هڪ گل وڪڻڻ واري ، راهه ويندڙ نوجوان کي روڪي پنهنجي گلن جي تعريف ڪرڻ کان پوءِ چيو: ”صاحب ! هڪ گل پنهنجي گرل فرينڊ لاءِ وٺي وڃ۔۔“ ”نه نه۔۔ منهنجي ڪا به گرل فرينڊ ناهي۔“ ”ڀلا ۔ ! پنهنجي مڱينديءَ لاءِ وٺي وڃ گُل۔۔“ ”گُل وارا۔۔ منهنجي ڪا مڱيندي به ناهي۔“ ”ڀلا۔۔ ! پنهنجي گهر واريءَ لاءِ وٺي وڃ۔۔“ ”نه ۔۔ منهنجي شادي ناهي ٿيل ته گهر واري ڪٿان ايندي“ گل وارو حيران ٿيندي۔۔۔ :” اي دنيا جا خوشقسمت انسان۔۔ اچي هي هڪ گل منهنجي طرفان توکي تحفي ۾۔۔“