• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماستري جي اميدوارن لاءِ خوشخبري

ادا اجايا حوال آهن، پئسن عيوض نوڪري نه پئي ملي حڪومت جي سٺن ڪمن کي به ڳايو۔ استادن جي ڀرتي نج ميرٽ تي پئي ٿئي
 
ادا اڄ ڪنهن ٻڌايو ته دادو ۾ هڪ همراهه جي اها عادت آهي ته هو اميدوارن (سڀني کان) پئسا وٺي ٿو۔ ڪيترا اها خبر ڏيڻ وارن کي۔ پر پوءِ جيڪي پاس ٿيا انهن جا پئسا رکي ٻين کي واپس۔
ڳالهه اها آهي ته چار لک ۾ اوهان ڪو سٺو ڪاروبار شروع ڪري هلايو ته ماستري جي پگهار کان وڌيڪ آمدني هوندي۔ پر رشوت ڏيون به پاڻ ۽ لعنت به پاڻ وجهون۔
هنن نوڪرين ۾ پيپلن ويپلن جو اچي نه وڃي۔ هي پِن تي مليل پئسن مان نوڪريون پيا ڏين۔ جيڪي نج ميرٽ تي ٿينديون۔ باقي بي عقل پنهنجو حق به رشوت تي وٺن ته انهن تي ڪهڙي ميار۔
 
ادا اجايا حوال آهن، پئسن عيوض نوڪري نه پئي ملي حڪومت جي سٺن ڪمن کي به ڳايو۔ استادن جي ڀرتي نج ميرٽ تي پئي ٿئي
واقعي ادا نج ميرٽ کي سلام آهي بس فقط موبائيل ذريعي پيپر حل ڪيا ويا آهن ڇا حڪومت جي ايتري سپوٽ کي به نه ساراهجي؟
 
سائين ٽيسٽ اين ٽي ايس ورتي هئي جنهن کي قطعي اها اجازت نه هئي ته ڪو اوهان ڪاپي ڪرايو يا موبائيل جي ذريعي ڪاپي ڪرائڻ جي اجازت ڏيو، ايڇ ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ۾ واقعي ڪاپي هلي هئي پر پي ايس ٽي ۾ ائين نه هو۔ ۽ ڪاپي ٿيڻ يا ڪرائڻ اين ٽي ايس جي ڪوتاهي آهي۔ گورنمنٽ ته سڀ کان سٺي ساک رکندڙ اداري کان ٽيسٽ وٺرائي پنهنجو فرض پورو ڪيو۔
پر ادا ڪاپي ڪرڻ جي باوجود به پاس نه ٿي سگهڻ به ته اسان جي همراهن جي نااهلي آهي رهي ڳالهه ميرٽ جي ته سائين جيڪو پاس ڪري آيو آهي ۽ ٽاپ مارڪون اٿس ان کي ڇڏي سفارشي کي نوڪري نه ڏيندا ۽ اها ئي ميرٽ آهي۔ پئسن سان ماستري نه ملندي، جنهن به ٽيسٽ پاس ڪئي آهي ان کان سوا ٻين لا نوڪري جي گنجائش ناهي
 
Back
Top