سنڌي ٻولي کي قومي ٻولِي جو درجو ڏنو وڃي (نثاراحمدناز)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2013۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌي ٻولي کي قومي ٻولِي جو درجو ڏنو وڃي
    نثاراحمدناز
    اسانجا حڪمران سنڌي آهن پر انهن کي پنهنجي سنڌي ٻولي سان ڪا به دلچسپي ڪانهي اسان کي پنهنجي ٻولي کي دنيا جي هر فورم تي عالم آشڪار ڪرڻو آهي اسان جي سنڌي کي اسان سنڌي ئي سگهارو ڪنداسين، تازو مثال توهان کي ڏيان ٿو ڪورٽ جي حڪم تي موجوده حڪومت جي وزيراعظم سوئيس اٿارٽي کي خط لکيو ته صدر جي خلاف ڪيس کوليا وڃن ساري دنيا کي خبر آهي ته سوئيس اٿارٽي وارن جيڪو ان خط جو جواب ڏنو ته اهو جواب به فرانسي ٻوليءَ ۾ هو، جيڪي قومون پنهنجي ٻوليءَ جو قدر ڪن ٿيون اهي ائين ڪونه سوچينديون آهن ته ڪو انهن جي ٻولي سمجهي ٿو يا نه. اسان وٽ ته اهو ظلم آهي جو اسان سنڌي به جيڪو موبائل تي ايس ايم ايس ڪندا آهيون اهي به رومن اردو ۾ هوندا آهن ، ڇا اسان پنهنجي سنڌي ٻولي (رومن ۾) اهي ميسيج نٿا لکي سگهون آئون چيلنج سان چوان ٿو ته ڪنهن به اردو ڳالهائيندڙ يا ٻي ٻولي ڳالهائيندڙ ڪنهن کي ڪو سنڌي رومن ۾ ايس ايم ايس ڪونه موڪليو هوندو، اسان سنڌي پنجابي رومن ۾ به ميسيج موڪليندا آهيون اسان سنڌي اردو ۾ به رومن ميسيج موڪليندا آهيون اسان سنڌي اردو، سرائڪي، پنجابي زبان ۾ شاعري لکندا آهيون پڙهندا آهيون، اسان اردو اخبارون ، اردو فلمون، اردو ڊراما اردو خبرون سئو فيصد ڏسندا پڙهندا ۽ ٻُڌندا آهيون پر ٻين ٻولين ڳالهائڻ وارا اٽي ۾ لوڻ برابر به نڪو ڪا اسان جي سنڌي اخبار پڙهندا آهن نڪي ڪي اسان جا سنڌي ڊراما ڏسندا آهن ۽ نڪي ڪي اسان جو سنڌي خبرون ڏسندا ۽ پڙهندا آهن اسان باقائده اردو ادب جا ڪتاب به خريدي پڙهندا آهيون پر ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ قومون ڪڏهن اسان جا سنڌي ادب جا ڪتاب نڪو خريد ڪن ۽ نڪو پڙهن ، اگر انهن کان پُڇندا آهيون ته اهي جواب ڏيندا آهن ته همين سنڌي نهين آتي اسان سنڌي ٿي ڪري انهن جي بولي کي سمجهون ٿا لکون ٿا پڙهون ٿا ڇا هننن ٻين بوليون ڳالهائيندڙن کي ڪي سرخاب جا پر لڳل آهي اسان به انهن جهڙا انسان آهيون اسان انهن جي بولي سکي سگهون ٿا هو ڇو نٿا سکي سگهن ان هوندي به ٻين قومن وارا سدائين اسان سنڌين تي اهو الزام هڻندا آهن ته سڀئي سنڌي قوم پرست آهن ادا اسان جي قومپرست هُجون ها ته توهان جا ڊراما ، توهان جون اخبارون توهانجون خبرون توهان جا ڪتاب توهان جون فلمون نڪو ڏسون ها نڪو سمجهون ها نڪو پڙهون ها . ان مان اهو ثابت ٿيو ته حد درجي جي منافقانه سوچ رکندڙ رجعت پسند ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ نام نهاد قوم پرست قومون آهن جن جي ذهنن ۾ جن جي سوچن ۾ رڳو سنڌ سان سنڌين سان ۽ سنڌي ٻولي سان بغض ۽ ساڙ آهي. بغض ۽ ساڙ کان علاوه بيو ڪجهه به ڪونهي. اسان کي دنيا جي ڪنهن به ڳالهائيندڙ ٻوليءَ سان ڪا به دشمني ڪونهي اسان سنڌي محبتون ورهائڻ وارا ماڻهو آهيون اسانجو سنڌي ٻولي قومي ٻولي وارو مطالبو بلڪل جائز مطالبو آهي هونئن به اسان جو مُلڪ چئن قومن وارو مُلڪ آهي اسان کي ڪو به اعتراض ڪونهي ته پختون خواهه وارن جي ٻولي پشتو کي به ڀلي ملڪ جي قومي ٻولي قرار ڏني وڃي اسان کي ڪوبه اعتراض ڪونهي پنجابي ٻولي کي به ڀلي ملڪ جي قومي ٻولي قرار ڏني وڃي اهڙي طرح اسان جي بلوچ ڀائرن جي بلوچي ٻوليءَ کي به ڀلي مُلڪ جي قومي ٻولي قرار ڏني وڃي اهڙي طرح اسان سنڌي به سنڌي ٻولي ءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ ۾ بلڪل حق بجانب آهيون. ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت سموري سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ وارو پر امن احتجاج جاري رکيو اچي ، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان به عملي طرح پنهنجا مظاهرا بُک هڙتالون ، مذاڪرا جاري رکيو اچي۔ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان پاران هي ڪُجهه مطالبا جن جي ڊزائن سنڌ سلامت جي جهوني سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جي حيثيت سان پاڻ ٺاهي آهي توهان سان ونڊ ٿو ڪريان۔
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG][​IMG][​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو