شهدادڪوٽ ۾ 2007ع ۾ آيل ٻوڏ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ واحد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏9 فيبروري 2013۔

  1. واحد سومرو

    واحد سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 فيبروري 2013
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۾ انجنيئر
    ماڳ:
    شهدادڪوٽ..................ڪراچي
    شهدادڪوٽ ۾ 2007ع ۾ آيل ٻوڏ
    شيخ جاويد سنڌي
    29 جُون 2007 ء تي شهدادڪوٽ واسين تاريخ جي سڀ کان بدترين ۽ خطرناڪ ٻوڏ اکين سان ڏٺي، جنهن سنڌ بلوچستان جي دنگ چُکي (Chukkhi) وٽان داخل ٿي سنڌ حڪومت پاران نئين جوڙيل موجوده ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي تعلقن شهدادڪوٽ، قبو سعيد خان، قمبر ميروخان ۽ وارھ ۾ وڏي تباهي مچائي ڇڏي. جُون 2007 ء واري ٻوڏ ۾ برسات ۽ جابلو پاڻيءَ جي دٻاءَ جي ڪري هيٺين هنڌن تي گهارا پيا؛ 1 چُکي 2 سيٺ خداداد کوسو 3 صوفي محمد بخش کوسو 4 آڍي جو ڦاٽڪ / آڍو چانڊيو 5خوشحال مگسي 6 ستانوي هزار واري پل 7 عيسى پور 8 معشوق مغيري 9 غلام فاروق کوکر ۽ 10 خان واھ چيو وڃي ٿو ته ٻوڏ وقت بچاءَ بند کان اولھ پاسي اٽڪل 15 فوٽ پاڻيءَ جو تيز وهڪرو هو. بلوچستان کان ايندڙ هن ٻوڏ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي لڳ ڀڳ 300,000 لک ماڻهن کي دربدر ڪري ڇڏيو جنهن ڪري اٽڪل 9 ارب روپين جو نقصان ٿيو. تاريخ 24 جون 2007ء کان پوندڙ لاڳيتين تيز برساتين جي ڪري بلوچستان جي مُک بولان، ناڙي ۽ مُولھ نالي جابلو ندين ۽ شهدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان جي کيرٿر ڇپر جي کرغاني، مڙدان، نڙاني، بُز، الڪھ، ڍڍر، خُلاني، کنجي ۽ وهندڙي نئين ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. انهيءَ موقعي تي سنڌو درياءَ جي نهري شاخن ۽ جابلوءَ پاڻي اٽڪل 200,000 لک ڪيوسڪ پاڻيءَ جو زبردست وهڪرو کڻي چُکيءَ وٽان بچاءُ بند (Flood Protective Bund) تي دٻاءُ وجهي ان کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو. اندازن 7 کان 10 لک ڍورڍڳا ۽ ٻيو چوپايو مال رولهڙي جو شڪار ٿي ويو. ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ان ٻوڏ سبب 20 کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا، جن ۾ مرد عورتون ۽ ٻار شامل هئا. سارين جي پوک جي حوالي سان 2,42,25,00,000 روپين (في مڻ 380 روپيا) جو نقصان ٿيو. جڏهن ته ايندڙ مند ۾ پوکجندڙ 63,75,000 مڻ ڪڻڪ پڻ تباھ ٿي ويئي. ٻوڏ جي پاڻي اچڻ ڪري ماڻهن ۾ بخار، خارش، مليريا، گيسٽرو، ڇاتي ۽ چمڙيءَ جو مرض پيدا ٿيو. عورتن ۾ رت جي ڪمي(Anemia) تمام گهڻي هئي ڇو ته اهي نامناسب خوراڪ باوجود ڏينهن رات ڪم ڪري رهيون هيون.ٻارن ۾ ڳلي جو انفيڪشن (Throat Infection) ڏٺو ويو، جنهن سبب ڪيترائي ٻار ڪاڇي واري جوءِ ۾ علاج نه ملڻ ڪري مري ويا.
    ٻوڏ وارو سارو ڏيھه مختلف رنگن ۽ سائيزن جي نانگن سان ڀريو پيو هو. وڏي تعداد ۾ ڍڳيون، مينهون، رڍون ۽ ٻڪريون لڙهي مري ويون. سيهڙن، ڪبوترن ۽ پالتو پکين جو اڻ کٽ موت ٿيو. ٻوڏ دوران لکين خطرناڪ نانگ جهڙوڪ: کپر، لنڊيون، ڪاريهر، ٻه منهيون ۽ واسينگ وڻن ٻوٽن ۽ جهوپڙين تي چڙهي ويا، جتي ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏنگي وڌائون. بچاءَ بند ۽ ڳوٺن جي آسپاس ڪيترائي خوفناڪ جانور جيئن بگهيڙ، گدڙ، لومبڙ ۽ مرون جام ڏٺا ويا. ڪجھ علائقن ۾ واڳن جي لڙهي اچڻ جا به اطلاع مليا هئا. هن ٻوڏ کان پوءِ لڙهي ايندڙ مڇي اڻ کٽ تعداد ۾ پيدا ٿي جنهن ڪري ماڻهن ٻاچڪا ڀري ان مان خوب مزو ورتو.مجموعي طور تي 2007ء واري ٻوڏ ۾ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جا سمورا روڊ رستا، اسڪول، اسپتالون، واھ ۽ واٽر ڪورس ۽ فصل وڏي پئماني تي متاثر ٿيا. ان کان علاوه ضلعي موجود ماحولياتي نظام بُريءَ طرح متاثر ٿيو ۽ زرعي زمينون ڪلراٺي پاڻي بيهڻ جي ڪري ڀڙڀانگ ٿي ويون، جن ۾ وڏي انگ ۾ ڪَلِ ۽ ڪُتِ پيدا ٿي. جڏهن بکئي مال ان گاھ کي کاڌو ته اهو جلد مري ويو. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترن ئي علائقن ۾ جانورن جا ڍانچا کليل هوا ۾ پيل هئا. امام بخش جماليءَ وارن مقبرن سميت ڪيترائي قديم آثار ۽ تاريخي ماڳ مڪان ٻوڏ جي پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. ضلعي قمبر/ شهدادڪوٽ جي 7 تعلقن مان 5تعلقن جي 75 سيڪڙو زرعي زمين جيڪا 31,87,50 ايڪڙن تي مشتمل آهي، کري وئي. ان سبب24,225,00,000 روپين جي نقصان جو ڪاٿو لڳايو ويو. ضلعي ۾ ڪل 1226 ڳوٺ ڊٺا. پاڪستان سرڪار پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق بلوچستان کان ايندڙ هن ٻوڏ جي پاڻي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ کان علاوه دادو ضلعي جي ايراضيءَ ۾ ڪُل 245 ماڻهن جون جانيون کسي ورتيون، جن مان115 ماڻهو سنڌ ۾ مئا ۽ 130 ماڻهو بلوچستان ۾ لڙهي مري ويا. سنڌ ۾ اٽڪل 16000 گهر ڊهي پٽ ٿي ويا. جڏهن ته 107397 ماڻهو بي گهر ٿيا. ٻوڏ جي اثر ڪري 350,000 ايڪڙ زمين متاثر ٿي، جنهن مان 34,000 ايڪڙ زمين آباد هئي. صرف شهدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان تعلقن ۾ 1300 ڪچا گهر ڪري ناس ٿي ويا. ٻوڏ ۾ ماڻهو سر بچائيندي عورتون ٻار پنهنجا ڪراڙا ڪڍي روڊن ۽ واهن جي ڪناري وڻن هيٺان وڃي ويٺا. ٻوڏ ۾ ڪچيءَ پل جو قبرستان مهڙ ۾ ئي ٻڏي ميدان ٿي ويو، جنهن کان پوءِ قبو سعيد خان وارو مقام پاڻيءَ هيٺان اچي ختم ٿي ويو. افرا تفري چوٽ تي چڙهيل ڏسڻ ۾ آئي. مطلب ته سارو ملڪ پاڻيءَ هيٺ هو ۽ هر طرف رڳو ٽرڪون، بسون، ٽريڪٽر، جيپون، ويگنون، ڪارون، چنگچيون، ڏاند گاڏيون ۽ گڏھ گاڏا پئي نظر آيا. ماڻهو حراس ۽ خوف ۾ ورتل هئا، جنهن سبب ڏاڍا ٿڪل ڏسڻ ۾ آيا.سارين جو ٻيجارو ٻڏي ڪُٽو ٿي ويو. مال جي واپارين جي ٻيگهي مچي وئي جن غريب ۽ مجبور ماڻهن کان اڌ بھا ۾ چوپايو مال خريد ڪيو. 2007ء واري هن ٻوڏ ۾ چوري عروج تي رهي، جنهن دوران چور مختلف ٻوڏ سٽيل علائقن مان بجلي جا ٽرانسفارمر، جاين جا گاڊر ۽ ٻيو سامان رات جي وڳڙي ۾ ٻيڙين ذريعي چورائي ويا. حڪومت پاران اعلانيل 15,000/- روپيا في خاندان کي مليا پر بئنڪن جي مرحلي جي ڪري ڪافي ماڻهن جا پئسا رولهڙي جو شڪار ٿي ويا. ان کان علاوه بحاليءَ واري عمل ۾ سنڌ حڪومت طرفان اعلان ڪيل في خاندان لاءِ 100,000/- روپين جي ٽوٽل رقم يعني 6 ارب روپيا ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيا پر بعد ۾ آفيسرن ملي ڀڳت ڪري اهي پئسا هڙپ ڪري ڇڏيا. ٻوڏ دوران ڪيترائي ماڻهو قبو سعيد خان پاسي لڙهي گم ٿي ويا ۽ ان طرف ڪيترائي لاش لڙهندي ڏٺا ويا. ٻوڏ ۾ ماڻهن جا گهر ويا، ڪاٺ ڪِلا ويا، اناج ويو ۽ ڪيتروئي ئي قيمتي سامان به لڙهي ختم ٿي ويو. انهيءَ خوفناڪ ٻوڏ سبب ماڻهو ٻاڪٽ ڪندا روئندا رڙندا رهيا. ٻوڏ جي شروعات ۾ سڀ کان پهريان چُکي، سيفل سولنگي ۽ ڪچي پل جا شهر ٻڏا. عوامي نمائندن مان مير نادر علي خان مگسي ٻوڏ متاثر علائقن جا دورا ۽ اتي هلندڙ ڪم جي نگراني ڪري رهيو هو. ٻوڏ هلندي وزيراعلى سنڌ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ۽ صدر پاڪستان جنرل پرويز مشرف پڻ قبو سعيد خان واري جوءِ جو دورو ڪيو. هيءَ ٻوڏ آبپاشي کاتي جي لاپرواهي جي ڪري اڃان به وڌيڪ تباهي کڻي آئي ڇو ته گهارا بند ڪندڙ مشينون ۽ ماڻهو اڻلڀ هئا. هن سيلاب ۾ فوج ڪو به خاص ڪردار ادا نه ڪيو.
    ٻوڏ جي پاڻيءَ کان شديد متاثر ٿيندڙ ٻيا ڳوٺ هي آهن. سيٺ خداداد کوسو، غلام حيدر کوسو، جان محمد کوسو، نياز احمد کوسو، مرزا خان جاگيراڻي، رئيس غلام رسول چانڊيو، دودا خان چانديو، رئيس ڏتل جت، فقير محمد کوسو، غلام فاروق کوکر، ستانوي هزار پل، خان واھ، مرتضى چانڊيو، بڪار، نياز احمد چانڊيو، ميرپور ٻرڙو، صديق ٻرڙو، زر / علي شير ٻرڙو، حمزو خان ٻرڙو، محمد ڇٽل سولنگي، ڇهي ماڇي، گڊا، نيڪ محمد مغيري، پيروز مگسي، بدلو چانڊيو، علي محمد چانڊيو، مست علي کوکر، ياڪي مگسي، ٻيڙو چنو، صفر کوسو، علي شير کوکر، جيو مگسي، خليفو خان ٻرڙو، محمد صديق کوسو، عبدالڪريم کوسو، بگو دڙو، نري، رحيم بخش ڪاروزئي، لال ٻرڙو، سردار علي مستوئي، غلام قادر مغيري، بهرو چانڊيو، خان کوسو، دلوش خان مغيري، سونهارو چانڊيو، ڦولڙو، رئيس قائم مگسي، سونو خان مگسي، قائم خان چانڊيو، علي گوهر چانڊيو، سندو، رئيس راڄو خان چانڊيو، رپ وتو خان چانڊيو، ڇاڄڙي، محمد بخش بروهي، کبڙ، بهليم، موليڏنو کوسو، جاني بيگ جا بنگلا، بهرام مٿيون، لانگو، عمر قاضي، الاهي بخش مگسي، ٽيل، ميرڻ ماڇي، خيرو گاڏهي، فيض محمد جانوري، اڪبر مگسي، دوست محمد گوپانگ، شهباز، ڍُڪيون ۽ سونهارو چانڊيو وغيره. هي سمورا ڳوٺ تاريخ 31 جون 2007ء واري شام تائين ٻڏي چڪا هئا. ٻوڏ جي پاڻيءَ کي بلوڇستان جي ڪجھ علائقن ۾ هٿرادو طور جهليو ويو هو. پر ان جي باوجود اهو دٻاءُ رکي نيٺ جهل مگسي، ڪوٽ مگسي ۽ چُکيءَ وٽان ٽٽي پيو.
    جُون 2007ء واري ٻوڏ جا مُک ڪارڻ رائيٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين (RBOD)، ايريگيشن کاتي جي نااهلي ۽ ٿڌائپ علائقي جي جاگيردارن ۽ وڏيرن جي مداخلت ۽ رتوديرو گوادر موٽروي جي ايف پي بند وٽان غلط اڏاوتي رٿابندي هئا. يُو اين هيبيٽيٽ (UN.Habitat) پاران ڊسمبر 2007ء ۾ سمورين اين جي اوز پاران گڏ ڪيل انگن اکرن جي آڌار تي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ٻوڏ متاثرين گهراڻن جي هيٺينءَ ريت ورڇ ڪئي وئي؛ 1 قبو سعيد خان 12,261 ڪٽنب 2 وارھ 8848 ڪٽنب 3 قمبر 8381 ڪٽنب4 شهدادڪوٽ ۽ ميروخان 2000 ڪٽنب. ساڳئي نموني دادو ضلعي جي جوهيءَ ۾ 4176 ڪٽنب، خيرپور ناٿن شاھ ۾ 2728 ڪٽنب ۽ ميهڙ ۾ 2262 ڪٽنب ٻوڏ کان متاثر ٿيا. هن ٻوڏ دوران عالمي فلاحي ادارن پاران اين جي اوز کي ٻوڏ سٽيلن جي حوالي سان هيٺين سيڪٽرن ۾ ڪم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. 1- کاڌو (Food) 2- صحت (Health) 3- صاف پاڻي ۽ نيڪال (Watsan) 4- گهر(Shelter) 5- طبي امداد (Medical Support) 6- تعليم (Education) 7- گذرسفر(Livelihoods) 8- غذائيت جي ڪمي (Malnutrition) 9- بنا کاڌي وارا وڙ (Non Food Items) ۽ 10- پيئڻ جو پاڻي (Safe Drinking Water).
    ٻوڏن کان بچاءُ جا اپاءَ
    1سکر بئراج جي واهن جي بچاءَ لاءِ ڪڇيءَ کان وٺي بُوبڪ تائين انگريزي حڪومت 1933ء ۾ ٻوڏ بچاءُ بند (Flood Protective Bund) ٺهرايو. ان بچاءُ بند جي ڪُل ڊيگھ 172 ميل آهي.شروعات کان وٺي ان ۾ ٻوڏن ۽ برسات سبب ڪيترائي گهارا پيا آهن جن جو تاريخ وار وچور هن ريت آهي؛1936ء، 1939ءء 1942ء، 1944ء، 1948ء، 1953ء، 1956ء 1959ء 1963ء، 1967ء،1971ء، 1975ء، 1976ء، 1977، 1992ء، 1995ء ۽ 2007ء لاڳيتي مينهوڳين هن ڪچي بچاءُ بند جي عُمر کُٽائي ڇڏي آهي. 2007ء واري ٻوڏ اچڻ جو هڪ ڪارڻ بچاءُ بند جي ڪمزوري به هو.انهيءَ ڪري حڪومت پاران لکين ماڻهن جون جانيون بچائڻ لاءِ هن ٻوڏ بچاءُ بند جي جديد ۽ سائنسي طريقي سان اسٽون پچنگ (Stone Pitching) ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي هزارين ڳوٺن، شهرن ۽ واهڻن مٿان خطري جي تلوار پئي لڙڪندي! ان ڪم لاءِ ايماندار انجنيئرن، مخلص ٺيڪيدار ۽ جاکوڙي مزدورن جي چونڊ ڪئي وڃي. بچاءُ بند جي نئين سر تعميرات ۾ علائقي واسين، اين جي اوز جي نمائندن ۽ صحافين جي راءِ کي به نظر ۾ رکيو وڃي. ايف پي بند جي تعميراتي ڪم جي نگراني لاءِ ضلعي جي هر هڪ باشعور ماڻهوءَ کي سجاڳ ٿيڻ گهرجي.
    2شهدادڪوٽ جي اتر ۽ اولھ ۾ واقع سيف الله مگسي برانچ جون ڪڙون علائقي لاءِ ديوارِ چين جي حيثيت رکن ٿيون. ان ڪري لازمي آهي ته ان برانچ جي ٻنهي ڪڙن کي ڳڙهي خيرو کان وٺي چُکي تائين پٿر لڳائي مضبوط ڪيو وڃي. ان جي ڪپرن سان مختلف وڻ جهڙوڪ؛ ٻٻُر، ٽالهيُون ۽ ٻيريُون وغيره پوکيا وڃن ته جيئن شاخ جا ڪنارا مضبوط ٿين ۽ ٻوڏ ۽ واچوڙن جي سٽ سهي سگهڻ جي قابل ٿين. ساوڪ ۽ وڻن جون پاڙون مٽيءَ جي ڪپرن کي تمام گهڻو مضبوط ڪن ٿيون، جنهن سبب بچاءُ بند وڏي عرصي تائين ٻوڏن جو مقابلو ڪري سگهندا آهن.
    3- سنڌ حڪومت جي آبپاشي کاتي (Irrigation Department) کي دادو ضلعي واري نئن گاج(Gaj Nai) وانگر چُکي، زيرو پوائنٽ ۽ حمل ڍنڍ وٽ گيج سسٽم (Guage System) لڳائڻ گهرجي ته جيئن ٻوڏ جي پاڻيءَ، ان جي رفتار ۽ مقدار جي ڪٿ ڪري علائقي واسين کي هر گهڙي باخبر رکي سگهجي ۽ مناسب حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي.
    4- شهدادڪوٽ واري تر ۾ موجود سکر ۽ گُڊو بئراجن جي واهن، شاخن ۽ واٽر ڪورسن جي مُهڙ وارن زميندارن پاران کاٽي ڪانه ٿي ٿئي، جنهن سبب ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪونه ٿو ٿئي. ان لاءِ شاخن جي کاٽي تمام گهڻي ضروري آهي. شاخن کي وڌيڪ سوڙهي ٿيڻ کان بچائن لاءِ عوام ۾ شعوري آگاهي جي سخت ضرورت آهي.
    5- رتوديرو گوادر موٽررٿا جي تعمير ۾ بچاءُ بند جي اولھ طرف ٺلهن واريون وڏيون پُليون (Bridges)تعمير ڪيون وڃن ته جيئن ٻوڏ جو پاڻي انهن جي هيٺان سولائيءَ سان گذري ساروھ، حمل ۽ منڇر ڍنڍ طرف وهي وڃي.
    6- جيستائين تعلقي قبو سعيد خان واري علائقي ۾ موجود هيرالدين ڊرين (Hairdin Drain)واري سم پٽ نه ٿي ٿئي تيستائين هر دم علائقي ۾ ٻوڏ جو خطرو موجود رهندو. بلوچستان کان وهي ايندڙ هن سم اڳ ۾ ئي 18000 ايڪڙ زمين کاري ڇڏي آهي. ان لاءِ تجويز آهي ته آر بي او ڊي (RBOD) رٿا جلد کان جلد ربيع شاخ ۽ ايف پي بند سان شروع ڪري باقي ملڪ کي سم جي پاڻيءَ کان آجو ڪرايو وڃي. ان ريت سم ۾ بيٺل جهنگ ۽ ٻيلي جهڙي پَنِ ۽ ٻيو گاھ ازخود سُڪي سڙي ويندو ۽ هتان جا مقامي ماڻهو پٽ تي وري ٻيهر ڪڻڪُون ڪاهي سگهندا. ان حڪمت عمليءَ تي عمل ڪرڻ سان ٻوڏ جو پاڻي پنهنجي آڳاٽي قدرتي وهڪري يعني چُکيءَ کان داخل ٿي ساروھ ۽ حمل مان ڊُوھ ڪندو سڌو وڃي منڇر ڍنڍ ۾ پوندو، جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ نقصان ٿيندو.
    7- شهدادڪوٽ شهر ويجهو گذرندڙ آر بي او ڊي 3 (RBOD-III) سم نالي کي، جيڪو سيف الله مگسي برانچ وٽان گذرندو ڳوٺ محمد خان ڀُٽو، جانڊھ ۽ ڀانڙيءَ جي وانڍ ۽ اتان هيٺ وڃي ٿو، ختم ڪري ان کي سيف الله مگسي برانچ جي اترئينءَ ڪڙ سان گڏوگڏ کڻي وڃي بچاءُ بند جي اولھ ۾ آر بي او ڊي واري ڊرين ۾ شامل ڪيو وڃي. مطلب ته آر بي او ڊي جي ڊزائين لاءِ سرڪار کي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. آر بي او ڊي 3 رٿا مڪمل ٿيڻ سان شهدادڪوٽ شهر جي پاڙ ٺِڪريءَ تي ٿي ويندي ۽ اهو هر سال پيو ٻڏندو. نه صرف اهو پر ان جو ٻاهريون چوطرف وارو علائقو سم ۽ ڪلر ۾ وٺجي ويندو جنهن جي نتيجي ۾ مٺي پاڻيءَ جو جر ڪوڙو ٿي ويندو. ان ڊرين وسيلي حڪومت چاهي ٿي ته ڪشمور، روجهاڻ ۽ جيڪب آباد جو سم وارو پاڻي هيٺ نيڪال ڪيو وڃي. شهدادڪوٽ جي عوام کي آر بي او ڊي رٿا ختم ڪرائڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪرڻو پوندو.
    8- ايريگيشن جي بنگلن کي ساڳي انگريزن واري دور جي پوزيشن ۾ بحال ڪيو وڃي ته جيئن انهن ۾ چيف انجنيئر، سپرنٽنڊنٽ انجنيئر ۽ آبپاشي کاتي جا ٻيا عملدار اچي رهن ۽ آسپاس جي نهري نظام، واهن، شاخن ۽ واٽر ڪورسن جي سارسنڀال لهن. ماضيءَ ۾ اهڙا ايريگيشن بنگلا شهدادڪوٽ، بگو دڙو، قبو سعيد خان ۽ ستانوي هزار پُل وٽ جڙيل هئا. چون ٿا ته انهن ۾ رکيل کاڌي پيتي جو سامان(Crockery) چڱي ڀلي زميندار جي گهر ۾ به ڪونه هوندو هو.
    9- ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ قمبر شهدادڪوٽ وٽ ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ پلان (DDMP) ۽ فنڊز اڳ ۾ ئي موجود آهن، جن کي ايمرجنسيءَ ۾ استعمال ڪبو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته ضلعي حڪومت ان جو صحيح ۽ وقتائتو استعمال ڪري.
    10- حڪومت پاران ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي انتهائي حساس علائقن قبو سعيد خان، غيبي ديرو ۽ وارھ شهرن ۾ ٻوڏ کان بچاءَ جا مرڪز (Flood Relief Centers) قائم ڪيا وڃن، جتي گهارن کي بند ڪرڻ جو سامان جهڙوڪ؛ ٽريڪٽر، ٻيڙيون، ڪوڏاريون، بيلچا، رسا، لڪڙا، ٻاچڪا، ٽيڪم، وارِي، خيما، لانگ بُوٽ، ٻوريون ۽ ٻيو ضروري سامان موجود رکيو وڃي ته جيئن ايمرجنسيءَ مهل ٻوڏ ستايلن جي تڙ تڪڙ ۾ مدد ڪري سگهجي ۽ جلد کان جلد گهارا بند ڪري سگهجن.
    11- ساڳئي نموني سان قبو سعيد خان، غيبي ديرو ۽ وارھ ۾ ٻوڏ دوران مرڪزن (Flood Medical Centers) جو قيام ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ لاڀائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ دوائون، ٻارن ۽ عورتن جي خوراڪ، کير جا دٻا، نانگ، ڇتي ڪُتي ۽ خارش جون سُيون وغيره موجود هجن ته جيئن بروقت مريضن کي بچائي سگهجي.
    12- حڪومتي عملدارن جهڙوڪ؛ ايم اين اي، ايم پي اي، ناظمن، ڪائونسلرن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ صحافين جي نيٽ ورڪ جو هجڻ انتهائي ضروري آهي ته جيئن انساني همدردي جي بنياد تي جاني توڙي مالي نقصان کي گهٽائي سگهجي.
    13- سنڌ حڪومت پاران ميروخان، شهدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان تعلقن جي ٻوڏ متاثر نوجوانن کي اسپيشل پئڪيج ذريعي نوڪريون ڏنيون وڃن.
    14- سنڌو درياءُ گهڻو ڪري اپريل مهيني جي وچ ۾ ڦُوڪجڻ شروع ڪندو آهي، مئي ۽ جون مهينن ۾ ڍنڍون ڍورا، ڪپر ڪنارا، ڀري بيهندو آهي. جولاءِ ۽ آگسٽ وارا مهينا درياءَ جي چاڙھ جا مهينا هوندا آهن. ان جو وڏو وهڪرو آگسٽ يا سيپٽمبر جي پهرين اڌ ڌاري گذري ويندو آهي ۽ پوءِ سيپٽمبر ۾ ئي پاڻي ڇڄڻ لڳندو آهي. انهيءَ ڪري شهدادڪوٽ واسين کي گهرجي ته اُهي بارش پوڻ شرط ٻوڏ جي تياريءَ ۾ لڳي وڃن ۽ اهڙا ڪم ڪن جن سان برسات ۽ ٻوڏ کان محفوظ رهي سگهجي. مثال طور؛ ڪچين جاين ۽ گهرن کي گارو ڪرڻ، نيسارا ٺيڪ ڪرڻ ۽ گهر ۾ ٺَڪ ٺُڪ ڪرڻ وغيره. مطلب ته ٻوڏ کان بچاءُ جي لاءِ ريهرسل ڪرڻ گهرجي. ان مشق ۾ گهر جا ڀاتي، اوڙي پاڙي وارا ماڻهو، اسڪائوٽس، شهري رضاڪار ۽ اين جي اوز جا والنٽيئر به بهتر ڪم ڪري سگهن ٿا
    15- هر سال جون جولاءِ ۽ آگسٽ مهينن ۾ ٻوڏن ۽ انهن جي اثرن بابت هر تعلقي هيڊڪوارٽر ۾ کليل ڪچهريون، گڏجاڻيون ۽ ڪانفرنسون ڪرڻ گهرجن، جن ۾ ماضيءَ جي ٻوڏن ۽ ان جي تباھ ڪارين کان علاوه شاندار سماجي ڪم ڪرڻ وارن ماڻهن جو بيان ڪندي کين خراج تحسين پيش ڪيو وڃي. ان حوالي سان اسان وٽ ڪيترائي نالا آهن، جهڙوڪ؛ خانبهادر سرائي پير بخش خان کُهاوڙ وڏو، مهراج گوپي ڪرشن، ڪامريڊ الاهي بخش قريشي، هرُومل سُندراڻي، سيٺ جمع خان شيخ، نظام الدين سومرو، ديوان موٽيو مل، سيف الله سومرو ۽ وهاب پندراڻي وغيره.
    16- گورنمينٽ کي گهرجي ته ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ٻوڏ کان اڳواٽ بچاءُ جي نظام (Early Warning System) کي جلد کان جلد لاڳو ڪري ته جيئن ايمرجنسيءَ وقت ماڻهو ان مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري سگهن.
    -17 ڳوٺاڻن کي گهرجي ته اهي ٻوڏ وارن علائقن ۾ دڙن ۽ مٿانهين تي پنهنجا گهر اڏين ۽ هر وقت پاڻ سان گڏ ٻوڏ کان بچاءُ جو سامان ساڻ رکن. ذاتي حوالي سان عورتن ۽ ٻارن کي پاڻيءَ ۾ ترڻ جي سکيا ڏني وڃي ته جيئن اهي ٻوڏ دوران پنهنجون جانيون پاڻ بچائي سگهن.
     
  2. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سنڌ جي تاريخ جي بد ترين ٻوڏ هئي۔۔مها ٻوڏ بابت انگن اکرن تي مشتمل بهترين ونڊ ۔
     
  3. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    بهترين ونڊ۔۔۔۔ لاجواب شيئرنگ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو