ايشيا جي قديم وڻ جي سرجري ڪئي وئي ڀاري ۾ سڀ کان پراڻي ۽ايشيا جي سڀ کان وڏي وڻ کي بچائڻ لاءِ وڻ جي سرجري ڪئي وئي. هي وڻ هاٽ ڊاٽ بيماريءَ ۾ مبتلا هو.اهو پهريون دفعو آهي ته ڪنهن وڻ جو علاج ڪيو ويو آهي.چيو وڃي ٿوته اهو وڻ 300 سئو سال قديم آهي.ان خصوصيت جي ڪري ان کي “عظيم“ وڻ جو نالو ڏنو ويو آهي. هاٽ ڊاٽ بيماريءَ کان وڻ اندران کهوکهلو ٿي وڃي ٿو۽ سڪي وڃي ٿو.سائنسدانن وڻ جي علاج لاءِ سائونڊ امسچنگ تڪنيڪ جو سهارو ورتو آهي.جنهن کي اڄ تائين معجزاتي علاج تصور ڪيو ويندو آهي.وڻ جي تمام بيماري ۾ مبتلا گهرڙن کي ڪڌيو ويو ۽“ڪاپر“ڪاربونيٽ ليڊ آڪسائيڊ جو ليپ ڪيو ويو.هي هڪ اهڙو محلول آهي.جيڪو وڻ جي ساوڪ کي قائم رکي ٿو.۽ هاڻ ايشيا جو قديم وڻ صحت جي بحالي تي خوش نظر اچي رهيو آهي.....
ادا محمد سلطان راهوجا صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔۔۔ ادا معلوماتي ڄاڻڪاري ڏيڻ لاءِ مهرباني۔۔۔۔ محمد سلطان راهوجا صاحب مهرباني ڪري پنهنجو تعارف ته ڪرائيندا۔۔۔۔۔
تمام بهترين معلومات شيئر ڪرڻ تي توهان جي مهرباني ادا پر ادي زاهد چواڻي پنهنجو تعارف ته ڪرايو سدائين گڏ
ادا تمام بتهرين شيئرنگ آهي، پر ادا راهوجا توهان کي التماس ٿي ڪجي ته تعارف واري سيڪشن ۾ پنهنجو تعارف ڪرائيندا. ادا هڪڙي گذارش آهي اگر ڪٿي فقيرن جي سرجري ٿيندي هجي ته ٻڌائجو.....
ان جي معني ته اها ٿي ته جيڪي ٽي سئو سال پراڻا ٿي ويندا آهن انهن جا نالا ”عظيم“ رکيا ويندا آهن ... اسان وٽ به هڪڙو دوست آهي سندس نالو آهي ”عظيم“ پر لڳي نه ٿو ته هو ٽي سئو سال پراڻو هجي .... ادا راهوجا صاحب اسان وٽ هڪ ٻيو دوست به آهي جنهنجو نالو آهي سلطان جو هن اوطاق جي اڱڻ تي سانوڻيءَ جي مينهن جيئان ايندو آهي .... وسي وسي مينگه ملهار ڪري وري گم ٿي ويندو آهي ... اوهان کي به گذارش آهي ته پنهنجي تعارف سميت اڃان وڌيڪ لکڻيون ونڊ ڪري هن اڱڻ تي پنهنجي علم ۽ عرفان جا ڪڪر قائم رکندا ... دوست وڌن ... دل مست ٿئي ... جهمريون لڳن ... ساٿ هلندو رهي ... دعائن ۾ گڏ sindhsalamatsaathsal