• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وِنڊو 8 ۾ سنڌي ٻولي اچي ويئي آهي

جان زريناڻي

سينيئر رڪن
منهنجا سنڌي ڀائرو اِها خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته هاڻي ٻين ٻولين سان گڏ اسان جي پياري ٻولي بي ونڊوز ۾اچڻ شروع ٿي ويئي آهي
پر اُها پراڻي ڪيبورڊ جي سٽنگ سان لکي ويندي آهي جڏهن ته هاڻي بلڪل آسان ڪيبورڊ آهي
مهرباني ڪن اُهي دوست جيڪي ڪمپيوٽر جا ماهر آهن سنڌي ٻولي ڪمپيوٽر ۾ آندي اٿن هاڻي اُن کي ايندڙ ونڊوز ۾ نئو سنڌي ڪيبورڊ شامل ڪرائين

وڌيڪ عرض آهي ته مان هڪ سال پهريان جڏهن سنڌ سلامت تي آيو هيس
اُن وقت هي نئو ڪيبورڊ ڏٺم ، ڏاڍي خوشي ٿي لکڻ ۾ آسان هيو اڄ ڪلهه ٿورڙو فرق محسوس ٿي رهيو آهي جيڪو شايد اڳ محسوس نه ڪيو هُيم ته جملو لکڻ وقت اکر الڳ الڳ اچن ٿا جملو لکي انٽر ڪرڻ کان پو لفظ صحيع ڏسڻ ۾ اچن ٿا ، هن مسئلي جي ڪري لکڻ وقت يقين نه هوندو آهي صحيع لکان ٿو يا غلط .... مهرباني ڪري هن مسئلي کي غور سان ڏسندا

ٻيو ته منهنجي هن ڪيبورڊ ۾
& اچي ٿو جيڪو سنڌي ۾ ۽ اچڻ کپي ها . ۽ لکڻ لاءِ مونکي سنڌ سلامت جي ويبسايئڊ تان ڪيبورڊ کڻڻو ٿو پوي ... مهرباني ڪري مونکي ضرور آگاه ڪندا


.
 
ادا اهو مسئلو صرف ڪروم جي نئين ورجن ۾ پيو اچي ۔۔۔۔ جڏهن ته سفاري يا فائر فاڪس ۾ ايئن ناهي۔ اوهان فائر فاڪس استعمال ڪري ڏسو۔
 
Back
Top