رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
سرنهن گل ڦولاريا وڻن پيا نظارا
سڄي سونهن ڌرتي سڀئي ساه پيارا
سرنهن گل ڦولاريا وڻن پيا نظارا
خوشين ۾ خماريل نظر نيهن ڦاٿل
اڪيچار احساس اهي نينهن نيارا
سرنهن گل ڦولاريا وڻن پيا نظارا
ڌرتي هار پائي سيني ساڻ لاتا
خوش هاري ناري ٿيا ڌڻن وارا
سرنهن گل ڦولاريا وڻن پيا نظارا
ويو سي پچرون پيارن هلن پيون
ڪکاون گهرن ۾ اجها ٿيا اجارا
سرنهن گل ڦولاريا وڻن پيا نظارا
هي چاڏيون ڀريل کير ڏهن ڏيه واريون
کائي گاه گگدام سگها ٿيا ويچارا
سرنهن گل ڦولاريا وڻن پيا نظارا
سڄي سونهن ڌرتي سڀئي ساه پيارا
سڄي سونهن ڌرتي سڀئي ساه پيارا
سرنهن گل ڦولاريا وڻن پيا نظارا
خوشين ۾ خماريل نظر نيهن ڦاٿل
اڪيچار احساس اهي نينهن نيارا
سرنهن گل ڦولاريا وڻن پيا نظارا
ڌرتي هار پائي سيني ساڻ لاتا
خوش هاري ناري ٿيا ڌڻن وارا
سرنهن گل ڦولاريا وڻن پيا نظارا
ويو سي پچرون پيارن هلن پيون
ڪکاون گهرن ۾ اجها ٿيا اجارا
سرنهن گل ڦولاريا وڻن پيا نظارا
هي چاڏيون ڀريل کير ڏهن ڏيه واريون
کائي گاه گگدام سگها ٿيا ويچارا
سرنهن گل ڦولاريا وڻن پيا نظارا
سڄي سونهن ڌرتي سڀئي ساه پيارا