• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

6 ڊسمبر ۔۔ سنڌي ثقافت جو ڏينهن ۔۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
گذريل ڪجهه ڏيهاڙن کان سنڌ ۾ اجرڪ ۽ ٽوپيءَ جا رنگين منظر پوري لينڊ اسڪيپ تي ڇانيل آهن ۽ سنڌ جي تقريبن سياسي، سماجي ۽ ساڃاهه وند حلقن پاران اڄوڪي ڏينهن کي ٽوپيءَ جو ڏيهاڙو ڪري ملهايو پيو وڃي يا ٻين لفظن ۾ ثقافت جو ڏينهن ڪري ملهايو پيو وڃي. واضح هجي ته سرڪاري سطح تي توڻي غير سرڪاري سطح تي ڪئلينڊر جي ڪنهن به ماهه سال ۾ هي ڏينهن ڪو ٽوپيءَ جي ڏيهاڙي يا وري ثقافت جي ڏيهاڙي طور ڊڪليئر ٿيل نه آهي پر اهو سڄو تحرڪ اردو ٻوليءَ جي هڪ بااثر نجي ٽي وي چئنل جي هڪ پروگرام ۾ صدر آصف علي زرداريءَ جي سنڌي ٽوپيءَ تي طنزيه جملي کان پوءِ شروع ٿيو آهي. ان سنڌ ۾ هڪ عجيب ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي آهي. ساڳي وقت هڪ حد تائين ان کي اوهان mass frenzy به چئي سگهو ٿا.

ثقافت هر قوم جو مذهب کان به وڌ حساس نوعيت جو مامرو ٿئي ٿو. هر قوم کي پنهنجي ثقافت ٿئي ٿي جيڪا منفرد به هجي ٿي ۽ اتم به هجي ٿي. جي ڪير ڪنهن ثقافت ۽ تهذيب و تمدن تي چٿر ڪري ٿو ته سمجهو ته اهو پنهنجي ثقافت ۽ تهذيب تي گوليءَ جو نشانو چٽي رهيو آهي. ڪنهن جي به ڪلچر ۽ ٻوليءَ ڏانهن ڪروڌ ۽ نفرت وارو اظهار ڪرڻ نه جُڳائي. سنڌي ته ان حوالي کان انتهائي شاهوڪار آهن جيڪي هر ڪنهن جي ثقافت، ٻولي ۽ تهذيب و تمدن جو احترام ڪري ڄاڻين. 5 هزار سالن جو تهذيب و تمدن رکندڙ ڌرتي پنهنجي ماڻهن کي اهو گڻ عطا ڪيو آهي ته ان پويان پسمنظر به اوترو ئي قديم آهي.

اڄ جي ڏهاڙي جي حساب سان ڪجهه تصويري جهلڪيون حاضر آهن۔۔۔

ڪنڊيارو؛ گرلس هاءِ اسڪول جون شاگردياڻيون ثقافتي ڏهاڙو ملهائي رهيون آهن
10.jpg



شڪارپور: شهري اجرڪ ۽ ٽوپي پائي ثقافتي ريلي ڪڍي پئي وڃي
3.jpg


سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾ لاڙڪاڻو ۾ هزارين نوجوانن پاران ڪڍيل جلوس
5.jpg


مٺي ۾ ناريون ثقافتي ڏينهن جي سلسلي ۾ پريس ڪلب وٽ ميڻ بتيون ۽ ڏيئا ٻاريندي
9.jpg


ٺٽو؛ سنڌ جو ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي سلسلي ۾ ٺٽي ۾ هزارين نوجوانن پاران ڪڍيل ريلي
8.jpg


جناح اسپتال ۾ ڪئمپ
Sindhi_Cultural_Day_Karachi.JPG


ڪراچي ۾ ريلي
Sindhi_Cultural_Day1.JPG


وشهروفيروز ۾ ريلي
Sindhi_Cultural_Day_Jacobabar.JPG


روزاني عبرت جي تعاون سان
 
واه سائين رشيد پيارا اوهان جي محنت کي سلام آهي هي هيترن شهرن جي رڪوري رپورٽ اوهان ڪيئن هٿ ڪئي اوهان کي جس هجي تمام پياري شيرنگ آهي۔
 
Back
Top