رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
فقير صاحب جو پورو نالو نبي بخش پُٽ ڦتوهل جيهو آهي۔ سندس پيدائش 1879ع ۾ وفات 1929ع ۾ ڳوٺ جيها ڳڙهي ياسين ۾ ٿي۔ ( ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)
دنيا جي اسباب مان نڪري،
الله جي آڌار آياسين!
عرب،عجم،ايراني
يمن،يونان،توراني
مليو دل جي اندر جاني۔
ناحق ملڪ ماڻياسين۔
ڇڏياسي دنيا سندا سانگا،
لنگهيا سي لڪَ مڙئي لانگها،
ٻَڌي ڇيريون ٿياسي نانگا۔
نچي نئون نيهن لايوسي۔
چوي ”نبن“ مليو هيڪاندو،
مِلڻ محبوب لئي من ماندو،
پرين پيارو الله آندو۔
ڪُسڻ وارو ڪاتُ لايوسي۔