• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ننڍڙي راءِ ۔۔۔

سهڻي پارس

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جي انتظاميه کي هِڪ ننڍڙي راءِڏيڻ چاهيندم ۔
ڇا اِهو سُٺو نه ٿيندو ته هر هفتي سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان هِڪ شاعر،اديب، دانِشور،سماجي ڪارڪُن،سياسي ماڻهو جوانٽريو شامِل ڪيو وڃي۔جِنهن پنهنجي ڪمَ کي گهڻي عرصي کان بهترين نموني نڀايو آهي۔۽ اِن ۾ جي اگر منهنجي ڪِنهن ساٿ جي ضرورت هوندي ته مان حاضر هوندس۔لائيو انٽرويوز هِن سنڌ ڌرتيءَ جي مهان ماڻهن جا۔۔۔۔
 
سنڌ سلامت جي انتظاميه کي هِڪ ننڍڙي راءِ ڏيڻ چاهيندم ۔
ڇا اِهو سُٺو نه ٿيندو ته هر هفتي سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان هِڪ شاعر،اديب، دانِشور،سماجي ڪارڪُن،سياسي ماڻهو جو انٽرويو شامِل ڪيو وڃي۔جِنهن پنهنجي ڪمَ کي گهڻي عرصي کان بهترين نموني نڀايو آهي۔۽ اِن ۾ جي اگر منهنجي ڪِنهن ساٿ جي ضرورت هوندي ته مان حاضر هوندس۔لائيو انٽرويوز هِن سنڌ ڌرتيءَ جي مهان ماڻهن جا۔۔۔۔

ادي اها راء ننڍي نه پر تمام وڏي ۽ اهم آهي۔ گهڻي وقت کان مان ۽ عبدالحفيظ لغاري پڻ اهو سوچي رهيا آهيون ته هر شعبي سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن کان سنڌ سلامت انٽرويوز جو سلسلو شروع ڪجي، پر هڪ ته انٽرويو رڪارڊ ڪرڻ واري مشين يعني هينڊي ڪيم ناهي ٻيو ته مصروفيتون به جهجهيون ٿي ويون آهن۔

اوهان جي راء سان مان 100 فيصد سهمت آهيان ۽ سائين نثارناز کي عرص ڪبو ته ان سلسلي ۾ اوهان ۽ سائين نثار حيدرآباد ۽ ڀرپاسي ۾ رهندڙ شخصيتن کان انٽرويو جو سلسلو شروع ڪيو، جڏهن ته ڪراچي ۾ رهندڙ دوست ڪراچي وارن کان انٽرويو ڪن۔ سڀني دوستن خاص ڪري سينيئر دوستن کي کي صلاح ڏجي ٿي ته اهي پنهنجا رايا پيش ڪن۔

انٽرويو وٺڻ کان اڳ ان شخصيت بابت هفتو اڳ فورم تي اها ڳالهه آڻجي جيئن دوست پنهنجا سوال به موڪلي سگهن۔
 
ڀيڻ مان اوهانجي را سان متفق آهيان ، ان سلسلي ۾ اهو به عرض ڪندو هلان ته سنڌ سلامت جا جيڪي اوورسيز ۾ ميمبر آهن ، انهن مان جيڪو دوست جنهن ملڪ ۾ آهي ، اتان جي رهندڙ معروف سنڌي شخصيتن کان انٽرويو جو سلسلو شروع ڪري ، ادا سليمان جي ڳالھ وانگر ته هينڊي ڪيم جي ڪمي سبب ڏکيائي ٿي سگهي ٿي ، مگر ضروري ناهي ته اسٽارٽنگ ۾ وڊيو انٽرويو ضروري هجن ، جن دوستن کي اها سهولت هجي اهي وڊيو انٽرويو وٺن ۽ جن دوستن کي ڪئميرا جي سهولت نه هجي اهي ، ڳالھ ٻولھ جي انداز ۾ تحريري انٽرويو وٺن ، باقي جيڪا سنگت ۽ انتظاميه جي صلاح ، ٻانهي وس پرين جي!
 
سليمان وساڻ ۽ آئون مختلف وقتن تي اهي پلان ٺاهيندا رهيا آهيون۔ پر جيئن سليمان ڳالهه ڪئي ته وقت جي ڪمي، هينڊي ڪيم جي نه هُجڻ ۽ ڪُجهه ٻين ٽيڪنيڪل مسئلن سبب اهو ڪم پورو نه ٿي سگهيو۔
پر ڏاڍي خوشي ٿي ته ادي سهڻي پارس جي تجويز کان گهڻو اڳ سنڌ سلامت جي انتظاميه پاران اهو طئي ٿي چُڪو هو ته اهو ڪم ڪبو۔ بهرحال دير آيد درست آيد تي سنڌ سلامت اڳي جيان وري به پورو لهندي، اها انتظامي لڏي سان ويجهڙائي هوندي آئون ساک ڏيندس۔
بنا وڊيو جي انٽرويو ۾ به ڪو حرج ناهي۔ بلڪه وڊيو آن لائن اسٽريمنگ ۾ مسئلو به ڪن ٿيون۔ (پر جتي جادوگر سَيان ذيشان رشيد هُجي اُتي اهي مسئلا ڪي ايڏا وڏا به ناهن) پر هتي ڪُجهه نواڻ جي طلب کي مدِ نظر رکندي وڊيو انٽرويو کي ئي ترٍجيح هوندي۔ وري به سنڌ سلامتي ڀائر، ڀينرن ۽ دوستن جي راءِ ۽ فني سهولتن کي مدِ نظر رکي ڪُجهه ڪبو۔
 
ت
سنڌ سلامت جي انتظاميه کي هِڪ ننڍڙي راءِڏيڻ چاهيندم ۔
ڇا اِهو سُٺو نه ٿيندو ته هر هفتي سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان هِڪ شاعر،اديب، دانِشور،سماجي ڪارڪُن،سياسي ماڻهو جوانٽريو شامِل ڪيو وڃي۔جِنهن پنهنجي ڪمَ کي گهڻي عرصي کان بهترين نموني نڀايو آهي۔۽ اِن ۾ جي اگر منهنجي ڪِنهن ساٿ جي ضرورت هوندي ته مان حاضر هوندس۔لائيو انٽرويوز هِن سنڌ ڌرتيءَ جي مهان ماڻهن جا۔۔۔۔


تمام سٺي صلاح آهي ، هِن تي عمل ٿيڻ گهرجي
 
Back
Top