سر سامونڊي داستان پهريون 1 پَڳَہَ پاسي گھارِ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي؛ وجِھي جِيُ جَنجارِ، جِمَ وَڃَنِئِي اوهِرِي. 2 پَڳَہَ پاسي پَچُ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي؛ مَنَ ۾ ٻاري مَچُ، جِمَ وَڃَنِئِي اوهِرِي. 3 پَڳَہَ پاسي ويہُ، آيَلِ! سامُونڊيُن جي؛ تون ويسِرِي وِکَ کَـڻِين، هو پُورِيندا پَرَڏيہُ؛ سَمُنڊُ جِن ساڻيہُ، ڪوهُ نه ويئِينءَ تِن سين؟ 4 نَنگَـرَئُون نيڻين، مَنُ اولِيءَ نه اوهِري؛ سَٻاجھين سيڻين، پائي ڳُڻَ ڳِهِيو هِنئون. 5 سيئِي جوڀَنَ ڏِينهَن، جڏهن سَڄَڻَ سَفَرِ هَليا! رُئان رَهنِ نه سُپرِين، آيَلِ! ڪَريان ڪِيئن؟ مُونکي چاڙهي چِيئَن، ويو وَڻِجارو اوهِري! 6 نه سي تڙِ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جُون! سَرتيُون سامُونڊين جا، اَڄُ پِڻُ چِڪِيَمِ چاڪَ؛ مارِينِمِ فِراقَ، پاڙيچيُون پِريُنِ جا. 7 وِيا اوهِرِي اوءِ، مُونکي ڇڏي ماڳَهِين؛ جُڳَنِ جا جُڳَ ٿيا، تِئان نه موٽيو ڪوءِ! گُوندَرُ ماريندوءِ، ويچارِي! وِيَنِ جو. 8 اُونهي ۾ اوهِرِي، جڏهن ويا جي؛ موٽِي ماڳِ نه آئِيا، ماءِ! سامُونڊِي سي؛ کارو تنِين کي، جيڪُسِ وَهُ ورِي ويو! 9 اُهِرِيا جِئائِين، ڍُڪَنِ تِن تَڙائيين! سامُونڊينِ، سائِين! واءُ سَڻائو وارِئين! 10 سامُونڊِيَڪو سَڱُ، آهي گُوندَرَ گاڏُئون؛ انگنِ چاڙهي اَنگُ، ويو وَڻِجارو اوهِرِي! 11 وڃيئِي وِسرِي شال! جو تو سودو سِکِيو؛ اَڃا آئين ڪالَ، پڻ ٿو سَفَرِ سَنبهِين! 12 ڳِرِيو جَھليو روءِ، مَٿي مُهُري هَٿڙا؛ کوءِ! سودو سَندوءِ، جو تون، ڍوليا! سِکِيو. 13 اُلوڙَڻَ نه ڏِئي، وَرُ وِڌائين وَنجَھ کي؛ رَهُ اَڄوڪِي راتِڙِي، لالَنَ! مُون لائي؛ وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ، سُپرِين! 14 جيڪُسِ نِٻَرُ نِينهُن سَندومِ؛ جئن مون بِيٺي هُن ٿيلِيو؛ سعيو سامُونڊِيُن سين، اَڳهِين تان نه ڪَيوم؛ وِجَھڻُ مَنجِھ هُئومِ، پاڻُ وراڪي رَسِ سين. 15 ٻيڙِيءَ جي ڀُڻَنِ، نِينهُن نه ڪَجي تِن سين؛ اُڀيُون ڏَنڀَ ڏِسَنِ، جُه سِڙهُ ڏيئِي سِيرَ ٿيا. 16 هِنئَڙو ٻيڙِيءَ جان، ڏُتَڙِ پئي ڏينهن ٿيا! پُڇيو تان نه پِريان، ڪَرَلاهُو ٿِي ڪڏهين. 17 سَرَ نِسرِيا پاندَ، اُتَرَ لڳا، آءُ پِرِين! مُون تو ڪارَڻَ، ڪانڌَ! سَهِسين سُکائُون ڪَيون. 18 جيڪر اَچي هاڻِ، ته ڪريان رُوحَ رُچَندِيُون؛ آيَلِ! ڍولِئي ساڻُ، هوندَ ڳَرِ لڳِي ڳالھيون ڪَريان. 19 آيَلِ! ڍولِئي ساڻُ، اَچي ته جھيڙِيان؛ لايَءِ ڏِينهن گھڻا، مون سين ڪَيَءِ ٿورڙا. 20 لاهِيندا ئي ڪَنِ، ڳالھيُون هَلَڻَ سَندِيُون؛ ڏِيندا مُون ڏُکَنِ، وَهَ وِجھندا جِندڙو! 21 مونکي جِياريو، پِرِيُنِ جي ڳالھ ڪري؛ ڊَٺو اَڄُ اَڏِيو، هِنئڙو ڪوٽَ بُرجَ جئن. 22 چِمڪيون چَوڌارَ، ڌَڄُون ڌاڙيچنِ جُون؛ ماءِ! سامُونڊِي آئيا، سَهسين ڪَري سِينگارَ؛ اُنِين جي پَچارَ، ڪالھونڪَرَ ڪانگُ ڪَري. وائي آيَلِ! ڪَريان ڪِيئن؟ منهنجو نِينهُن اَپليو نه رهي. ويو وَڻِجارو اوهِرِي، مونکي چاڙهي چِيئَن؛ سامُونڊين جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينهن؛ اُڏوهِيءَ جئَن ڏُکَڙا، چَڙهيا چوٽيءَ سِيئَن؛ گُوندَرَ مٿان جِندڙِي، وَريا وَليُن جِيئَن؛ مادَر! پائي مُنڊِيُون، وڃان هادِيءَ سِيئَن. داستان ٻيو 1 اَڄُ پڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃڻَ جُون؛ هَلڻَ هارا سُپِرِين، رُئان تان نه رَهَنِ؛ آئُون جَھـلِيندِي ڪيترو؟ آيَلِ! سامُونڊين؛ پَڳَہَ ڇوڙي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾. 2 لاهِيان جي نه چِتان، اَلا! اُنِ مَ وِسران! مَڙِهيو مَنجھاران، جِيُ مُنهنجو جن سين 3 تَڙين تَنوارِينِ، ماءِ! سامُونڊِي آئِيا؛ مونکي جِيارِينِ، وايُون وَڻِجارَنِ جون. 4 لَڳي اُتَرَ اوهِريا، واهُوندي وَرَنِ؛ آئُون گھڻو ئِي گھورِيان، سؤدو سامُونڊِيَن؛ اَڱَڻِ جن اَچَنِ، عِيدَ وَرتِي اُنِ کي. 5 اَڱَڻِ آئِيا جان، ته سَرَتِيُون مون سُکَ ٿيا؛ اَمُلَ پِرِينءَ مٿان، ٻَرڪِيو ٻـين ڏيان. 6 سِڙهَ ٿي سِبيائُون، بَندَرَ جَن تَڙنِ تي؛ سِڙهَ سِبِي ساڄا ڪري، کُوها کَنيائُون؛ بيرَقُون بحرنِ ۾، ڇوڙي ڇَڏيائُون؛ لَهريُون لَنگھيائُون، لُطف سان لَطِيفُ چَئي. 7 سِڙهَ ٿي سِبيائُون، بَندَرَ جِن تَڙنِ تي؛ مُلان مُعلِمَ خبرون، پُڇِي پُوريائُون؛ سُتَڙُ سوٺِيائُون، اَوَتَڙِ ڪنهن نه اولِيا. 8 بَندَرَ ديسان ديسِ، مُلھ نه مِلي وارِئين؛ فَقِيراڻي ويسِ، اَمُلَ ڏِيَن اَتوريا. 9 اُڀيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَهُون وَڻجارنِ جون؛ آڻيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي، سمُونڊ کي. 10 جَرَ ٿَـڙَ ڏِيا ڏي، وَڻَ ٽِڻَ ٻَڌي وانئُـٽِـيُون؛ اَلا! ڪانڌُ اچي، آسائتِي آهيان! 11 جا جَرَ جاٽُون نه ڏِئي، ڏِيا نه موهي؛ سَڌُون ڪوهُ ڪَري، سا پنهنجي ڪانڌَ جون؟ داستان ٽيون 1 پُران، مانَ پُڄان؛ بَندَرَ مون ڏُورِ ٿِيا؛ نه مُون هَڙَ نه هَنجَ ڪِي، جو آئُون چَئِي چَڙهان؛ اِيهين ڪَجِ، پاتِڻِي! جنهن پَرِ پِرِينءَ مِڙان؛ ڪارُون تي ڪَريان، تو دَرِ اُڀِي، ناکُـئا! 2 هَڙَ ۾ ڪِينَ هُئونِ، هُنئِين هُنِ نه چاڙهيا؛ سارو ڏِينهُن سمنڊَ تي، لهِي سِجُ وِيونِ؛ جڏهين سائينءَ سَببُ ڪَيونِ، تڏهن سُتَڙِ ٿيا سَيَّـدُ چئي. 3 اسان اُڌارا، آڻي آوَنگَ چاڙِهيا؛ مُنهُن ڏيئِي مُون آئِيا، سَمُهان سِيارا؛ اُڀِرَنِ سيِڪارا، پَسو وَرَ ٻـين جا. 4 مون اُڀي تَڙَ هيٺِ، پِريُنِ پَڳَہَ ڇوڙِيا؛ ڪا مُونهِين ۾ ڏيٺِ، ناتَ سَڄَڻَ سَٻاجھا گھڻو. 5 مون اُڀي تَڙ پاسِ، پِريُنِ پَڳَہَ ڇوڙِيا؛ هو اَلله هارَ اُهِرِيا، آئُون دَمِ دَمِ دُعا ڪَندياس؛ آهَ نه لاهِيندياس، موٽِي ايندا مان ڳَري. 6 کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽيا؛ سَودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائُو؛ موتِي جي مَهراڻَ جا، تِن جا طاماعُو؛ سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا. 7 لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لَيء لَنڪا جي اوهِرِيا؛ سُڻِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نه سامُونڊيُنِ؛ پِرِهَ پَڳَہَ ڇوڙِيا، کاري کيڙائُنِ؛ وَڏي ڀاڳ ڀِڙنِ، جي ڪَهيا ڪارُونڀار ڏي. 8 وَڻجارنِ ورِي، پِرِهَ پَڳَہَ ڇوڙِيا؛ اولِيُون پَسِي اُنِ جون، پِيَڙَمِ ڳَچَ ڳَرِي؛ وينديسِ، ماءِ! مَرِي، ساري سامُونڊيُنِ کي. 9 وَڻجاري جِي ماءِ، وَڻجارو نه پَـلِئين؟ آيو ٻارهين ماهِ، پڻ ٿو سَفَرِ سَنبهَي! 10 وَڻجاري ڪانڌاءِ، مُون وَرُ ويٺي گھارِيو! لَڳي اُتَرَ واءُ، ڍولِيو هَلڻَ جون ڪري. 11 جي تون وَڻجارو ڪانڌُ، ته مُون هَڏِ مَ لائون لَڌيُون! پَرَ ڏيہَ مٿي سانگُ، اَٺـئِي پَهرَ جنهن ڪيو. 12 ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊيُنِ سِڙهَ سَنباهِيا؛ وِجھيو وَرُ ونجَھ کي، روئي وَڻجارِي؛ مارِيندَءِ مارِي! پِرِهَ سُورَ پِريُنِ جا. هن سُر جي اينٽري عبدالرحيم نظاماڻي صاحب ڪئي.
ادا مگسي تمام بهترين شيئرنگ آهي، پر جيڪا به پوسٽ کوليان ٿو فقير ان ۾ اڳ ۾ ئي موجود آهي. هائو ٻيلي جادوگر جو ٿيو.