سرنهن جي ڦولار ۾

رضوان علي جمالي

سينيئر رڪن
”سوز“ هالائي
وائي
تتر ٿو ٻولي، سرنهن جي ڦولار ۾۔
ڪيڙُو ڪيڙُو،پيو ڪري، کنڀڙاٽيون کولي،
سرنهن جي ڦولار۾ !
پنهنجي پنهنجي پرينءَ کي،هر ڪو ٿو ڳولي،
سرنهن جي ڦولار ۾ !
ماريءَ سندي وار جا، ڀؤ سڀيئي ڀولي،
سرنهن جي ڦولار ۾ !
آيو سرنهن کيت ۾، آزاديءَ اولي،
سرنهن جي ڦولار ۾ !
ُاڏرئا ڦوُل هوا ۾، ڦڳڻ کي ڦولي،
سرنهن جي ڦولار ۾ !
 
واهه واهه سائين هي ئي ڏينهن آهن سرنهن جي ڦولار جا۔۔۔ڳوٺ وڃڻ لا دل سڪي ٿي۔۔۔
اسان به وڃي گهمي اچون سرنهن جي ڦولار ۾۔
جيڪي گذريون جوانيون سرنهن جي ڦولار ۾
ها ڙي! اهي به ڇا ته ڏينهنڙا هوندا هئا
پنهنجا ڍور ڍڳا چاريندا هئا سين سرنهن جي ڦولار ۾۔۔
 
پنهنجي پنهنجي پرينءَ کي،
هر ڪو ٿو ڳولي،
سرنهن جي ڦولار ۾ !
خوبصورت چونڊ ۔۔۔۔ لاجواب​
 
Back
Top