نثارابڙو
نائب منتظم
ساجن تنهنجي سڪ ۾ مان ته سڪان سارو ڏينهن،
محبـــــت آهي مينهن، جيڪا روز وهايان نيڻـن مان.
سڪ ســـــڃڻ ۽ ســــــــــور، ٽيـــــــئي اکر هـــــــڪڙا،
اهو مڙوئي ڪوڙ، جــــي سڪ هجي ۽ سڄڻ نه ملي.
منهـنجا يار مٺــا!، مونــکان ٿي نه پـــــري،
منهنجي توکان سوا، گهڙي ڪانه سري،
مونکي ڪهڙي خبر، ائين ٿيندو آ،
ســـڄو ساهه سڄــــــــڻ ۾ هوندو آ،
غــــم ايندو آ، لـــــهي وينـــــــدو آ،
پر هــــــت ته رڳـــــو ٿي باهــه ٻري.
جنهن ڏينهن ڏسڻ کان ٿيو آ جدا،
رڳو جهــــوري آ، هڪ ڄاڻي خدا،
پنهنــــجي جان ڪريان توتان فدا،
ان ڳڻـــــتيءَ ۾ منهنجو انـدر ڳري.
يا خـــــــدا! تـــــون ته جهــــان به پئــــــــــدا نـــه ڪــرين هـــــان،
جي جهان به پئدا ڪيئـــي ته موت پئــــدا نـه ڪــرين هـــــان،
جي مــــــوت به پئدا ڪيئـــــي ته دوزخ پئدا نه ڪرين هـــــان،
جي دوزخ به پئــــــد اڪئيــــــي ته محبــت پئدا نه ڪرين هان،
جي محبت به پئــــــدا ڪيئي ته مونــــکي پئدا نه ڪــرين هان،
جي مونکي به پئدا ڪيئي ته منهنجو جاني پئدا نه ڪرين هان،
جي جانــي به پئـــــدا ڪيئـــــي ته مونــکان جدا نه ڪرين هان.
توســــان يار وئي منهنجـــــي دلــــــــڙي اڙي،
گهاري ڪانه سگهان، مان هڪڙي گهڙي،
تنهنـــــجي ســــــورن ۾ پئــــي جــــان ڳري،
مل يـــــار، اچـــــــي اڄ پيــــــــــر ڀــــــــــري.
غريب آهيان، وطن کان ڏور آهيــان،
ڀلائـــــڻ ســـــان به نٿــــــو ڀلجــــــان،
يار مان ماڻهون ڪو عجيب آهيان.