هي بزرگ سهروردي سلسلي جو باني هو. سندس نسب جو سلسلو حضرت ابوبڪر صديق رضه سان ملي ٿو. وڏو عالم، عارف ۽ اهل الله ٿي گذريو آهي. سن 1097ع ۾ سندس ولادت ٿي، ۽ سن 1168ع ۾ وفات ڪيائين. سهروردي سلسلي جو پختو پايو وجهندڙ شيخ شهاب الدين عمر سهروردي (وفات 1234ع) سندس ڀائٽيو هو. هن بزرگ جي خاندان مان شيخ ابوبڪر ڪتاني لڏي اچي ملتان لڳ ڪوٽ ڪروڙ ۾ رهيو، ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس نسب جو سلسلو حضرت شيخ ابونجيب سان هن طرح ملي ٿو: شيخ ابوبڪر ڪتاني بن شيخ اسماعيل بن شيخ عبدالله بن شيخ نصير الدين بن شيخ سراج الدين بن شيخ ابونجيب. شيخ ابوبڪر جو فرزند مخدوم فخر الدين سير و سفر ڪندو سنڌ ۾ آيو، ۽ اچي بوبڪ ۾ رهيو. سيوهڻ ۾ وفات ڪيائين،“ حضرت قلندر شهباز جي روضي جي پسگردائيءَ ۾ مدفون ٿيو. ان جو پوٽو مخدوم فخر الدين صغير (بن شيخ عزالدين بن شيخ اسماعيل بن شيخ عبدالوهاب بن پير مير عرف سرور پير بن شيخ برهان الدين بن شيخ فخر الدين ڪبير) هالا ڪنڊي ۾ اچي رهيو. هالا ۾ سندس خاندان وڌيو ويجهيو، ۽ ان مان ڪيترائي اهل الله پيدا ٿيا. مشهور بزرگ حضرت مخدوم نوح سندس خاندان مان هو. ان جو احوال هيٺ ڏجي ٿو: مخدوم نوح هالائي: حضرت فخر الدين صغير تائين حضرت مخدوم نوح رح جي نسب جو سلسلو هن طرح آهي: ”مخدوم نوح بن مخدوم نعمت الله بن اسحاق بن شهاب الدين صغير بن فخر الدين صغير.“ حضرت مخدوم نوح جي ولادت سنه 911 هه (1505ع) ۾ ٿي ۽ 998 هه (1589ع) ۾ وفت ڪيائين. ظاهري تعليم تمام ٿوري حاصل ڪيائين. سندس ننڍپڻ جو استاد مخدوم عربي ڌياڻو عرف شاهه ڏنو هو. ٿوري تعليم هوندي به ذاتي مطالعي ۽ ”روحاني طاقت سبب قرآن حڪيم جو جڏهن تفسير ڪندوهو،ته عالم دنگ رهجي ويندا هئا سندس قرآن مجيد جو ڪيل فارسي ترجمو، سندس مريد حضرت بهاؤالدين گودڙئي جو لکيل اڄ به موجود آهي، ۽ هينئر سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجي چــُـڪو آهي. سندس ظاهر مرشد به ورتل نه هو، پر کيس ملڻو هو، اهو کيس خواب ۾ نبي ڪريم صلي الله عليــہ وسلم جي حڪم سان حضرت علي رضه ذريعي مليو. اهو ئي سبب آهي، جو هن پاڻ کي اويسي سڏايو آهي. حضرت مخدوم نوح رح سادو کائيندو هو ۽ سادو هنڊائيندو هو. هميشــہ ذڪر ۽ فڪر ۾ مشغول رهندو هو. هر حال ۾ شريعت جي پابندي ڪندو هو. سندس ملفوظات سندس مريد بهاؤ الدين گودڙئي جي لکيل ڪتاب ”رساله بهاؤالدين گودڙيه“ ۾ آيل آهن، جتان حاجي پنوهر پنهنجي ڪتاب ”دليل الذاڪرين“ (تصنيف 13 - رمضان 1106 هه = 1694ع) ۾ نقل ڪيا آهن. ان کان سواءِ سندس ڪجهه قول سندس پوٽي مخدوم فتح محمد جي ڪتاب”رساله فتحيه“ (تاليف 1019 هه = 1610ع) ۾ به ملن ٿا. قولن سان گڏ ڪجهه سنڌي بيت به”دليل الذاڪرين“ ۾ ملن ٿا. ان کان سواءِ ڪجهه سنڌي بيت پير محمد راشد جي ملفوظات ”جامع الفيوضات“ ۾ به ملن ٿا. سنڌي ابيات ۽ ملفوظات ۾ تصوف ۽ اخلاقيات جي تعليم ذهن نشين ڪرايل آهي. سندس وفات کان پوءِ سندس وڏو فرزند مخدوم امين محمد اول(وفات 1015 هه) سجاده نشين ٿيو. حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ (ولادت 1338 هه) سندس 17 سجاده نشين آهن. هن خاندان مان ڪيترائي بزرگ ۽ شاعر ٿيا. يارهون سجاده نشين مخدوم امين محمد(وفات 1252 هه) سنڌي زبان جو باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام ۾ تصوف جي تعليم نروار ڪيل آهي. مخدوم نوح رح جا ڪجهه سنڌي بيت به سندن ملفوظات ۾ ملن ٿا. ان ۾ آيو آهي، ته وفات کان ڪجهه وقت اڳ سومهڻيءَ جو هي بيت پڙهي رهيا هئا: پيئي جا پرڀات، سا ماڪ م ڀانئيو ماڻهئا، روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوئين کي. --- --- نه سي جوڳي جوءِ ۾، نه سي سامي واٽ، ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏيءَ ويل پلاڻيا. مسجد کان ٿي، جڏهن حويليءَ جي دروازي وٽ پهتا، ته هي بيت چيائون: ابوبڪر آءٌ ، سامين سفر چتائيو، متان ٿي پئان، سارين سناسين کي. سندن مريد ابوبڪر لڪياريءَ کي ڪشف ذريعي حقيقت معلوم ٿي وئي. سو هي بيت چوندي ڳوٺان، نڪتو، ۽ اچي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو: اچان ٿي اچان، ڪجو ذرو ڪا جٽا، متان ٿي پئان، ساريان سنياسين کي. هونئن ته ڪيترن ئي خدا جي ٻانهن کانئس فيض پرايو، پر ڪن خاص طالبن ۽ فقيرن مان ڪن بزرگن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو: بهاؤالدين گودڙيو: ٺٽي جو ويٺل هو ۽ ذات جو ميمڻ هو. وڏو عالم، فاضل ۽ اهل دل ٿي گذريو آهي. پهرين ٺٽي جي درويش موسيٰ جو مريد هو، پوءِ مخدوم نوح رح جو مريد ٿيو. لکڻ پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هوس. ڪي ئي ڪتاب پنهنجي هٿ سان لکيائين. هڪ عاليشان لائبريري هيس، جيڪا ٺٽي جي مغل گورنر شريف الملڪ يڪ چشم ساڙائي ڇڏي. ان واقعي جي حقيقت هن طرح آهي، ته سنم 1035 هه(1625ع) ۾ شهزادو شاهجهان پيءُ کان ناراض ٿي سنڌ ۾ آيو. شريف خان سندس مخالفت ڪئي ۽ مقابلو ڪيو. انهيءَ ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ هو دعا پنڻ لاءِ مخدوم گودڙئي وٽ آيو، جنهن سندس آڌرڀاءُ ڪيو ۽ کيس مهماني ڏني. انهيءَ تي گورنر ڪاوڙجي سندس گهر کي باهه ڏياري ۽ کيس جيل ۾ رکيو. سندس هٿ اکري ڪتابن مان فقط قرآن مجيد جو فارسي ۾ مخدوم نوح جو ڪيل ترجمو باقي بچيو آهي، جيڪو هن پنهنجي پيرڀائي سيد ابوبڪر لڪياري لاءِ لکيو هو. اهو قرآن مجيد جو ترجمو، برصغير پاڪ و هند ۾ قرآن حڪيم جو پهريون فارسي ترجمو آهي. تازو سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجي چــُــڪو آهي. سندس وفات يارهين صدي هجريءَ جي پوئين اڌ ۾ ٿي. سندس مزار مڪلي ٽڪريءَ تي ”ميان مٺي“ جي مزار جي ڀرسان آهي. سيد علي ثاني شيرازي ٺٽوي: وڏو عالم، فاصل، اديب، شاعر ۽ اهل دل بزرگ ٿي گذريو آهي. ٺٽي جي انجوي شيرازي سيدن مان هو. سندس پڙ ڏاڏو سيد احمد (تولد شيراز 757 هه، وفات سنڌ 845 هه) پنهنجي والد سيد محمد (وفات 800 هه) سان گڏ سنڌ ۾ آيو. سندس والد جو نالو سيد جلال بن سيد علي اول هو. سندس نانو پير مراد شيرازي (وفات سنه 893 هه) به وڏو عالم ۽ اهل الله ٿي گذريو آهي. سيد علي ثاني ظاهري تعليم مخدوم فيض الله کان حاصل ڪئي. روحاني فيض حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي بزرگن سان صحبتون ڪيائين، خاص طرح سان درويش آچر کان فيض پرايائين، درويش علاؤالدين کان به متاثر هو. مخدوم نوح جي هٿ تي بيعت ڪيل هيس. شاهه ڪريم بلڙي واري جو دوست هو. سندس دستر خوان هميشــہ کليل هوندو هو، خاص طرح سان ربيع الاول مهيني جا ٻارهن ڏينهن وڏي فراخدليءَ سان فقيرن ۽ مسڪينن کي کاڌو کارائيندو هو. سماع جو به ڏاڍو شوق هوندو هوس. سنڌي زبان ۾ شعر به چوندو هو. ”آداب المريدين“ نالي هڪ ڪتاب به لکيائين. تحفةالڪرام ۽ تاريخ معصومي ۾ سندس وفات جو سن 971هه ڏيکاريل آهي. حديـقة الاولياء، ۽ معارف الانوار ۾ 981هه(1573ع) ڄاڻايل آهي، ۽ اهو ئي صحيح سن معلوم ٿئي ٿو. سندس هڪ سنڌي بيت ڪتاب ”معارف الانوار“ مان مليو آهي، جيڪو هن ريت آهي: سرتين سانگ سکن جو، مون کي رويو رهائين، آءُ ٿي هلان هوت ڏي، هو ٿيون واريو وهارين، وريتيون ورن سين، ويٺيون گهر گهارين، کهندا ٿيون کارين، ڪانه هلندي هوت ڏي. مهراڻ تان ورتل