هر شي جا به پاسا آهن ۔۔جتي ميڊيا معاشرتي سڌاري جو انقلاب آندو آهي اتي پڻ ان جي تباهي جو سبب به بڻيو آهي۔۔ رهيو نوجوان نسل جو مسئلو ته جڏهن ميڊيا ايتري ترقي يافته نه به هئي تڏهن به ڪنهن نه ڪنهن ريت بگڙجندڙ ماڻهو بگڙي رهيو هو۔ اهو سمورو سلسلو تربيت تي دارومدار ڪري ٿو، جن نوجوانن کي جهڙي تربيت ملي آهي اهي اهڙو ئي عمل ڪندا۔ باقي ميڊيا اهڙو رستو آهي جنهن وسيلي ڪير بگڙڻ گهر ته بگڙجي سگهي ٿو، ڪير سڌرڻ گهري ته سڌري سگهي ٿو، اها پنهنجي پنهنجي ذهني اوسر آهي ته ان کي ڪهڙي پاسي کڻي وڃي ٿو۔ جئين هڪ مثال پيش ڪيان ٿو۔۔ اڪثر منهنجي گهر ۾ منهنجا ننڍا ڀائر ڪا به فلم ڏسي رهيا هوندا آهن ته منهنجو بابا سائين انهن کي اچي پڇندو آهي ته توهان جو اها سموري فلم ڏٺي آهي ان فلم مان توهان ڪهڙو سبق حاصل ڪيو؟؟ ڪهڙيون سٺيون شيون ان منجهان حاصل ڪيون؟ يا خالي گانا، جهمريون ڏسي وقت برباد ڪيو اٿو؟۔۔ ان تي ننڍا ڀائر ڪو به جوب ڏئي نه سگهندا آهن۔۔ته بابا سائين چوندو اٿن ته جڏهن ڪجهه سٺو حاصل به نه ڪيو اٿو ته پو بيڪار ۾ ويهي وقت ڇو ٿا وڃايو؟؟
ان مٿئين مثال مان اوهان کي گهڻو ڪجهه سمجهه اچي ويو هوندو ته ميڊيا جتي بگاڙ جو سبب آهي ته اتي، سوچڻ ۽ سمجهڻ وارن لا بهتري جو سبب پڻ آهي۔