منهنجو نالو ته عبدالواحد ئي آهي پر ”واحد“ چوڻ ۽ ڪوٺڻ ۾ سنگتين کي آساني ٿيندي آهي۔منهنجو جنم شهر شهدادڪوٽ آهي پر ويهن ورهين کان ڪراچي ۾ رهان ٿو۔سرڪاري ملازم آهيان، سڄي سنڌ پرين جو پاڇو لڳندي آهي، ان ڪري هڙئي شهر ۽ ڳوٺ توڙي ماڳ مڪان پنهنجو اثاثو سمجهندو آهيان۔لکڻ ۽ پڙهڻ سان شوق آهي، مهراڻ يونيورسٽي ۾ پڙهائي دوران سياسي ۽ ادبي هل چل سان واڳجي ويس اها وابستگي هيل سوڌو برقرار رکندو اچان پيو۔
سائين واحد صاحب هن محبتي ميڙاڪي ۾ اچڻ تي توهان کي دل سان ڀليڪار چئجي ٿو، سنڌ سڄڻ جو پاڇو آهي توهان کي هت پوري سنڌ سمايل ملندي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته پنهنجي نڪور لکڻين سان اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندا رهند۔ وري به سنڌ سلامت تي ڀليڪا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت 1996 اٽيچمينٽ ڏسو
سائين اسان ته اوهانکي هميشه عبدالواحد جي نانءَ سان ئي سڏينداسين ، جيءُ آيا ، ڀلي آيا سنڌ جي هن سهڻي فورم تي ۽ محبتي اوطاق تي اوهانکي دلي طرح کيڪاريونٿا ۔ والسلام
واحد سائين سنڌ سلامت سٿ ۾ شامل ٿيڻ تي سليمان وساڻ ۽ سڄي فورم پاران اوهان کي ڀليڪار۔تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان اسان سان گڏ اسان سنڌين جي گڏيل فورم سنڌ سلامت جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ هي اوطاق، هي فورم، هي ويب اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي، جيڪو ٻولي، ادب، شاعري ۽ علم جي واڌاري لاء جاکوڙي رهيو آهي ۽ اوهان به ساڳي ئي رستي جا راهي آهيو۔ اها اميد رکبي ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪري اسان جي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪندا رهندا۔اوهان جو ساٿ ۽ اوهان جي رهنمائي اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب ٿيندي۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
عبدالواحد صاحب جن کي اسان جي طرفان به ڀليڪار هن فورم جي ميمبر ٿيڻ تي۔ توهان جهڙي علم دوستن جي ميمبر ٿيڻ سان هن ساٿ کي وڌيڪ مضبوطي ملندي۔ هاڻي توهانجي تحريرن جو انتظار رهندو۔
منهنجو نالو به عبدالواحد سومرو ئي آهي پر مونکي به دوست واحد جي نالي سان ياد ڪندا آھن۔ نالي ڀائي کي ھن محبتي اڱڻ تي دل جي گھرائين سان ڀليڪار
ادا عبدالواحد اسلام عليڪم۔ ادا سائين دل ۾ نه ڪجو واحد ذات الله پاڪ جي آهي، ان کان سواء ڪير به عبادت جي لائق نه آهي۔ توهان ۽ اسان الله پاڪ جا بنده آهيون ۔ انهڪري اسان اوهان کي واحد جي نالي سان ڪڏهن به مخاطب نه ٿينداسين۔ توهان عبدالواحد آهيو ۽ انهي نالي سان هن اڱڻ جا جيڪڏهن ڀاتي ٿيندا ته اسان کي خوشي ٿيندي۔ هن اڱڻ جو هر ميمبر پيار، عزت ۽ پريت جي لڙين سان هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي۔ ان مالها ۾ اوهان جي شموليت کي اسان دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئون۔ توهان جي ليکن جو انتظار رهندو۔
ادا اسان پنھنجو نالو عبدالواحد ئي ٻڌائيندا آھيون پر ماڻھو پيار مان واحد چون ٿا۔ ان ۾ اسان جو ڪو به ڏوھ نه آھي۔ بيشڪ واحد اللھ پاڪ جي ذات آھي پر ان کي اسان جي نالي سان مشابھت ڪرڻ ته غلط آھي۔ باقي اوھان عبدالواحد جي نالي سان ئي ياد ڪجو
سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اڳ ڀٽائيءَ جي ننگريءَ وارو عبدالواحد سومرو موجود آهي ۔۔۔۔۔ مون جڏهن هي تعرف ڏٺو ته مون سمجهيو شايد عبدالواحد سومرو لطيفي ڀلجي پيو آهي پر پڙهڻ سان خبر پئي ته هي اسانجو دوست سنڌ جي سهڻي سرحدي شهر شهدادڪوٽ جو آهي ۔۔۔ شهدادڪوٽ جي پويان بلوچستان اڳيان سنڌ سموري سرهاڻ ۽ پرينءَ جي پاڇي جهڙي نه بلڪ سڄي ساري محبتي امڙ نظر اچي ٿي۔۔۔۔ سهڻا عبدالواحد اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ سنڌ ۽ سنڌيت هن اڱڻ جي دوستن جو مقصد به آهي ته نعرو به ۔۔۔ اميد ته اوهان به پنهنجي جهول مان سّخا جا گل اوتيندا ۽ سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار ۾ ساٿي ٿي پاڻ ملهائيندا ۔۔۔۔ اوهانجو ساٿ اسان لاءِ حوصلن جا کوڙ ثابت ٿيندا ۔۔۔۔ اوهانجي دوستي، ليک، صلاحون ۽ ساٿ ڪارآمد ثابت ٿيندو۔ ڀيرو نه ڀڃندا سدا سلامت رهو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت