• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جيئي سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ وارا جيئن هوسڙي شهر کان رپورٽ

نثارناز

سينيئر رڪن
هوسڙي شهر جي ڳوٺ خُدا ڏنو پنهور ضلع حيدرآباد ۾ سنڌي ٽوپي ۽ سنڌي اجرڪ وارو قومي ڏينهن ڏاڍي اُتساهه ۽ محبت سان ملهايو ويو، جنهن ۾ اتي جي چڱن مڙسن الله سائين جي حضور سنڌ جي سلامتيءَ جون دُعائون گهري هن ڏينهن جو آغاز ڪيو، انهيءَ ڳوٺ جي اسڪول خُدا ڏنو پنهور جي ننڍڙن سنڌي شاگردن ۽ سنڌي شاگردياڻين ان اسڪول جي اُستادن رنگا رنگي سنڌ جي سونهن اجرڪ اوڊي ۽ سنڌي ٽوپي سر تي سجائي سنڌ جي ثقافت ۽ ورثي سان پنهنجي پريم جو اضهار ڪيو پيش آهن اهي رنگا رنگ سونهن ڀريل تصويرون (رپورٽ ۽ تصويرون عبدالغفور سمون هوسڙي شهر)

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين شاهه سائين جي لازوال بيت سان دعائون گهري هن ڏينهن جو آغاز ڪيو ويو​

DSCF0425.JPG


DSCF0424.JPG

ڳوٺ خُدا ڏنو پنهور هوسڙي اسڪول جا معصوم سنڌي شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي استادن سان گڏ سنڌ امڙ جي روايتي ثقافت ۽ تهذيب سنڌي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پائي پنهنجي ٻهڪندڙ چهرن سان​

DSCF0354.JPG


DSCF0347.JPG


DSCF0355.JPG


DSCF0358.JPG


DSCF0345.JPG


DSCF0354.JPG


DSCF0350.JPG
 
ساري دنيا جي سونهن کان سرس ٿا ڀانيون پنهنجي اجرڪ ۽ پنهنجي سنڌي ٽوپيءَ کي يارو

سنڌي دوستو سنڌ جي دل شهر حيدرآباد ۾ پڻ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ وارو ڏينهن نهايت ئي جوش وخروش سان ملهايو ويو۔۔۔۔۔۔ پيش آهن سنڌ سلامت جي ڪئمرا مين عبدالغفور سمون جون موڪليل چند تصويرون۔

DSCF0413.JPG


DSCF0397.JPG


DSCF0416.JPG


DSCF0415.JPG


DSCF0396.JPG


DSCF0390.JPG


DSCF0414.JPG

سنڌ سلامت جا ساٿيو حيدرآباد ۽ ڳوٺ خُدا ڏنو پنهور اسڪول جا انهيءَ سلسلي جا وڊيو پڻ عبدالغفور سنڌ سلامت جي حوالي ڪيا آهن جيڪي ايڊٽ ڪرڻ کان پوءِ ڏينهن ٻن ۾ سنڌ سلامت اسٽوڊيو ۾ اپ لوڊ ڪيا ويندا۔۔۔۔۔۔۔۔
 
سنڌ توکي سلام

ڪالهه سنڌين کي ٽوپي اجرڪ ۽ ثقافتي رنگ ڍنگ ۾ ڏسي اصل دل باغ بهار ٿي وئي ... ڇا ته سنڌ هئي ڇا ته سنڌي هئا ... اصل ڄڻ ته ڪي آسمان کان ڪا قوم لهي آئي هجي جنهن ۾
ايترو اتفاق، ايتري ٻڌي ۽ ايتري هڪجهڙائي !!!

الله در دعا آهي ته سنڌي هر ان مامري تي جنهن ۾ سنڌ کي ڪو نقصان رسندو هجي يا فائدو، ايئن گڏ ٿين، ايئن ئي پاڻ ملهائن ته هوند سنڌ هڪ جنت جهڙو ملڪ ٿي پوي ...

الله در دعا آهي ته هو سنڌ کي سکيو رکي، سنڌين کي نظر بد کان بچائي ۽ اسان سنڌين کي هڪ مٽ ٿيڻ جو توفيق عطا فرمائي ... آمين

اٺو اوهيــــڙا ڪري، عاشــــق مٿي اڄ،
ڏور ڏڪاريا ڀڄ، مينهن منهن ڏيکاريا.
 
اٺو اوهيــــڙا ڪري، عاشــــق مٿي اڄ،
ڏور ڏڪاريا ڀڄ، مينهن منهن ڏيکاريا.

واهه ادا واهه، تمام بهترين شيئرنگ آهي
 
Back
Top