دوست ڄامشورائيءَ جي نالي، جو ڪيترن ڏينهن کان فورم تان غائب آهي ... پپو حسابن جي استاد سان استاد پپوءِ کان حسابن جو هڪ سوال ڪيو پپو ٻڌاءِ ته مون توکي ٻه سيهڙ ڏنا وري ٻه سيهڙ ڏنا ۽ وري ٻه سيهڙ، ٻڌاءِ ته تو وٽ هاڻ گهڻا سيهڙ ٿيا؟ پپوءِ جواب ڏنو؛ 7 استاد ٿورڙو پريشان ٿيندي چيو؛ پپو ڌيان سان ٻڌ مون توکي ٻه سيهڙ ڏنا وري ٻه سيهڙ ڏنا ۽ وري ٻه سيهڙ، ٻڌاءِ ته تو وٽ هاڻ گهڻا سيهڙ ٿيا؟ پپوءَ جواب ڏنو؛ 7 استاد اصل مٿي کي جهليندي چيو چڱو ڀلا هن طرح سان ٻڌاءِ مون توکي ٻه صوف ڏنا وري ٻه صوف ڏنا ۽ وري ٻه صوف، ٻڌاءِ ته تو وٽ هاڻ گهڻا صوف ٿيا؟ پپوءَ جواب ڏنو؛ 6 چڱو هاڻ ٻڌاءِ مون توکي ٻه سيهڙ ڏنا وري ٻه سيهڙ ڏنا ۽ وري ٻه سيهڙ، ٻڌاءِ ته تو وٽ هاڻ گهڻا سيهڙ ٿيا؟ پپوءَ جواب ڏنو؛ 7 استاد چريو ٿيندي چيو ؛ پپو يار! اهي 7 تون ڪٿان آندا؟ پپوءُ ڏاڍي معصوميت سان جواب ڏنو ؛ سائين مون وٽ گهر ۾ هڪ سيهڙ اڳ ئي موجود آهي ...
سائين فقير بابا، ڀلا اهو پپنو ڪير آهي، ڳالهه ته پپوءَ جي هئي پر اهو ن – نٿ جو واڌارو ٿي ويو آهي، اهو ساڳيو ئي پپو آهي يا ڪو نئون يار پئدا ٿيو آهي ...؟؟؟ shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
هائو ادا عبدو! اسانوارو دوست ڄامشورائي اڃان اسلام آبادي نه ٿيو آهي انڪري ڦيڻا به ڪم ڪنٿا پر جي اسلام آبادي ٿين ٿا تن تي ڦيڻا به ڪم ڪونه ڪن ... مالش (عربيءَ واري) suhnan saan
دوست دلبر، جاني، تنهنجي ڏسڻ لئه مون وڏا وس ڪيا، مطلب ته تو لئه به ڪافي ڦيڻا وڌا هياسون پر ڪهڙي خبر ته اسان وارن ڦيڻڻ کان به مٿي واري ذات آهي ... جنهن بابا سائينءَ کي زخمي ڪري وڌو ۽ اسان وارا ڦيڻا اثر ئي وڃائي ويٺا ... پر جيستائين قصي جي خبر پوي تيستائين سمجهيوسون ته اسلام آباد وارن تي ڦيڻا ڪم ئي نٿا ڪن !!! بابا سائينءَ جي طبيعت ڪيئن آهي؟ مالش ( عربيءَ واري)
سائين ان مهربان ذات جو ڪرم آهي جيڪا جي رحمتن جي سائي هيٺيان پورو جهان پيو آهي، هاڻي بابا سائين جي طبيعت ڪافي بهتر آهي.
سائين پنهنجا سڏين ۽ اسان سڏ نه ورنايون ته پوءِ ڪهڙا پنهنجا ٿياسين اسان۔۔۔۔ HaqMojood هتي ئي آهيون ادا۔۔۔۔