سنڌ ۾ تعليم جو مستقبل، سنڌي قوم جو مستقبل ــــــــ عبدالماجد ڀرڳڙي

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2013۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    اسان جو تعليمي سرشتو تباه ٿي چڪو آهي. قابل ۽ فرض شناس استادن جي نئين پيڙهي تيار ڪرڻ ۾ جيڪو وقت لڳندو تيستائين دنيا ڪٿي جو ڪٿي وڃي پڄندي. پنهنجي ايندڙ نسلن کي تعليم ڏيڻ‌ لاءِ سڀني کان وڌيڪ جلد نتيجا برآمد ڪندڙ، سڀني کان گھٽ وسيلا طلبيندڙ، بهترين ذريعو اڄڪلهه آهي نون، سستن، تيزرفتار ننڍا ڪمپيوٽر جن کي ٽيب، ٽيبليٽ پي سي يا هينڊ هيلڊ ڊيوائس ڪوٺيو وڃي ٿو، تن کي ان مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ. مستقبل ۾ اها ٽيڪنالاجي جيڪو دنيا ۾ ڪردار ادا ڪندي تنهنجو اندازو بدقسمتي سان نه رڳو اسان جي ارباب اقتدار کي ڪونهي بلڪه چڱا ڀلا پڙهيل ڪڙهيل ذهن به ان کي مناسب طريقي سان سمجھڻ کان قاصر آهن. جيڪڏهن اسان سنڌ ۾ تعليم جي باري ۾ سنجيده آهيون ته اسان انهن بدلجندڙ زماني جي تقاضائن ۽ انهن نوين ٽيڪنالاجين جي اهليت جي استعمال جي ممڪنات جو احاطو ڪري انهن کي پنهنجي مقصدن جي حصول لاءِ استعمال ڪرڻو پوندو. ايندڙ ورهين ۾ بحيثيت قوم اسان جي وجود ۽ ان جي بقا جو انحصار انهن ٽيڪنالاجين مان وڌ ۾ وڌ لاڀ پرائيندي پنهنجين ايندڙ نسلن کي بهترين تعليم ڏيڻ ۽ انهن کي نئين چئلينجن سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪرڻ ۾ آهي.

    جڏهن آفريڪا جي پٺتي پيل ملڪ ۾ ان ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪيو ويو ان جا نتيجا حيران ڪن نڪتا ۽ ان جي باري ۾ هيئن رپورٽ آهي:

    جڏهن هڪ هزار ٽيبليٽ پي سي اٿوپيا ۾ اهڙن ٻارن ۾ ونڊيا ويا جن اڄ تائين ڪتاب ته پري ڪو ڇپيل لفظ به ڪونه ڏٺو هو ته ڇا نتيجو نڪتو؟ ۵ مهينن اندري اهي ٻار پاڻ کي انگريزي سيکارڻ لڳا، ۽ ڪمپيوٽر ۾ اهڙيون تبديليون تائين آڻڻ ۾‌ ڪامياب ٿيا جو انهن جا جيڪي فيچر بند ڪيل هئا سي به کولي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا!

    هڪ ليپ ٽاپ هر هڪ ٻار لاءِ منصوبو اهڙن ملڪن ۾ شروع ڪيو ويو جتي تعليمي سرشتو نه هئڻ‌ برابر هئو، ته جيئن تعليم ۽ ٽيڪنالاجي ٻارن تائين، ارزان ڪمپيوٽرن وسيلي، پهچائي وڃي. هن پروجيڪٽ (منصوبي) ذريعي پنجن ڇهن ورهين ۾ اسان کي اهو احساس ٿيو ته ٻاراڻي تعليم ڏيڻ ايتري اهم ڪانهي جيترو ٻارن ۾ اها اهليت پيدا ڪرڻ آهي ته هو پاڻ نيون شيون سکڻ‌ چاهين. هن باري ۾ هيٺين لنڪ ڏسو.
    http://www.dvice.com/archives/2012/10/ethiopian-kids.php

    ماهر تعليم متفق رهيا آهن ته تعليم پنهنجي ٻولي ۾ سڀ کان وڌيڪ اثر انداز ٿئي ٿي. هن نئين ٽيڪنالاجي کي سنڌي ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ ضرورت آهي ته اسان سنڌي ٻوليءَ جو حق ادا ڪندي ان جو ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي وڌ ۾ وڌ استعمال ڪيون ته جيئن ان کي بين الاقوامي ٽيڪنالاجي ڪمپينين ۾ به مڃتا ملي ۽ اهي ان لاءِ پنهنجن ڪمپيوٽرز وغيره ۾ سپورٽ ڏين.

    هي صرف ٻولي جو سوال ڪونهي، اهو اسان جي قوم جي وجود ۽ بقا سان لاڳاپيل معاملو آهي جنهن کي انهي نظر سان ڏسڻ‌ جي ضرورت آهي.


    عبدالماجد ڀرڳڙي
    http:bhurgri.com
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. پارس ميمن

    پارس ميمن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 ڊسمبر 2012
    تحريرون:
    23
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ماڳ:
    ڪوٽ عالم تعلقو سجاول ٽٽو ، ڪاروليز اوريگان اسٽيٽ
    سنڌ ۾ تعليم جي تباهي جا ڪيترا ئي سبب آهن. هي موضوع وڏي توجھ طلب آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,729
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    اهو سچ آهي ته اسان وٽ اهو تعليمي نظام موجود ڪونهي جو اسان پنهنجي قوم جي ٻارن جو مستقبل سنواري سگهون نه ئي اهڙا جديد طريقا اسان وٽ آهن جن وسيلي اسان ٻارن جي ذهني اوسر جي واڌ ويجهه لاءِ ڪي اپاءُ وٺون، اهو سڀ حڪومت جو فرض بڻجي ٿو۔ ۽ ان سان گڏ والدين، استاد ۽ تنظيمن کي پڻ پنهنجو ڪردار وڌيڪ بهتر نموني نڀائڻو پوندو۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    علم جي اهميت کان ڪير به اِنڪار نٿو ڪري سگهي۔۔قومن جي ترقي تعليم جي سُڌارن ۽ اُنهن وسيلن کي مهيا ڪرڻ سان ممڪن ٿيي ٿي جيڪي علم حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ جي ضرورت بنجي چُڪا آهن۔ اُنهن وسيلن ۾ اڄ مختلف قسمن جا پاڪيٽ ڪمپيوٽر سڀ کان وڌيڪ ذڪر جوڳا آهن.
    اسان جي قوم جي اِها بدقسمتي رهي آهي ته اسان اڄ به تعليم کي اوتري اهميت نه ڏئي سگهيا آهيون، جيڪا ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اِن خراب صورتحال جي ذميواري نه صرف وقت جي حڪومت پر اسان جي سِول سوسائيٽي تي به اچي ٿي. اسان جي شهرن ،ڳوٺن ۾ هر ماڻهو روزگار کي اهميت ته ڏئي ٿو پر پنهجن ٻچن کي پڙهائڻ تي سنجيدگيءَ سان ڪڏهن به ڪوشش نٿو وٺي....ضرورت اِن ڳالهه جي آهي ته علم حاصل ڪرڻ جي اهميت ايتري ته اُجاگر ڪئي وڃي جو هر ماڻهو بُکون ڪاٽي به علم حاصل ڪرڻ ۾ لڳي وڃي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو