مصور عالم
سينيئر رڪن
،تون چوين ٿي
،ماڻي وٺ مونکي مجني جيان
،۽ پيار ڏي مونکي پنهونء وانگي
،مگر ٻڌ جانان
،مجني جي زندگي جو مقصد صرف ليلا جي محبت هئي
،۽ پنهونء وٽ پيار کانسواء
،ٻي ڪا ذميواري نه هئي
،۽ مان
،منهنجي زندگيء جو مقصد
،صرف چاهت ناهي چري
،منهنجي ٻڍڙي امڙ
،جن خوابن جي ساڀيان لاء
،راتيون جاگي رليون ٽوپي
،منهنجي ڪتابن لاء پئسا ڪمايا
،پنهنجي پرآسائش زندگي ٺڪرائي
،ڏکن جا ڏونگر سر تي سٺا هئا
،تن خوابن جو جنازو ڪيئن ٿو ڪڍي سگهان
،نه هرگز نه
،سڀ کان پهرين مونکي
،امڙ جي انهن سپنن کي ساڀيان ڪرڻو آ
،۽ ان سان گڏوگڏ
،پنهنجي چاهت کي به چار چنڊ لڳائڻا آهن
،ها مڃان ٿو
،مڃان ٿو تنهنجي محبت خاطر
،مان تاج محل نٿو جوڙي سگهان
،مگر منهنجي دل جي اندر
،تنهنجي محبت جي جيڪا محلات اڏيل آ
،سا ان تاج محل کان هزار دفعا بهتر آ
،جنهن کي جوڙائيندڙ شاهجهان
،ممتاز جي ڀيڻ کي جيون ساٿي بڻايو
،شاهجهان وٽ شايد محبت جو ملهه
،تاج محل تي خرچ آيل رقم جيترو هو
،مگر مان محبت کي محدود رکڻ جو قائل ناهيان
، نه ئي محلات ٺاهڻ جي قابل آهيان
،ڇو ته مان شهنشاه نه پر شاعر آهيان
،منهنجي ملڪيت منهنجون هي سٽون آهن
،۽ مان توکي پنهنجي سموري ملڪيت ارپي ٿو ڇڏيان
،۽ ها
،تو پنهونء وانگر پيار ڏيڻ جو چيو آ
،چري مان مڃان ٿو
،ته پنهونء وانگرپنهنجو گهر ڇڏي
،تو وٽ نه ٿو اچي سگهان
،پر تنهنجا سسئي وانگر سور سهڻ
،سرير ۾ ساه هجڻ تائين
،سهي نه سگهندس
،ڇو ته منهنجي محبت زماني وانگر رواجي ناهي
،جو ڪم نڪتو ڪاڳر ڦاٽو واري ڪار ڪريان
،مون محبت کي فرض سمجهيو آ
،مون چاهت جي عبادت ڪئي آ
،ها
.مون چاهت جي عبادت ڪئي آ