مصور عالم
سينيئر رڪن
شاعر: سيف احمداڻي
حسين وادي اجاڙ موسم
نگاه تڙپي لڇي رهي آ
سوال ڪهڙو پڇي رهي آ
نهار ٿورو اکيون ته کولي
،ونيون ورن کان کسن پيا ٿا
،ذليل ماڻهو هي سون جهڙيون
،ٻنيون به پنهنجون تڪن پيا ٿا
،پکي امن جا اڏامي ويا هن
،الائي ڪٿان هي عقاب آيا
،گلين ۾ وحشين هٿان وڃائي
،هو عصمتون ڪي شباب آيا
،جنابِ عالي اڃان ڀي ڏس تون
،گلاب پياسا گٽر پين ٿا
،تتي ٿڌيء ۾ اگهاڙي تن سان
،مزور هاري ڪيئن جيئن پيا
،اجالا آڻيوانڌيرا ٽاريو
،سويرا پنهنجا هي خون پيا ڪن
،چٻن کي روڪيو چٻن کي روڪيو
.تباه دل جو سڪون پيا ڪن