عبدالخالق ميڻو ٽِي.بِي: هڪ وچڙندڙ بيماريٽي بي يعني تپ دق يا سلهه، هڪ خطرناڪ وچڙندڙ بيماري آهي، جيڪا هڪ خاص قسم جي جيوڙي ”مائيڪو بيڪٽيريم ٽيوبر ڪلوسس“ سبب ٿيندي آهي. اهو جيوڙو ساهه کڻڻ ذريعي جسم ۾ داخل ٿيندو ۽ ڦڦڙن تي حملو ڪندو آهي. ڦڦڙن کان سواءِ هڏن، بُڪين، دماغ، غدود، اک ۽ چمڙي وغيره کي متاثر ڪندو آهي. ڦڦڙن جي ٽي.بي هڪ مريض کان ٻي صحتمند ماڻهوءَ ڏي هوا جي ذريعي پهچي ويندي آهي. مريض جي کنگهڻ سان تقريباً 10 لک جيوڙا خارج ٿيندا آهن، جيڪي چَوگرد صحتمند ماڻهن ۾ داخل ٿي ويندا آهن. هن بيماري جو حملو خاص طور انهن ماڻهن تي جلد ٿيندو آهي، جن جي قوت مدافعت ڪمزور هوندي آهي. ان سان گڏوگڏ غربت، لاعلمي ۽ بي پرواهي به ان مرض جي پکڙجڻ جو اهم سبب آهن، تنهنڪري ان جو علاج وڌيڪ توجهه سان ڪيو ويندو آهي ۽ بروقت علاج پڻ ممڪن آهي. هيءَ بيماري تمام قديم آهي ۽ ان جي جهونائيءَ جو اندازو ان مشاهدي مان لڳائي سگهجي ٿو ته ٽي.بي جا جيوڙا فرعون جي زماني جي ممين (محفوظ ٿيل لاشن) ۾ موجود هئا. ٽي.بي هر عمر ۾ ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن ڦڦڙن جي ٽي.بي وارو مريض پنهنجو علاج نه ٿو ڪرائي ته ان جي ڪري هڪ سال ۾ 20 نوان مريض پيدا ٿي سگهن ٿا. دنيا جي، ٽيون حصو آبادي ان مرض ۾ مبتلا آهي، جنهن جو صرف 75% حصو غريب ۽ ٽين دنيا، آفريڪا ۽ ايشيا ۾ موجود آهي. ائين سمجهجي ته گذرندڙ وقت جي هر سيڪنڊ ۾ هڪ نئون مريض ان مرض جي ور چڙهي ٿو. پاڪستان ۾ هن وقت اندازاً 45 لک ماڻهو ٽي.بي ۾ مبتلا آهن. غربت، لاعلمي ۽ لاپرواهيءَ سبب هر سال وڌيڪ 5 لک مريضن جو اضافو ٿي ويندو آهي. پر افسوس آهي ته طاقتور ذراع ابلاغ ۽ 100 سيڪڙو ڪامياب علاج هوندي به، اسان وٽ ڏينهون ڏينهن ان جي مريضن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. دنيا ۾ ان جي آگاهيءَ لاءِ هر سال 24 مارچ تي ٽي.بي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. ڇا اها موروثي آهي؟ ٽي.بي موروثي بيماري نه آهي. هوا ۾ ان بيماري جا لاتعداد جيوڙا موجود هوندا آهن. جيڪي صحتمند ماڻهوءَ جي ڦڦڙن ۾ داخل ٿي اندر هڪ زهريلو مادو ڦهلائيندا آهن. اهو مادو ڦڦڙن جي اندرين تهه کي زخم رسائيندو آهي. آهسته آهسته اهو زخم وڌي وڻ ٿي ويندو آهي. نتيجتاً سور محسوس ٿيندو آهي ۽ پوءِ واسطيدار نشانيون ظاهر ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن. نشانيون: 3 يا 3 هفتن کان وڌيڪ کنگهه جيڪا عام دوائن سان ٺيڪ نه ٿئي. اڪثر ڪري يا شام وقت هلڪو بخار ٿيڻ، رات جو گهڻو پگهر نڪرڻ، اڀ ساهي ٿيڻ، وزن ۾ کوٽ، بک ختم، کنگهه دوران بلغم ۾ ڪڏهن ڪڏهن رت جو اچڻ. مٿين نشانين جي ظاهر ٿيڻ يا شڪ جي بنياد تي، مريض کي ڪنهن ويجهي اسپتال وٺي وڃجي ته جيئن مريض جي وقتائتي ۽ ٺيڪ چڪاس ٿي سگهي. ٽي.بي ڪنهن کي ٿي سگهي ٿي؟ ٽي.بي هر عمر ۾ ٿي سگهي ٿي. ٽي.بي جي بيماري ٿيڻ جي خطري جو دارومدار ان ڳالهه تي آهي ته هڪ صحتمند ماڻهو ڪيترو وقت ٽي.بي جي مريض سان گڏ گذاري ٿو، جيئن مريض سان هڪ ڪمري ۾ سمهڻ. مٺن پيشابن جو مريض، جنهن جي مٺاڻ جي سطح ظابطي هيٺ نه اچي. متوازن غذا جي کوٽ يا ڪنهن ٻي بيماري جي ڪري ڪمزوري. سگريٽ يا تماق واپرائيندڙ ماڻهو. ايڊز جي بيماري ۾ ورتل ماڻهو. ٽي.بي ڦڦڙن کان علاوه ڪهڙن عضون ۾ سگهي ٿي؟ ڦڦڙن کان علاوه ٽي.بي جو جيوڙو رت وسيلي جسم جي ٻين حصن جهڙوڪ: هڏن، بُڪين، دماغ، غدود، دل، اک ۽ چمڙي، جنسي عضون وغيره کي پڻ متاثر ڪندو آهي. ٽي.بي جا قسم: ٽي.بي جا هن وقت تائين صرف ٻه قسم دريافت ٿي سگهيا آهن. هڪ عام ٽي.بي آهي جنهن جو علاج عام دوائن وسيلي ڪارگر ثابت ٿئي ٿو ۽ مريض چاق ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته ان جو ٻيو قسم ايم.ڊِي.آر (MDR)آهي. ٽي.بي جي ان قسم ۾ مرض ايترو ته شديد هوندو آهي جو ٽي.بي جون عام دوائون ڪارگر نه ٿينديون آهن. اهڙي صورت ۾ ان جو علاج مهانگو، ڏکيو ۽ تمام ڊگهو هوندو آهي. جڏهن ته مريض کي تڪليف به گهڻي پهچندي آهي. ٽي.بي جا جيوڙا ڪيئن پکڙبا آهن؟ ٽي.بي جا جيوڙا مريض جي ٿڪ اڇلائڻ، کنگهڻ، نڇڻ يا وري ڏاڍيان ڳالهائڻ جي ڪري مريض کان هوا ذريعي ٻي صحتمند ماڻهو ۾ منتقل ٿي ويندا آهن. گنجائش کان وڌيڪ ماڻهن جو هڪ هنڌ رهڻ، غير هوادار ڪمرو ۽ ماحولي گدلاڻ وغيره سان به جيوڙا پکڙبا آهن. ٽي.بي جا جيوڙا هيٺين ڳالهين جي ڪري نه ٿا پکڙجن: مريض جي ڪپڙن، ٿانوَن ۽ ٻين شين کي استعمال ڪرڻ سان. مريض سان هٿ ملائڻ سان. مريض جي هٿ سان پچايل ماني کائڻ سان. علاج شروع ٿيڻ جي ٽن هفتن کان پوءِ مريض جي کنگهڻ يا نڇڻ سان به بيماري ٻي ماڻهو تائين منتقل ٿيڻ جا امڪان ختم ٿي ويندا آهن. ٽي.بي جي تشخيص جا طريقا: لڳاتار ٽن ڏينهن جي بلغم جو خورد بيني ذريعي معائنو. ڇاتيءَ جو ايڪسري. رت جي چڪاس. کَل/ چَم جي چڪاس. جيڪڏهن ڳچيءَ يا بغلن جي آس پاس ڳوڙهيون آهن ته پوءِ FNA چڪاس. مرض جي شدت جي حوالي سان ڪڏهن ڪڏهن CT Scan يا MRI جي به ضرورت پئجي سگهي ٿي. ٽي.بي جو علاج: بيماري جي تصديق ٿيڻ کان پوءِ بنا ڪنهن وقفي جي علاج شروع ڪبو آهي. علاج لاءِ مختلف قسمن جون دوائون مريض کي ڏنيون وڃن ٿيون، جن جي مدت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ 6 مهينا آهي، پر اسان جي ملڪ جي مدت 8 مهينا مقرر ٿيل آهي. غريب ۽ لاچار ماڻهن لاءِ پاڪستان سرڪار، عالمي اداري صحت (WHO)جي نگرانيءَ هيٺ پوري ملڪ ۾ DOTS جي طريقيڪار موجب ۽ Mercy Corps جي تعاون سان مفت چڪاس ۽ علاج جي مرڪزن جو ڄار وڇايو آهي، جتي عالمي معيار جي موجب دوائون مفت تقسيم ڪيون وڃن ٿيون. ٽي.بي جي علاج لاءِ هيٺ ڏنل هدايتن تي عمل ڪريو: ٽي.بي جو علاج؛ بيماريءَ جي خاتمي لاءِ 100% ڪامياب آهي، جنهن وسيلي مريض جي جان آجي ٿي ويندي آهي، پر ان لاءِ هيٺين سخت هدايتن جي ضرورت هوندي آهي: * علاج ايسيتائين بند نه ڪريو جيسيتائين ڊاڪٽر نه چوي. * ٽي.بي جي خاتمي لاءِ اٺ مهينا لڳاتار علاج لازمي آهي. * سڀئي دوائون هڪ ئي وقت استعمال ڪريو. * علاج دوران باقاعده طور مريض کي پنهجي اکين جو معائنو ڪرائڻ گهرجي، ڇو ته ان جي علاج ۾ هڪ اهڙي دوا به شامل آهي جيڪا نظر کي متاثر ڪري سگهي ٿي. * دوائون روزانو ناشتي کان هڪ ڪلاڪ پهرين نيراني يا ماني کا ٻن ڪلاڪن بعد ڪنهن ڀاتيءَ جي نگهبانيءَ ۾ استعمال ڪيو. * علاج دوران تماق پيئڻ ۽ شراب وغيره کان پرهيز ڪجي. * طبيعت ۾ بهتري اچڻ سان علاج اڌ ۾ نه ڇڏڻ گهرجي. * ياد رکو جيسيتائين ٽي بي جو هڪ به مريض موجود آهي تيسيتائين ان بيماري کان ڪوبه محفوظ نه آهي، تنهنڪري ٽي.بي جي مريض جو علاج مڪمل ڪرائڻ ۾ ان جي مدد ڪريو. * حمل دورانٽي.بي جون دوائون استعمال ڪرڻ سان ٻار کي ڪوبه نقصان نه پهچندو آهي. * علاج دوران ماءُ پنهنجي ٻار کي کير به پياري سگهي ٿي. ٽي.بي کان بچاءَ جا اپاءَ: * جڳهه جڳهه ٿڪڻ کان پرهيز ڪريو، ٽي.بي جي مريض جي ٿڪ ۾ موجود لکين جيوڙا هوا ۾ پکڙجي ويندا آهن ۽ ٻين لاءِ به بيماريءَ جو سبب بڻبا آهن. * نڇڻ يا کنگهڻ جي وقت منهن تي رومال يا ڪپڙو رکو. * معائني جي لاءِ پابنديءَ سان ڊاڪٽر وٽ ويندا رهو ۽ ڊاڪٽر جي هدايتن تي عمل ڪريو. * جنهن ڪمري ۾ رهو ٿا ان ڪمري جا در ۽ دريون کليل رکو. * ٽي.بي جي مريض سان گڏ هڪ ڪمري ۾ گهڻا ڀاتي نه سمهو. * واش روم کان ٿي اچڻ کان پوءِ معياري صابڻ سان هٿ ڌوئو. * پنهنجي نون ڄاول ٻارن کي حفاظتي ٽڪو (ويڪسين) بي سي جي ضرور لڳرايو.
تمام سٺي شيئرنگ ۔۔۔۔ ڪو زمانو هو جڏهن ٽي بي اسان جي ملڪ ۾ گهڻو نقصان ڪيو ، ان وقت ٽي بي جو ڪو قابل عمل علاج ڪونه هو ۔۔۔ اڄ به ٽي بي جو مرض موجود آهي پر ان سبب ٿيندڙ موت ۾ گهٽتائي آئي آهي۔ اسان کي گهرجي ته احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري پاڻ کي صحتمند رکون۔