سنڌ توکي سلام
ڪالهه سنڌين کي ٽوپي اجرڪ ۽ ثقافتي رنگ ڍنگ ۾ ڏسي اصل دل باغ بهار ٿي وئي ... ڇا ته سنڌ هئي ڇا ته سنڌي هئا ... اصل ڄڻ ته ڪي آسمان کان ڪا قوم لهي آئي هجي جنهن ۾
ايترو اتفاق، ايتري ٻڌي ۽ ايتري هڪجهڙائي !!!
الله در دعا آهي ته سنڌي هر ان مامري تي جنهن ۾ سنڌ کي ڪو نقصان رسندو هجي يا فائدو، ايئن گڏ ٿين، ايئن ئي پاڻ ملهائن ته هوند سنڌ هڪ جنت جهڙو ملڪ ٿي پوي ...
الله در دعا آهي ته هو سنڌ کي سکيو رکي، سنڌين کي نظر بد کان بچائي ۽ اسان سنڌين کي هڪ مٽ ٿيڻ جو توفيق عطا فرمائي ... آمين
اٺو اوهيــــڙا ڪري، عاشــــق مٿي اڄ،
ڏور ڏڪاريا ڀڄ، مينهن منهن ڏيکاريا.
sindhsalamatsaathsal