سمونڊ جن جي سوڄ

سمونڊ منهن ٿيا سالک منجهان سوچ
لهوارا ٿي لوچ ڪرن سدان سير ۾

سمونڊ ڏانهن هلو سنجي ساجهر سڀ
رڇ هجن راه ۾ ڄارا هي اڻ لڀ
سڀن تا ت طلب ماريون هن موزي کي

سمونڊ جي شڪار جا ڪٺي ٿيا ڪوڏيا
ويهن ڪين سانت سا ن سڙه جن لوڏيا
دشمن دل ڌوڏيا آيا سڀ اڪير سان

سمونڊ جن جي سوچ سي صابر ٿي نه سمهن
وڙهن ويرن سان ، پاڻي پڙلائن
ڇولن ساڻ ڇلن اڳيان منزل مامرو

مير ملاح موچارا سمونڊ جن جو سک
چمڪن چوڌاري ڏين نه ڪنهن کي ڏک
بحر بحري بادشاه ڇولين ۾ آ تک
او مالڪ مهر سان تن توڏن کي تون رک
پکا ۽ هي پک آس اميد تو ڌڻي
 
Back
Top