي انهي حصي کي نڪ جي ويجهو آڻيو جيڪڏنهن اوهان کي ٿوري به بدبو محسوس ٿئي ته اوهان کي فوري احتياط وٺڻ جي صلاح آهي. وات جي بدبو جا سبب: 1.سڀ کان وڏو سبب هي آهي ته اسان روزانو جيڪو ڪجهه کائون ٿا انهي جا ذرڙا پاڻي جي گُرڙين ڪرڻ کان پوءِ به وات ۾ رهجي ٿا وڃن. ۽ وات ۾ موجود جراثيم (بيڪٽيريا) لاءِ اهي ذرا خوراڪ بڻجي وڃڻ ٿا. اهي جرثيم اين ايروبڪ ماحول ۾ وڌيڪ آساني سان وڌن ويجهن ٿا. لفظ Anaerobic ته سڀني لاءِ نئون نه هوندو. يعني جڏنهن نه روشني هُجي نه گهڻي آڪسيجن مطلب تي وات بند هُجڻ واري حالت جراثيم لاءِ موزون آهي. (جيڪو عمومن سُمهڻ وقت رات جو هُجي ٿو). اهو ئي سبب آهي جو هڪ عام ماڻهو به ننڊ ڪري اُٿي ته سندس وات ۾ هڪ مخصوص بدبو جو اثر ضرور هوندو آهي. 2.اسان جي کاڌي ۾ ڪاربو هائڊريٽس جي ڪمي به انهي ناگوار بُو جو سبب بڻجي ٿي. خاص ڪري اڄڪلهه ڊائيٽنگ جي چڪر ۾ جيڪو گهٽ ڪاربوهائڊريٽ غذا (low-carb) وٺڻ جو فيشن ٿيو آهي انهي جي نتيجي ۾ اَنُ کان وڌيڪ پروٽين واريون شيون جهڙوڪر مڇي يا انڊا وغيره کائي سلم ۽ سمارٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. نتيجي ۾ جسم پنهنجي گهربل طاقت چرٻي کي جلائي حاصل ڪرڻ لڳندو آهي ۽ ان مان ٺهندڙ ڪيٽوز مشهورِ زمانا ڪيميڪل ايسيٽون جي بدبو پئدا ڪن ٿا جيڪا وات وسيلي ٻاهر ايندي رهي ٿي. 3.وات جو خشڪ ٿيڻ به هڪ وجهه آهي اهڙي قسم جي بيماري جي. وات جي خُشڪ ٿيڻ جي وڏي وجهه آهي زبان ۽ آسپاس موجود پاڻياٺ. انهي پاڻياٺ گهٽ ٿيڻ جا به ڪافي سبب آهن پر خاص ڪري گرم کاڌا يا دوائون (خاص ڪري دائمي مرض جون) کائڻ ڪري وات خُشڪ ٿئي ٿو. جيڪو هڪ پاسي وات ۾ بدبو ته ٻي طرف ڏندن کي نقصان ٿو پُهچائي. 4.ڏندن جو جُملي بيماريون به سبب آهن انهي بدبو جون. ڏندن ۾ ٿيندڙ انفيڪشن ڪري مراهين کان ايندڙ پيپ به وڏو سبب آهي بدبو جو 5.انهي ڱان علاوه گلي جي انفيڪشن (ٽانسلز وغيره) به سبب بڻجن ٿا وات جي بدبو جا جن جا تفصيل هن مضمون جي لکڻ کان مٿي آهن. بچاءُ ۽ احتياط جون تدبيرون: اهي ته ٿيا سبب پر هاڻي انهي کان بچجي ڪيئن؟ ۽ انهي ۾ وٺجي ويل ڪهڙا اُپاءُ وٺي انهي کان مڪمل جان ڇڏائين يا گهٽ ڪن. سڀ کان پهرين ته اهو تصور ته قطعي پنهنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏڻ گهُرجي ته وات جي بدبو صرف ڏندن جي خرابي يا انهن جي صفائي نه ڪرڻ جي ڪري آهي. بلڪه شايد اهو گهڻن لاءِ حيرت جو سبب بڻجي ته وات جي بدبو واري بيماري جو شڪار ماڻهن مان اسي فيصد اهڙا آهن جيڪي روزانو برش ڪن ٿا. سندن ڏندن ۾ ڪا به بيماري ناهي. پر سندن وات جا ٻين حصن سان سلهاڙيل ڳالهين ڪري هو انهي بيماري ۾ ورتل آهن. هتي ڪوشش ڪري سادا ۽ سولا حل ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪبي. 1.سڀ کان پهرين ته رات جو سُمهڻ کان پهرين بُرش کي پنهنجي عادت بڻائجي. خاص ڪري ننڍن ٻارن تي ته سختي ڪجي انهي ڳالهه جي جو هنن جي شروع ۾ احتياط کين اڳتي فائدو ڏيندي. رات جي بُرش جي صلاح ۽ انهي تي زور انهي ڪري ته وات ۾ بدبو جو سبب بڻجندڙ جراثيم ڏينهن جي ڀيٽ ۾ رات جو وڌيڪ آساني سان وڌن ويجهن ٿا ڇو جو کين اين ايروبڪ (گهٽ آڪسيجن ۽ انڌيرو) وڌيڪ سوٽ ڪندو آهي. ۽ اهو ڪم عام طرح رات جو ئي ٿيندو آهي. جيترو وات صاف هوندو کين اوتري گهٽ غذا ملندي ۽ گهٽ وڌندا. ۽ اوهان کي برش ڪري سُمهڻ ۽ نه ڪري سُمهڻ جو فرق اوهان جي اڳين صبح جي سڄاڳي پاڻ ڏسيندي. 2.جيئن ته وات ۾ بدبو جو سبب بڻجندڙ جراثيم جو ديرو ڏندن بجاءِ زبان ۽ آسپاس گهڻو هُجي ٿو سو برش ڪندي وقت برش صرف ڏندن تي نه ڪجي بلڪه آرام آرام سان زبان تي به بُرش گهُمائجي. 3.جِن کي ڏندن جي ڪا به بيماري آهي. يا مصنوعي ڏند لڳل آهن ته هو پنهنجي ڏندن جي صفائي تي وڌيڪ ڌيان ڏين. پنهنجي ڊينٽسٽ کي هُن جي صلاح مطابق ملن ۽ سستي نه ڪن. 4.توڙي جي هي ڪو مستقل حل ناهي پر ڪو سمجهي ٿو ته ساڻس اهو مسئلو آهي پر ڪنهن محفل يا ڄڳهه تي ويهي ماڻهن سان ويجهو ٿي ڳالهائڻ لازمي آهي ته هو مينٿول مليل چيئنگ گم يا ٽافي ڄٻاڙي وٺي ته ڳچ دير تائين انهي جو اثر رهندو. مينٿول ۾ اينٽيسيپٽڪ خصوصيت جو اهو عارضي ڪمال به ڪار آمد آهي. 5.جيڪڏنهن اهو محسوس ٿئي ٿو جڏنهن کان وات ۾ بدبو جي شڪايت آهي ۽ انهي وقت کان وٺي وات ۾ پاڻياٺ جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي ته شگر فري چئنگ گم ڄٻاڙڻ سان زبان هلائڻ جي مشق وات ۾ پاڻياٺ جي گهُربل مقدار پوري ڪندي. 6.ڏندن جي سال ۾ هڪ دفعو ڪنهن سٺي ڊينٽسٽ کان صفائي ڪرائڻ سان به ڪافي حد تائين فائدو ٿئي ٿو.
ابا وڏي ڪم وارو مضمون لکيو اٿئي۔۔۔۔ هاڻي ان جون ڪاپيون ڪري هلي اوطاق ۾ رک ۽ هرڪو پاڻ سمجهي ويندو ۽ ان تي عمل ڪندو ۔۔۔ اوهان جو ڪاوش مڊويڪ ۾ مسلسل لکڻ وڻيو۔
وات ۽ جسم جي ڌپ جنهن ماڻهونءَ ۾ هوندي آهي ... آءُ انکان ڀڄي پري ٿيندو آهيان، ان بدبو کان مونکي ڄڻ ته الرجڪ آهي ... هڪ ڏينهن نماز پڙهندي هڪ ماڻهون منهنجي ڀر ۾ اچي بيٺو جنهن جي جسم ۾ اهڙي ته بدبو هئي جو مونکان نماز وسري وئي ۽ بس دعائون ٿي ڪيم ته سلام ڦيرائجي ته اٿي ڀڄان ... ۽ ها ٻي جورابن جي ڌپ ..... الامان الامان ..... الٽيون اوهان تمام ڪارائتي موضوع تي لکيو آهي ... ڄاڻ وارو مضمون ... ڪوشش ڪبي ته وات ۾ ڌپ نه هجي .... ڇاڪاڻ ننڍڙي لاءِ ڪنهن سان جهيڙو ڪرڻو هوندو هيو ته انکي چوندا هياسون ” هل ڙي تنهنجي وات ۾ ڌپ آهي“
مضمون ڪارائتو آهي، پر مان اوهان سان هڪ وڌيڪ ڳالهه شيئر ڪندو هلان، اوهان نم جي وڻ جو ڏندڻ اڄ ئي استعمال ڪيو، جيڪي دوست نماز پابندي سان پڙهندا آهن اهي پنجگانه استعمال ڪن، ته وات ۾ بو بلڪل نه رهندي ۽ ٽانسلز جو مسئلو پڻ حل ٿي ويندو، ڏند صاف ۽ سهڻا پڻ نظر ايندا ۽ ڪا به بيماري نه لڳندي، سولو ۽ سستو آزمودو آهي، آزمائي ڏسو۔۔دعا ۾ ياد رکجو۔
بيشڪ ادا اهو اسانجو مجرب عمل رهيو آهي ، پاڻ سان هميشه نم جو ڏندڻ ساڻ هوندو هيو ، هاڻي تقريبن ٻارهن سالن کان هتي عرب ملڪ قطر ۾ آهيون ، انڪري اهو عمل رهجي ويو آهي ، ڇو ته هتي نم جو وڻ نه هئڻ جي برابر آهي ، سعوديه ۾ به ميدان عرفات کان علاوه ٻيو ڪٿي نم جا وڻ نظر نه آيا ، ڪافي سال نم جو ڏندڻ استعمال ۾ هيو ، جنهنجا فائدا اڄ به مان محسوس ڪيان پيو!
سائين اڄ ڪلهه ڪارگو جو سسٽم تمام گهڻو ٿي ويو آهي، پنهنجي ڳوٺان سٺا نم جا ڏندڻ ڪپرائي ڪنهن به سڄڻ کي چئو ته اهو ڪارگو وسيلي اوهان ڏي ڏياري موڪليندو، پو اتي اهي ڏندڻ فرج ۾ رکي ڇڏيو گهڻو وقت هلندا۔
ادا ڪارگو کان علاوه به ڪو نه ڪو سنگت وارو هر مهيني پاڪستان مان ايندو ضرور آهي انهن کان ڏندڻ گهراني فرج ۾ ته رکي سگهجن ٿا ، پر يار فرج ۾ به ڏندڻ خشڪ ٿي وڃن ٿا ، اڄڪلھ پاڪستان مان خبڙ جا ڏندڻ تيار ٿي مختلف فليورس ۾ اچن ٿا ، جنهن ۾ ليمون ، لونگ ، دالچيني وارا فليور شامل آهن اهي ڪافي استعمال ڪيا پيا وڃن ٻه ريال ۾ هڪڙو ڏندڻ ملندو آهي ، خبڙ جو ڏندڻ سنت تي عمل ڪرڻ جي نيت سان استعمال لا ڀلو آهي ، مگر جيڪي فائدا نم جي ڪوڙاڻ ۾ آهن اهي فائدا هن ۾ ناهن!