گیت ھیر گھلندي وجي، ماک پوندي وجي، رات 'نرندي وجي، یاد تنھنجي اچي، نند. فٹندي وجي، چا کیان چا کیان، چند. ڈادو وٹي، نیٹ مونڈي کٹي، ھانء م چک ھٹي، ياد تنهنجي اجي، تانگھ توڈي تٹي، چا کیان چا کیان! گوٹ وارا سمھن، کیت بارا سمھن، چند،تارا سمھن، یاد تنھنجي اچي، سور سارا اثن، چا کیان... گانگ بھت تي لنوي، گرھ ھث مان کري، شل نہ کا اک فري، یاد تنھنجي اچي، باھ بھڑکي بري، چا کیان... ساز وجندا رھن، گیت نچندا رھن، درد دکندا رھن، یاد تنھنجي اچي، نیٹ ٹمندا رھن، چا کیان چا کیان! چو نہ عیدون اچن، رنگ خوشیون رچن، محب موجون مچن، یاد تنھنجي اچي، ساھ ثدڑا کجن، چا کیان چا کیان چا کیان چا کیان.
. ادا استاد بخاري جي بهترين شاعري اوهان ونڊ ڪئي آهي مگر لکت ۾ ڪٿي ڪٿي توهان جي لکت مزو ڇڏي ٿي وڃي ان کي صحيح ڪري لکندو ته مهرباني ٿيندي۔ادا استاد بخاري اسان جي دادو شهر جو بهترين شاعر سان گڏ بهترين ۽ مڻيادار ماڻهون هو استاد بخاري صاحب هڪ سادا ۽ فقيراڻي طبيعت جا مالڪ هئا۔. استاد بخاري جي سادگي جو انداز اهيو هو جو بخاري صاحب دادو ڪاليج ڪڏهن پيرين پنڌ، ته ڪڏهن سائيڪل تي. ته ڪڏهن ٽانگي ۾ ايندا هئا. ۽ ڪچهري جاڪوڏيا ۽ محفل جا مور هوندا هئاڪڏهن هوٽل ۾ ته ڪڏهن روڊ رستن تي ماڻهن سان پيا ڪچهري ڪندا هئا. دادو شهر ۾ اڪثر اسٽيج پروگرام گهڻا ٿيندا هئا. جڏهن ۾ ڪي ٽي اين جا مشهور اداڪار منان عباسي ۽ عبدالله ملاح، ٽوني قريشي، افضل پنهور، سجاد سهاڳ، غلام نبي ڀنڊ،اسان خوني ماڻهون، وارا اسٽيج پروگرام ڪرائيندا ( الله ڀلو ڪري سائين علي قاضي صاحب جو جنهن جي ٽي وي چينل کولڻ سان اهي سڀ دادو جا اداڪار ڪم سان لڳي ويا ۽ ٻه ڏوڪڙ ڪمائي ٿا وٺن۔ ورنه اهي سڀ ويچارا دادو شهر مان دڪاندارن کان چندو ڪري پروگرام ڪندا هئا ۽ ماڻهن کي تفريح مهيا ڪري پاڻ کيسه خالي گهر پهچندا هئا۔ )هئا ته ان ۾ هميشه خاص مهمان استاد بخاري صاحب جن هوندا هئا. دادوجا ماڻهون استاد بخاري جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا.... ادا موقعي جو فائدو ڏسي ڪري مان به هڪ استاد بخاري صاحب جون ڪجهه سٽون توهان سان ونڊ ڪريان ٿو. نه گناهه آهيون، نه ثواب آهيون اسين ته ڏينهن ڏٺي جا خواب آهيو. اکيون بند ڪرين ته ڪنڊا ئي ڪنڊا ، جي کولين ته گلاب آهيــــــــــون. جي نه پڙهين ته آهيون ڪورا ڪاغذ، جي پڙهين ته ڪئين ڪتاب آهيون، بس يار ڪريون ٿا اوهانجي غلامي نه ته استاد اسين پاڻ نواب آهيون.
ادا بلکل استاد تمام سادو ء بھترین ماٹھو ھو ان جو ثبوت ھن جی شاعری آھی، ء ادا توھان لکٹ جی گالھ کئی تہ ادا مون وٹ موبائیل آھی، جنھنکری ایئن لکجی ثو، ء توھانجی تمام وڈی مھربانی.
استاد بخاري سنڌ جو هڪ هميشا چمڪندڙ ستارو آهي جيڪو ڪڏهن ب وسامندو ڪون، سندس شاعري سنڌي قوم لاء وڏو اتساء آهي، بخاري سنڌ آهي ء سنڌ بخاري آهي، کين ڪير ب جدا ن ٿو ڪري سگهي.
ٻيلي هي ڪلام ڪافي وقت اڳ ٻڌو هئم... ان کان پوءِ مسلسل ان تلاش ۾ آهيان ته اهو ڪلام وري ٻڌڻ لاءِ ملي. .. اڌ خواهش پوري ٿي وئي جو ٻول ملي ويا.. باقي جي ڪو دوست انهي ڪلام جي لنڪ ڏئي سگهي ته واه واه ٿي وڃي..
جيئن ته شاعري اردو ٻولي جي الفابيٽ کي استعمال ڪندي پوسٽ ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري ٺيڪ سان سمجهه نه آئي. سو مون انهي کي سنڌي الفابيٽ جي اکرن ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.. گيت هير گهلندي وڃي، ماڪ پوندي وڃي، رات ٺرندي وڃي، ياد تنهنجي اچي، ننڊ ڦٽندي وڃي، ڇا ڪريان! ڇا ڪريان. چنڊ ڏاڍو وڻي، نيڻ مون ڏي کڻي، هانءَ ۾ چڪ هڻي، تانگهہ توڏي تڻي، ڇا ڪريان... ڳوٺ وارا سمهن، کيت، ٻارا سمهن، چنڊ، ٻارا سمهن، ياد تنهنجي اچي، سُور سارا اٿن، ڇا ڪريان.... ڪانگ ڀت تي لنوي، گرهه هٿ مان ڪري، شل نه ڪا اک ڦري، ياد تنهنجي اچي، باهه ڀڙڪي ٻري، ڇا ڪريان... ساز وڄندا رهن، گيت نچندا رهن، درد دکندا رهن، ياد تنهنجي اچي، نيڻ ٽمندا رهن، ڇا ڪريان... ڇو نه عيدون اچن، رنگ خوشيون رچن، محب موجون مچن، ياد تنهنجي اچي، ساهه ٿڌڙا کڄن، ڇا ڪريان، ڇا ڪريان ڇا ڪريان، ڇا ڪريان... استاد بخاري