جيڪڏهن ڪنهن کان پڇا ڪئي وڃي ته ويلنٽائن ڊي واري ڏينهن پنهنجي گرل فرينڊ کي ڇا تحفو ڏنو ته هو وڏي فخر سان چوڻ لڳندو ته فلاڻي شيءَ ڏني ، ۽ جڏهن اهو ساڳيو سوال ڪيو وڃي ته تنهنجي ڀيڻ کي ڇا تحفو مليو ته وڙهڻ شروع ڪري ڏيندو ، جيڪي به ان واهيات محبت جو ڏينهن ملهائيندا آهن ته اهي به انهيءَ ٻنهي سوالن لاءِ پاڻ کي به تيار رکن ، جيڪر نٿا ڪري سگهن ته پوِءِ هن بيهوده تهوار جو دفاع ڪرڻ ۽ وش ڪرڻ الله جي واسطي ڇڏي ڏين . هڪ ميسج تان کنيل
محبت ڪڏهن به واهيات نه هوندي آهي۔ جي هوندي آهي ته پوءِ اُها واهيات نه هوندي آهي۔ باقي اها سهپ واقعي اسان ۾ گهٽ آهي۔ تاڙڻ سٺو لڳي ٿو پر ڪو ٻيو اسان لاءِ رڳو اهو چوي ته به بُرو لڳندو۔ پر ڀلي بُرو لڳي ته به ٿيندو اوهان سان به اُهو ئي آهي جيڪو اوهان ٻين سان ڪريو ٿا۔ بس هُو اکين تي پردو وِجهي ڇڏيندو آهي
محبت کي ڏينهَن ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي۔ اُها محبت ناهي جيڪا مخصوص مهل تائين محدود هُجي۔ محبوب جي ياد ته هر پل، هر گهڙي دل ۾ رهندي آ، نس نس ۾ پرينءَ جي احساس جو تصور ڊوڙندو آ، هر ساهه سان گڏ پرينءَ کي پنهجي اندر ۾ ڏسبو آ۔ انسان جي دل ۾ هر قسم جا جذبا موجود هوندا آهن پر اُنهن ۾ سچائيءُ جو هجڻ به ضروري آهي۔ جيڪي ماڻهو اهڙي پاڪ جذبي کي مٿاڇري نظر سان ڏسندا آهن، اُهي محبت کي صرف جسم جو رشتو سمجهندا آهن۔ انساني رشتن جو تقدُس اُهي ماڻهوڇا ڄاڻين۔۔۔!!
جي ادا عرس اصل موضوع به اهوئي هو ، دوست موضوع جو رخ حقيقي ۽ فرضي محبت ڏانهن وٺي ويا آهن جيڪو هن موضوع کان خارج ۽ هڪ الڳ بحث آهي ، جيڪر دوست ان تي رايا يا ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ گهرن ٿا ته ان لا الڳ موضوع آڻي دوستن کان رايا وٺي سگهن ٿا ۔