• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تعارف

زاهد نظاماڻي

سينيئر رڪن
سَائِينم! سَدائِين، ڪَرِين مَٿي سِنڌ سُڪار؛
دوست مِٺا دِلدار، عالم سڀ آباد ڪَرِين​

سنڌ سلامت جا سڀئي سڄڻو اسلام عليڪم،
آئون پنهنجِي پهرين لکڻِي پنهنجي تعارف سان شروع ڪندس،

منهنجو نالو زاهد نظاماڻي آهي، ضلعي بدين جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سان تعلق رکان ٿو، پر پنهنجي پڙهائي جي مقصد سان گھڻوڪري حيدرآباد ۾ رهان ٿو.
انشاءالله اڄ کان پوءِ توهان سڀني دوستن سان گڏ سنڌ سلامت جو ڀرپور ساٿ نڀائڀو.
شال الله تعالى مٺڙي سنڌ ۽ سنڌين کي هميشه آباد ۽ خوشحال رکي.(آمين)
 
سائين زاهد نظاماڻي صاحب
سائين سنڌ سلامت جي اڱڻ تا ڀلي ڪري آيا سائين توهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو
اجھو ٿو فقير سائين اوڌر تي گلن جا تحفه وٺي ايندو
اسان جو غريباڻو ڀليڪار قبول ڪندا
 
السلام عليڪم ادا زاهد نظاماڻي صاحب
ادا مان اوهان کي سنڌ سلامت انتظاميه طرفان خوش آمديد چوان ٿو ادا عظيم چواڻي ته اوهان جي خدمت ۾ حاضر آهن هي اوڌر تي ورتل گل اميد ته اهي محبت سان ڀريل گل قبول پوندا

ادا اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو

سدائين گڏ



00531.jpg

02.jpg

002-1.jpg

sindhsalamatsaathsal
 
ادا زاهد نظاماڻي؛
حق موجود؛
ڀائڙا ڀلي ڪري آئين، جي آئين، اسانجي اکين تي ... هن اڱڻ تي هر دوست جو آڌرڀاءُ، ڀاءَ سمجهي ڪيو ويندو آهي، ان اميد سان ته گڏجي سڏجي سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ تاريخ جي واڌ ويجهه ۾ هڪ ٻئي جو ٻانهن ٻيلي ٿجي ... سنڌي ڪتابي سلسلو ڪجهه ڍرو ٿي ويو آهي ۽ سنڌ جا ادارا به لڳي ٿو ته وقت ٽپائڻ ۽ مال مروڙڻ ۾ لڳا پيا آهن ... انڪري نوجوان ۽ سڄاڻ سنڌي قوم جي فردن جو فرض آهي ته هو ان ٻوساٽ واري دور ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ هن اليڪٽرانڪ ۽ انٽرنيت جي دنيا ۾ پنهنجي ادب کي محفوظ ڪن ... اوهين اسانجا معتبر دوست آهيو ۽ اوهان مان به اسانکي کوڙ ساتريون اميدون آهن ... اميد ته !!! بدين جي بي بها ۽ سهڻي ضلع مان اسانجي هن اڱڻ کي چمڪائيندا رهندا ... بدين سان منهنجو ته ڏاڍو ۽ گهاٽو رشتو آهي ...

حال پريان نال، ويهي هڪ ٻئي سان سور سليندا سون، ڪجهه اوهانجي ٻڌانداسون، ڪجه پنهنجي ٻڌائينداسون ... ۽ اهڙي طرح ساٿ چڙهندو لڪيئين ....

دعائن ۾ گڏ

نثار ابڙو
مڪو پاڪ
 
ادا زاهد نظاماڻي سنڌ سلامت جي محبتن ڀريي اڱڻ تي ڀليڪار. اميد ته توهان پنهنجي لکڻين سان فورم کي چار چنڊ لڳائيندا.

سائين زاهد نظاماڻي صاحب
سائين سنڌ سلامت جي اڱڻ تا ڀلي ڪري آيا سائين توهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو
اجھو ٿو فقير سائين اوڌر تي گلن جا تحفه وٺي ايندو
اسان جو غريباڻو ڀليڪار قبول ڪندا

ادا عظيم اهو ڇا ٿي ويو، ڀلا اوڌر تي گل ڇو. خير ته آهي نهasul matt lajwab-sharing hall chari
 
جواب: تعارف

ادا زاهد نظاماڻي صاحب۔۔۔ اسان اوهان کي دوستن جي هن قرب ڀرئي محفل ۾ دل جي گهراين سان ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔
اميد ته سنڌ سلامت جي لاءِ اوهان به هڪ سٺو اضافو ثابت ٿيندا۔۔
 
جواب: تعارف

ادا زاهد ڀاء هي عاجز به اوهان کي ڀلي ڪار چوي ٿو اميد ته پنهنجي علمي ڄاڻ مان ڪجهه سنگت کي فيضياب ڪندا الله تعالي توهان کي سلامت رکي ۔
 
Back
Top