رضوان علي جمالي
سينيئر رڪن
سونهن سينگارجي هلي آهي،
واسجي وئي ڳلي ڳلي آهي۔
هن جي گفتار، ناز، فرمائش،
سادڙي آ صفا ڀلي آهي۔
هوءَ معصوم آ فرشتن جيان،
صاف دل آ ڪچي ڪَلي آهي۔
چاهتن جي جهان ۾ اڪثر،
دل ڳهيلي ڇو هيکلي آهي!
روشن گهانگهرو