• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪئي دل درد ديواني

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
محب مٺا منٺار يار، درس ڪئي دل درد ديواني
هوت هيڪر هِل مِل تون مان کي
ِِپرت منجهان پرڪار يار
ٻول ٻَڌي آهيان ٻهڳڻ ٻانهي۔
آهن اسان جا يار اوهان سين
آديءَ جا اقرار يار
پارڻ پيا پورا جيءَ جا جاني۔
قلبئون ڪر ڪو ڪَرم ڪُٺل تي
ڪل ڌڻي ڪلتار يار
هوتن لئه آهي هينئڙو حيراني۔
”وشننداس“ ڏک ڏرت ويا سڀ
بخشيا بخشڻهار يار
حرص منجهان هُڻ حال هساني۔
وشنداس نهالچند ڀارواڻي
 
Back
Top