رياضت ٻرڙو
سينيئر رڪن
سجاد علي چنا
سگريٽ جو نشو اڄڪلهه جي ڪچي وهي وارن نوجوانن توڙي پڪي عمر جي ماڻهن۾ عام ٿي ويو آهي۔هي نشو تفريح کان شروع ٿي موت تي ختم ٿئي ٿو۔
سڀ کان پهريان اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته سگريٽ ۾ ڪهڙا ڪهڙا جزا شامل آهن۔سگريٽ ۾ 7000 کان وڌيڪ ڪيميائي جزا هوندا اهن۔انهن جزن ۾ وڏو تعداد نڪوٽين(Nicotine) جو هوندو آهي جيڪو سگريٽ جو عادي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو۔انهن 7000 ڪيميائي جزن ۾ سوين نشه آور جزا هوندا آهن، جڏهن ته 70 جزا ڪينسرجو سبب بڻجن ٿا۔ انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ڏيندڙ جزن ۾ ليڊ (Lead)، ريڊان (Radon)،تار (Tarcol)،ريڊيم (Radium)، ڪاربان مون آڪسائيڊ (carbon monoxide)، امونيا (Ammonia)، هائڊروجن (Hydrogen)، سائنائيڊ (Cynide)۽يورينيم (Uranium) شامل آهن۔ جيڪڏهن انهن جزن جي باري ۾ لکڻ اچجي ته درجنڪتاب جا لکي سگهجن ٿا۔
هاڻي اچو ته سگريٽ ۽ نشي جي باري ۾ ڪجهه ڇرڪائيندڙ حقيقتون ڏسون:
* گهڻن سائنسدانن جي مطابق نشئي ماڻهو عام زندگي کان 14 سال گهٽ جيئن ٿا۔
* دنيا ۾ تقريبن 1۔1 بلين نشو واپرائيندڙ ماڻهو رهن ٿا جن ۾ 300 ملين نشائين جو واسطو چين سان آهي۔
* برطانوي سائنسدانن موجب هر اهو سگريٽ جيڪو اسان ڇڪيون ٿا اهو اسان جي زندگي جا 11 منٽ گهٽائي ٿو۔
* نشي جي ڪري چمڙي ۾ رت جي فراهميگهٽجي ٿي جيڪا اوهان جي جسم ۾ وٽامن اي (Vitamin -A) جي کوٽ جو سبب بڻجي ٿي، نتيجي ۾ چمڙي جو رنگ هيڊو ٿي وڃي ٿو ۽چمڙي ۾ گهنج پئجي وڃن ٿا۔
* هڪ اندازي موجب دنيا ۾ تقريبن 3000 موتاڻ سڌي طرح يا ڪنهن ٻئي جي نشيجي ڪري ٿين ٿا۔
* جيڪڏهن اوهان نشو ڪريو ٿا، اهو اوهان جي گهر جا ڀاتين، مِٽَنمائٽن،دوستن ۽ احبابن لاءِ سڌو سنئون خطرو آهي۔
* گزريل هڪ منٽ ۾ 7 ماڻهو نشي جي ڪري موت جي منهن ۾ هليا ويا هوندا يعني هر اٺن سيڪنڊن کان پوءِ هڪ موت جو سبب نشو آهي۔
* ڦڦڙن جي ڪينسر، رت جو دورو وڌڻ، دل جو دورو، چمڙي ۽ وات جي ڪينسر جهڙن خطرناڪ بيمارين جو وڏو سبب پڻ نشو واپرائڻ آهي۔
* نشو واپرائيندر ڳورهاري عورتن ۾ ٻار جي ضايع ٿيڻ جا خطرا وڌيڪ هوندا آهن۔
* ڦڦڙن جي ڪينسر جي مريضن ۾ 90 سيڪڙو نشو واپرائيندڙن جو آهي۔
سو سائين منهنجا، جيڪڏهن اوهان هي تحرير غور سان پڙهي آهي ۽ اوهان به سگريٽڇڪيو ٿا يا ڪنهن به قسم جو نشو واپرايو ٿا، ته مون کي اميد آهي ته اوهانجيڪڏهن نشو واپرائڻ ختم نه ڪندَو ته گهٽ ۾ گهٽ، گهٽ ضرور ڪندَو۔ پنهنجو ۽پنهنجن جو خيال رکو۔ اوهان پنهنجن دوستن ۽ عزيزن لاءِ اهم آهيو۔
سگريٽ ڇڪڻ يا نشو واپرائڻ بابت ڪجهه ڇرڪائيندڙ حقيقتون