روزمرهه جي معمولات ۾ اسان کي اڄڪلهه گهڻو ڪري ڪيترين ئي بيمارين کي منهن ڏيڻو ٿو پوي۔ انهن مان گهڻين بيمارين جو سبب کائڻ ۾ احتياط نه ڪرڻ به آهي۔
حجاج بن يوسف پنهنجي وقت جي قابل حڪيمن کي گهرائي انهن کي چيو ته صحتمند رهڻ جا ڪي راز ٻڌايو ؟
ان وقت جي مڃيل حڪيمن کيس هيٺيون صلاحون ڏنيو:
- گوشت صرف نوجوان جانور جو کائو۔
- منجهند جي ماني کائڻ کانپوء ٿورو وقت آرام (ننڊ) ضرور ڪيو، پر رات جي ماني کائڻ کانپوء ٿورو گهمو، پوء ڀلي اوهان کي ڪنڊن تي ئي ڇو نه گهمڻو پوي۔
- جيستائين پيٽ ۾ پيل پهرين غذا هضم نه ٿئي، تيستائين ٻي غذا نه کائو، ڀلي اوهان کي ٽي ڏينهن بک تي ڇو نه رهڻو پوي۔
- ميوا ۽ سبزيون هميشه نئين مند جا کائو، پر جڏهن مند پونير هجي ته کائڻ ڇڏي ڏيو۔
- ماني کائڻ کانپوء پاڻي پيئڻ کان بهتر آهي ته زهر پيو، يا ماني ئي نه کائو۔