سر سهڻي داستان پهريون 1 وَهَ تِکَ، واهُڙَ تِکَ، جِت نِينهُن، تِکَ نرالِي؛ جِن کي عِشقُ عَمِيَقَ جو، خِلوَتَ خِيالِي؛ وارِئين سا، والِي! هِنَئڙو جِن هَٿِ ڪيو. 2 واهُڙَ وَهَنِ نَوان، اَڃا وَهُ اَڳي ٿيو؛ گَھرِ ويٺيون گَھڻا ڪريو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان؛ صُورَتَ جا ساهَڙَ جِي، سا جي ڏٺِي آن؛ هُوندَ نه پَليو مان، گِھڙو سڀ گَھڙا کـڻِي. 3 ڪَنڌِي اُڀيُون ڪيتريُون، ”ساهَڙُ ساهَڙُ“ ڪَنِ؛ ڪنِين سانگو ساهَ جو، ڪي ”گھورِيِسَ“ ڪيو گِھڙَنِ؛ ساهَڙُ سَندو تَنِ، گھاگھائي گِھڙنِ جي. 4 وَڻَنِ ويٺا ڪانگَ، وِچِين ٿِي ويلا ڪري؛ گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، سُڻِي سانجِھيءَ ٻانگَ؛ سيئِي ڍُونڍي سانگَ، جِتي ساهَڙُ سُپِرِين. 5 گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، ٻَهُون نِهاري ٻَنگُ؛ سر در يار فِدا شُد چه بَجا شُد، وَصۡلَ اِهوئِي وَنگُ؛ رات جنِين جو رَنگُ، الا! سي اُڪارِئين. 6 گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، ٻَهُون نِهاري ٻَنگُ؛ وَ اَمَّامَنۡ خَافَ مَقَامَ رَبِّہٖ، اِيُ لَنگِھيائِين لُنگُھ؛ سِڪَندِيَنِ کي، سَيَّدُ چَئي، ڪِينَ جَھلِيندو جَھنگُ؛ راتِ جِنِين جو رَنگُ، الا! سي اُڪارِئين. 7 گِھڙِي گَھڙو هَٿِ ڪري، اِلاهِي تُهارَ! ڄَنگَھ ڄَرڪي واتَ ۾ سِسِيءَ کي سيسارَ؛ چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِهيَس وارَ؛ لَکين چُهٽيسِ لوهِڻـيُون، ٿيلهيُون ٿَـرَنِئُون ڌارَ؛ مِڙيا مَڇَ هزارَ، ڀاڱا ٿِيندِي سُھڻِي. 8 گَھڙو ڀَڳو ته گھوريِو، مَرُ چُورُ ٿِئي چُوڙو؛ طالِبُ الۡمولىٰ مُذَڪَّرٌ، اِيُ ٻُڏَندَنُ ٻُوڙو؛ ڪوڙِهيو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميهارُ مَنَ ۾. 9 گَھڙو ڀَڳو ته گھوريِو، پاڻان هو حِجابُ؛ واڄَٽُ وڄي وُجُودَ ۾، رهيو رُوحَ رَبابُ؛ ساهَڙَ رِءَ صَوابُ، آءٌ گھڻو ئِي گھورِيان. 10 گَھڙو ڀَڳو ته گھوريِو، تان ڪِي تَرُ، هِنيان! اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏيهاڻِي ڏِيان؛ ميهارَنِ مِيان، سَئون سُونهايَم پيچِرو. 11 گَھڙو ڀَڳو ته گھوريِو، آسَرَ مَ لاهيجِ؛ لَا تَقۡنَطُو ا مِنۡ رَّحۡمَةِ اللهِ، تُرهي اِنَ تَريجِ؛ حَبِيباڻِي هيجِ، پَسِين مُنهُن ميهارَ جو. 12 گَھڙو ڀَڳو، مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِيا؛ تِنهان پوءِ سُئا، سُهڻِيءَ سَڏَ ميهارَ جا. 13 پاڻُ مَ کَـڻـجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِسارِ؛ لُڙُ لنگھائي، سُهڻِي! پِرتِ وِجھنديءِ پارِ؛ سي تُرتُ لنگِھينديُون تارِ، اُڪَنڍَ آڳَہُ جن سين. 14 پاڻُ مَ کَـڻـجِ پاڻَ سين، رِءِ وَسِيلي وانءُ؛ مَٿان سائِرَ، سُهڻِي! پِرتِ وٺجي پانءُ؛ نينهن ڳِنهندي نانءُ، ونءُ پِريان جي پارَ ڏي. 15 ڪونهي آڳَہُ اَهِڙو، جهڙِي مُحبتَ مَنِ؛ اُڀيُون اورئين پارَ ڏي، ڪُوڙيُون ڪَکَ پُڇَنِ؛ نَدِي تِن نيڙُ ٿِئي، جي رِيءَ تُرهي تَرَنِ؛ سِڪَ رَساڻي، سُهڻِي! اَصۡلِ عاشِقَنِ؛ سي جَھليُون ڪينَ ڪُنَنِ، پُڇَنِ جي ميهارَ کي. 16 پُڇَنِ جي ميهارَ کي، پُڇي سي ميهارَ؛ تُرَهو تِنِين بارُ، عِشقُ جنِين کي آڪِرو. 17 ساهَڙُ، سا سُهڻِي، سائِرُ پڻ سو ئِي؛ اهي نِجو ئِي، ڳُجُھ: ڳُجھاندَرَ ڳالھڙِي. وائي ڪهڙي مَنجھ حِساب؟ هُئڻُ مُنهِنجو هوتَ ري، لا! گولِي! ڀَڄُ گُناهَ کان، ڪونهي سُولُ ثَوابَ؛ نڪِي تَقاوَتَ ۾، نڪِي مَنجِھ رَبابَ؛ خُدِيائِي خُوبُ ٿِئين، لائِين جي لُعابَ؛ پَلِيتُ ئِي پاڪُ ٿِـئي، جُنبِيو مَنجِھ جِنابَ؛ سو نه ڪَنهن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِھ تُرابَ؛ هُوءِ جي جَرڪِيا جَرَ تي، سي تان سَڀ حُبابَ؛ هادِيءَ سين هُنَ پاَر ڏي، رِڙهِين ساڻُ رِڪابَ؛ چَنبو وِجِھي چورَ کي، آءُ ڇَڙَ، عُقابَ! دِيدُ وِڃاءِ مَ دوسَتَ جو هَلِي مَنجِھ حِجابَ؛ ڪَسرَتَ آهي قُربَ ۾، اِدۡغامَ ۾ اِعۡرابَ؛ فَنا وجِهي فَمَ ۾، ڪارَڻِ ٿِيُ ڪَبابَ؛ ڏي طَهُورا تن کي، جي سِڪَنِ لاءِ شَرابَ؛ مُٺِيءَ ڪيا مرضَ ۾، جاوا سَڀِ جَوابَ. داستان ٻيو 1 ڪَرَڳَلَ ڪوچَ ڪُنَ گھڻا، جِتِ جَرَ واڳُو جِئائِين؛ پاڻُ اُڇلِي آبَ ۾، وَهَ سِرِ وِڌائِين؛ لَهريُون لَنگھيائِين، لُطف ساڻ لَطِيفُ چئِي. 2 دَهشَتَ دَمَّ دَرياهَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ؛ بيحَدِ باڳُو بَحرَ ۾، هيبَتَناڪِ هَزارَ؛ سارِيان ڪانَ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توهان ڌارَ؛ ساهَڙ ڄامَ! سَتارَ! سِگھو رَسجِ سِيرَ ۾. 3 دَهشَتَ دَمَّ دَرياهَ ۾، جِتِ ڪَڙڪو ڪُنُ ڪري؛ توڏي تاڪُن وِچَ ۾، مَٿان وِيرَ وَري؛ آءُ، ساهَڙَ! مُنهِنجا سُپِرِين! پِرِتان پيرَ ڀَري؛ هادِيءَ، هَٿ ڌَري، اونهي مان اُڪارِئين. 4 دَهشَتَ دَمَّ دَرياهَ ۾، جِتِ ڪُنَنِ جو ڪَڙڪو؛ آهيم اُنَهِين پارَ جو، دِلِ اندرِ دَڙڪو؛ ڀَڃي سِڪ، سَيَّدَ چَئي، سِيرَ سَندو سَڙڪو؛ والِي! ڪَج وَڙُ ڪو، ته ٻارِ لَنگھيان ٻاجھ سين. 5 دَهشَتَ دَمَّ دَرياهَ ۾، جِتِ جايوُن جانارَنِ؛ نَڪو سَندو سِيرَ جو، مَپُ نه مَلاحَنِ؛ دَرَندا دَرياهَ ۾، واڪا ڪيو وَرَنِ؛ سَڄا ٻيڙا ٻارِ ۾، هَليا هيٺ وَڃَنِ؛ پُرزو پئدا نه ٿِـئي، تَختو مَنجھان تَنِ؛ ڪو جو قَهرُ ڪُنَنِ، ويا ڪِينَ وَرَنِ؛ اُتي اَڻتارُنِ، ساهَڙَ! سِيرَ لَنگھاءِ تُون. 6 دَرَهَڙَ ڌَنۡسَ دَرياهَ ۾، جِتِ لَهريُون ڪَنِ لوڙا؛ سَئين اَچي سمُونڊَ ۾، ٿِيا سِيڻايا سوڙا؛ جي تارُو هُئا توڙا، تن هَرٻو ڀانيو هيڪڙو. داستان ٽيون 1 تَڙَ تَڪَڙِ تارِ گِھڙڻَ، اِيُ ڪاڻِيارِنِ ڪَمُ؛ ڏَهَ ڏَهَ ڀيرا ڏِينهَن ۾، ڏي ڏوراپا ڏَمُ؛ عَقُل، مَتِ، شَرَمُ، ٽيئِي نِينهَن نِهوڙِيا. 2 گھيڙان ڪَري نه گُھورَ، تَڙُ تَڪَڙِ کان نه لَهي؛ جَنهِنکي سِڪَ ساهَڙَ جِي، پُورَنِ مَٿي پُورَ؛ ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، وَهَمَنِ ڪِي وَهلُورَ؛ جَنهِنکي ساڻُ پِريان جا سُورَ، تَنهِنکي نَدِي ناهِ نِگاهَ ۾. 3 جِئان گِھڙي تِئان گھيڙُ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪُوڙِيُون؛ ڏَمَ سين جُسو ظاهِرا، مَنَ ميهارَ سين ميڙُ؛ سا نَدِي ڀانئي نيڙُ، جَنهِنکي سِڪَ ساهَڙَ جِي. 4 جِئان وَهي تِئان واٽَ، ڪَپَرو پُڇَنِ ڪوڙيُون؛ جن کي سِڪَ ساهَڙَ جِي، سي گھيڙَ نه پُڇَنِ گھاٽَ؛ جن کي عِشقَ جِي اُساٽَ، سي واهُڙُ ڀانـئِينِ وِکَڙِي. 5 ڪنهن جنهن گھيڙَ گِھڙِي، جئن اَوَتَڙان تَڙُ ٿِيوسِ؛ سالمُ ويئِي سُهڻِي، ڪُنَنِ ڪِينَ ڪَيوسِ؛ اُهِسُ اَکَڙِيُنِ ۾، پِريان جو پِيوسِ؛ حَقَّان حَقُّ ٿِيوسِ، هُئِي طالِبِ حَقُّ جِي. 6 هُئِي طالِبَ حَقُّ جِي، توڏِي لاڪُون توڙَ؛ نه مَلاحُ نه مَڪُڙِي، نڪِي ٻَڌي نوڙَ؛ پاڻِي پِنِيءَ ٻوڙَ، سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ ۾. 7 توڏِي توڙائِين، نِينهَن نوازِي سُهڻِي؛ ڳِچِيءَ هارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين؛ سو تَڙُ سوٺائِين، جيڏانهن عالَمَ آسِرو. 8 توڏِي! تُهائِين جي، سي هِتي ڇَڏِ حِرصَ؛ ساهَڙَ ڌاران سُهڻِي! کوٽِـيُون ڪَنِ کِرسَ؛ وَڏِي اِيَ وِرسَ، جِيئن ڏَمَ وَٽِ ڏِينهَن گُذارِئين. 9 ساري سِکُ سَبَقُ، شرِيعَتَ سَندو، سُهڻِي! طرِيقَتان تِکو وَهي، حَقِيقَتَ جو حَقُ؛ مَعرِفَتَ مَرَڪُ، اَصلُ عاشِقنِ کي. 10 صَبُرُ شاڪِرَنِ، آهي اوطاقُنِ ۾؛ جي واصُل ٿِيا وِصال ۾، سي ذرو ظاهِرُ نه ڪَنِ؛ وِيبَتَ واهَرَ تَرَنِ، هِنئَڙا، جَنِ هَڄِي ويا. 11 سِياري سِہَ راتِ ۾، جا گِھڙي وَسندي مِينهَن؛ هَلو ته پُڇُون سُهڻِي، جا ڪَرَ ڄاڻي نِينهَن؛ جنهن کي راتو ڏِينهَن، ميهارُ ئِي مَنَ ۾. 12 سانوَڻَ گِهڙي سَڀَڪا، هِيءُ سَرَهِي سِياري؛ تَنُ وِڌائِين تارِ ۾، اَرواحَ جي آري؛ مُحبَـتِي ماري، ڪونهي دادُ دَرياهَ ۾. 13 واهُڙَ! ڀَريُون مَ پاءِ، تو پِڻُ ليکو ڏيڻو؛ سدا سانوَڻَ ڏِينهَڙا، هِئن نه هُونداءِ؛ وهاڻي وينداءِ، اوڀَرَ اُتاهان لَهِي. 14 مُحَبَّـتِي ميهارَ جُون، دِلِ اَندرِ دُونهِيُون؛ آڻيو وِجھي آرَ ۾، لُهاڻو لُوهيُون؛ جي ساهڙ جُون سُونهيُون، سِير سِراڙو تن کي. وائي مَدَتَ ٿِيُ، ميهارَ! يارَ! ساهَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾. اُونها ڪُنَ، اَتانگَ تَڙَ، اولِي هَڻُ، آڌارَ! ڏِينهَن ڏُهِلا ڏَمَ سين، آهِيان اَوهان ڌارَ؛ ٻِڇَلِ ٻانڊِي ٻارِ ڪَري، اَتِ اُبَتا آرَ؛ تِتي گِھڙِي سُهڻِي، آڳَہَ رِءَ آڌارَ؛ ”ڪارِي راتِ، ڪَچو گَھڙو“، توڏِيءَ ڪِي تَنوارَ؛ سَنڀُوڙو سِيڻاهِ سين، سِگھو رَسُ، سَنگھارَ! اوراران آهُون ڪَرِيان، پَهچان شَلَ پرارَ؛ سُڻِيو جھانءِ جِھڄي هِنئون، سانڀارا سَنڀارَ؛ آيَـم ريلي ريءَ سين، اَللهَ تو آهارَ؛ تارِ تَرَندَيَسِ، لُڙَ لَنگِھينديَسِ، وِينديَسِ وَٽِ وَڇارَ؛ پُورِينديَسِ پارِ مَڻِي، سَهسَين جي سيسارَ؛ گولِي گھاگھائي گِھڙي، جَکَنِ ٿا جانارَ. داستان چوٿون 1 اَدِيُونَ! سڀ اَندامَ، چَڙَنِ مُنهِنجار چورِيا؛ لارُنِ جا لَنؤ لائِي، سا ڪِيئن آڇِيان عامَ؟ لَڳِيس جنهن جي لامَ، سو دِلاسا دوست مُنجي. 2 ڪارا ڪُن، ڪارِي تُڳِي، جت ڪارِيهَرَ ڪَڙڪا؛ مَئي مَتي مِهراڻَ ۾ ، اَچنِ دُپارا دَڙڪا؛ وِيندي ساهَڙَ سامهان، جھولَ ڏِنسِ جَھڙڪا؛ کرِڪِنِ جا کَڙڪا، سُونهان ٿِيَڙَسِ سِيرَ ۾. 3 جِياريَسِ سَنڀارَ، ڪُہُ ڪَرِيندَمِ گڏجِي؟ ويروتارَ وُجُودَ ۾، پِرِيُنِءَ جي پَچارَ؛ سَڄَڻَ هُونِ ڌارَ، جي هِنئين ۾ حَلُ ٿِيا. 4 ٻيلي پارِ ٻُرِي، مون کي چَڙَنِ چورِيو؛ مُحَبَّـتِي ميهارَ جِي، سُتِي شاخَ چُرِي؛ مَٿي جھوڪَ جُھرِي، پَوَندِيَسِ پاريچَنِ جي. 5 هُنَ ڀَرِ سُيَمِ هُوءِ، سُتي سَنڀارَنِ جِي؛ چِتُ چَڙَنِ چورِيو، جؤنڪَ ٿِيَڙَمِ جُوءِ؛ مُحَبَّـتِي ميهارَ جِي، بِاللهِ پِييَمِ بُوءِ؛ وڃِي رُوءِ بَرُوءِ، ديکيان دوستَ ميهارَ کي. 6 ڪِٿي ٿِيو ميهارُ؟ ڪِٿي ٿو گِھنڊُ گُڙي؟ ڪِٿي دُونهِي دوستَ جِي؟ ڪِٿي پَرِيون پارُ؟ جَنهن مُون سَڀِ ڄَمارَ، جَرَ ۾ جھوٽُون ڏِنِيُون. 7 ميهاران مِرِڪَ، پِيتائِين پِريمَ جِي؛ تنهن مُنڌَ مَتوالِي ڪِي، سندِيءَ ساءَ سُرِڪَ؛ لَڳِـيَس ڪامَ ڪِرِڪَ، لوهان تِکِي لَطِيفُ چئي. 8 مَري تان مَ ميهارُ، وَٿاڻُ وِلَهو مَ ٿِـئي؛ وَڇِنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِـئي مَ وارُ؛ ساهَڙُ مُون سِينگارُ، ماڻُهنِ ليکو مِهڻو. 9 چاهَڪَ چَرِي، تارِ تَرِي، آيُون مَٿي ٻيٽَ؛ لُڙَ لَنگِھيندِيُون ليٽَ، لُطِفَ ساڻُ لَطِيفُ چئي. 10 چاهَڪَ چَرِي، تارِ تَرِي، آيُون مَٿي ڪُنَ؛ ڪوڙِيين ڪَرَ کَڻندِيُون، ساهَڙَ جي سَمَنَ؛ مينهُون ساڻُ اَمَنَ، پَرچِي پارِ لَنگِهيندِيُون. داستان پنجون 1 ساندَه سَڀ دَرياهُ، پَري ڪَنڌِي پارَ جِي؛ ڇڪِي ڇولِيءَ ۾ گِھڙي، جِتي جِيَّ وِڙاهُ؛ پَسيو ڏوه ڏَڪي هِنئون، آرِ مَٿي اَرِواحَ؛ جي توهُ ٿِـئي توڏانهُن، ته وِيرَ وَهِيڻو ناهِ ڪي. 2 سِڪَڻَ وارَنِ سُٿِرو، جي دَهشَتَ سان دَرِياهُ؛ اوڙَڪِ اُنِين جو نه رهي، آرَ بِنا اَرِواحَ؛ ويندي ساهَڙَ سامهون، صَدقو ڪنديون ساهُ؛ جن کي حُبَّ اُنهِين جِي آهِ، ساهَڙُ ساڻِي تن جو. 3 گِھڙيا سي چَڙهيا، اِئين اَٿيئِي؛ مئي متي مَهراڻ ۾، پَؤ ٽپو ڏيئِي؛ ته ميهارُ مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاهَ سين. 4 اَکـيُون مُنهن ميهارَ ڏي، رَکـيُون جن جوڙي؛ رِءَ سَنڊَ، سَيَّدُ چئي، تارِ گِھڙَن توڙي؛ تنين کي ٻوڙي، سائِرُ سَگھي ڪِينَ ڪِي. 5 جيڏانهن چِتَ چاهُ گھڻو، آرُ به اوڏانهِين؛ وڃِي وَهُ واڪا ڪيو، تِکو تيڏانهِين؛ ميهارُ مِلائِين، لَهرُنِ منجِھ، لَطِيفُ چئي. 6 پَـلِيان، پَـلِيو نه رهي، نِرتُون نِينهُن نِبارُ؛ گِھڙان، گھورِيو ڄِندُڙو! اُٿَلَ مُون اَپارُ؛ جنِين مَنِ ميهارُ، هَلَڻُ تنِ حَقُ ٿِيو. 7 سَندو ڏَمَ ڏَهَڪارُ، هَڏَهِين ڪونهي هِنَ کي؛ هِيءَ پاڻِيءَ سين پانهنجو، پُسائي نه سِينگارُ؛ ڪارَڻِ مُنڌَ ميهارُ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَ تَري. 8 جيهَرَ لوڪُ جَھپَ ڪَري، ذَرو جاڳَ نه هوءِ؛ اوهيَرَ اَچيو، اَديُون! پَہُ پِريان جو پوءِ؛ جي ڪَچو چَوَنِمِ ڪوءِ، ته مَرڪُ ڀانيان مِهڻو. 9 تهَ ڪَرڪِينءَ سُئِي؟ جي سِيرَ نه گِھڙِيِ سُهڻِي؛ هِتِ حياتِيءَ ڏِينهَڙا، هَڏَهن تان نه هُئي؛ چُلي تنهن چَرِي ڪئِي، جو ڏِنُسُ اُنَ ڏُهِي؛ سُهڻِي کي، سَيَّدُ چئي، وڌو قُربَ ڪُهِي؛ هُنئِين هُوندَ مُئي، پَرَ ٻُڏِيءَ جا ٻِيڻا ٿيا. 10 ڪا جا ڪُن ڪَرِينِ، ڀِنِيءَ ڀُڻِ جُھڻِ پاڻ ۾؛ اَکـيُون تنهن آبَ کي، آڌِيءَ اُڪِيرِينِ؛ توڻي تِڪوُن ڏِينِ، ته به اُڃَ اُنِين کي نه لَهي. 11 دائِمَ جا دَرِياهَ ۾، سا مَڇِي ڪِنِي ڪوهُ؟ آهس اِيُ اَندوهُ، پاڻِي ڪِٿي پِيان. 12 لهرَ مِڙوئِي لالَ، وَهَڻُ کَٿُورِيان وتَرو؛ اوٻهارا عَبيرَ جا، جَرَ مان اَچن جالَ؛ ڪُنَنِ گِھڙِي ڪالَ، سِڪَ پِريان جي سُهڻِي. 13 جيڪِي ڏِٺُءِ تارِ ۾، ڪَنڌِي سو ڪَهيج؛ جَرُ وڏو، جھاجَھ گَھڻِي، پاندُ مَ پُسائيجِ؛ ساهَڙُ ساڱاهيجِ، ته ثابِتُ لَنگِهين سِيرَ مان 14 جا هَڙَ اَندَرِ جِيَّ، ساهَڙَ ڏِنِي ساهَ کي؛ سا هَڙَ ڇُڙي نه ساهَ جِي، سا هَڙَ ساهَڙَ رِيَّ؛ ساهَڙَ ميڙِ، سَمِيعَ! ته سا هَڙَ ڇُڙي ساهَ جِي. وائي اَکيون پيرَ ڪَري، وَڃجي، وو! وَڃجي. سُپيرِيان جِي ڳالهڙِي، ڪنهن سان ڪِينَ ڪجي؛ لِڪائي لوڪَ کان، ڳُجَھڙِي ڳوٺِ نِجي؛ مُحَبَّـتِيءَ ميهارَ جو، سُور نه ڪنهن سَلجي. داستان ڇهون 1 ساهَڙَ جا سِينگارَ، اَڻَ لِکيا اَڳي هُئا؛ نڪا ڪُنۡ فَيَڪُوۡنُ هُئِي، نَڪا ٻِي پَچارَ؛ مَلَڪَنِئان مَهَندِ هُئِي، توڏِيءَ جِي تَنوَارَ؛ مُحَبَّتَ ساڻُ ميهارُ، لايائِين لَطِيفُ چئي. 2 گھيڙَ لَنگھيو گھاري، مِيثاقان ميهارَ ڏي؛ اَلَسۡتُ بِرَبِّڪُمۡ قَالُوۡا بَلىٰ، پَر اِها پاري؛ ڏِسيو ڏيکاري، پِرت پِريان جو پيچِرو. 3 اَلَسۡتُ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن چَيائُون؛ مِيثاقان ميهارَ سين، لَڌيُون مُون لائُون؛ سو موٽي ڪِيئن پانهُون؟ جو مَحفُوظان مُعافُ ٿِيو. 4 اَلَسۡتُ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن اَمُرُ ڪيو اَحَدَ؛ هو مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي، سُهڻِيءَ سِڪَڻَ سَڌَ؛ دِلو دَؤرَ دَرِياهَ جي، ڪيو اِرادي اَڌَ؛ جيڪِي آيسِ ڏانهن عَهدَ، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾. 5 ’اَلَسۡتَ‘ اَرواحَنِ کي، جَڏهِن جاڳايو جَلِيلَ؛ سَنئِين راهَ، سَيَّدُ چئي، سوٺائُون سَبِيلَ؛ وَحدَتَ جِي وادِيءَ ۾، ڪوڙين ڪي قَلِيلَ؛ دَرِياهَ جي دَلِيلَ، لَکين لَهوارا ڪيا. 6 کامان، پَچان، پَڄُران، لُڇان ۽ لوچان؛ تَنَ ۾ تَؤنسَ پِرِينءَ جِي، پِيان نه ڍاپان؛ جي سَمُنڊَ مُنهن ڪريان، توءِ سُرِڪيائِي نه ٿِـئي. 7 ڪارِي راتِ، ڪَچو گَھڙو، اُڻٽِيہَ اُونداهِي؛ چَنڊ نالو ناهِ ڪو، دَرِياهَ دَڙَ لائِي؛ ساهَڙَ ڪارَڻ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿي آئِي؛ اِي ڪَمُ اِلاهِي، ناتَ ڪُنَنِ ۾ ڪيرَ گِھڙي؟ 8 ڪارِي راتِ، ڪَچو گَھڙو، نڪا سِيڻہَ ساڻُ؛ وِجھي وَيرَمَ نه ڪري، پِريان ڪارَڻِ پاڻُ؛ مُحَبَّتَ کي مهراڻُ، سُڪِي سَڀُ پَٽُ ٿِيو. 9 اورارِ نه پَرارِ، ويچارِي وَهَ وِچَ ۾! سُڪِي ڏَنِيءَ سُپِرِين، ٻِيو مِڙوئِي تارِ؛ تُون گِھڙُ، ڪِيمَ نِهارِ، ٻُڏندَنِ سين ٻاجُھون ڪري. 10 هِنَ پارِ، نه هُنَّ، ويچارِي وَهَ وِچَ ۾! نِيڇُ نِهاري نه گِھڙِي، تنهن ۾ پيس تُنَّ؛ اَلله! ساڻُ اَمُنَّ، آران ڪنهن اُڪارِئين. 11 سَهسين سائِرَ گَجَنِّ، توءِ سَهَجَ نه مَٽِي سُهڻِي؛ ته ڪي نِينهَن ڇِڄَنِّ، پَرِتَهِين پِريُنِ جي؟ 12 سُپيريان جي تُرَهي، ٻُڏِي! هَٿُ مَ لاءِ؛ صُباحَ تو چَوَنداءِ: ”اَسان تو اُڪارِيو.“ 13 سُپيريان جي تُرَهي، ٻُڏِين، توءِ مَ لَڳُ؛ جي ڀانـئِين پِرِينءَ مِڙان، ته پُور اُبتي وَڳُ؛ پاءِ تيڏاهِين پَڳُ، ناهِ جيڏاهِين نِجُھرو. 14 سُڪِيءَ ٻُڏَنِ جي، ساهَڙُ ساڻِي تن جو؛ لَهرنِ سِرِ لَطِيفُ چئي، ڪُلهنِ چاڙهيو ني؛ جي پُڇَنِ پَنڌُ پَري، تِن اُماڻي اورهُون. 15 سُڪِيءَ جي سانباهَ ۾، ٻُڏِين، توءِ ٻُڏُ؛ ڪَکَ، ڪانڊيرا، ڪاٺـيُون، ميڙي، ٻَڌُ مَ مَڏُ؛ نڪو ساهَڙُ سَڏُ، نڪا سُڄي سُهڻِي. 16 جي تو بيتَ ڀانيا، سي آيتُون آهِينِ؛ نِيو مَنُ لائِينِ، پِرِيان سَندي پارَ ڏي. داستان ستون 1 ٻوڙِئين، چاڙِهئين، تُون ڌَڻِي! ٻِئي جو دعوىٰ رَسي نه دَمُ؛ هِن مُنهِنجي حالَ جو، ميهَرَ تي مَعۡلَمُ؛ رَکُ ڀيلي جو ڀَـرَمُ، جو اَچِي پِيو اَجھور ۾. 2 ڪانڌِي ڪَنگَ ٿِياسِ، وَهَڻُ جَنازو سُهڻِي؛ ٻَگھا جي ٻيٽَنِ جا، ڪُلها تن ڏِناسِ؛ اَکئين مَلَڪَ ڏِٺاسِ، توءِ مَنَ ڪاڍو ميهارَ ڏي. 3 اُڀو تَڙِ ميهارُ، مَلاحنِ سَڏَ ڪري؛ آءٌ پِڻُ وِجھان هَٿَڙا، اَئِين پِڻُ وِجھو ڄارُ؛ گھوريُون ڪارُونڀارُ، مانَ مِلَنِئُون سُپِرِين. 4 ڪَنڌِي جَھليو ڪانهَن، عاشِقُ اُڀو آهُون ڪري؛ تو ڪِيئن ٻوڙِي سُهڻِي؟ ٻيلِي مُنهِنجِي ٻانهَن؛ دَرِياهَ! تو تي دانهَن، ڏِيندُسِ ڏِينهَن قِيامَ جي. 5 جِتي ڀـيرَ ڀِرَنِ، ڀُريوُن پَون ڀَواريوُن؛ تانگھ نه لَڌِي تارُئين، مَپُ نه ماٽِيَڙَنِ؛ ڪَنڌِيءَ اُڀا ڪيتِرا، سِيڻاهِيا سَنڪَنِ؛ تُون ڪِيئن تن تَڙَنِ، اَچيو، اَسارِي! گِھڙِين؟ 6 سانڀارا سَڏَ ڪيو، اُڀا چَوَنِمِ: ”آءُ“؛ هِڪ تِکو ئِي تارِ وَهي، ٻِيو لُڙُ، لَهريُون ۽ واءُ؛ ساڻِي جن اَللهُ، ٻُجھان سي نه ٻُڏندِيُون. 7 هارِي! حَقُّ رَکيجِ، سانڀارا ساهَڙَ جو؛ خوابَ، خيالَ، خَطرا، تن کي تَرَڪُ ڏِئيجِ؛ اَندَرُ آئِينو ڪري، پَرِ ۾ سو پَسيجِ؛ اِنهِيءَ راهَ رَميجِ، ته مُشاهِدو ماڻِـئين. 8 سانڀارا سيئِي، تَنُ جنِين جو طالِـبُو؛ مَنُ پِريان نيئِي، پڳهِيو پاڻ ڳَري. داستان اٺون 1 ٻُڏَندي ٻُوڙَنِ کي، ڪي هاتِڪَ هَٿَ وِجَھنِ؛ پَسو لَڄَ، لَطِيفُ چڱي، ڪيڏِي کي ڪَکَنِ؛ توڻي ڪَنڌِيءَ ڪَنِ، ناتَ ساڻِن وڃن سِيرَ ۾. 2 ڪَچِي ڪانِي ڪانهَن، ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان؛ يا لَنگھائي، لَطِيفُ چئي، يا ڌُريان ڪري دانهَن؛ ڪَما حَقَہُّ ڪَکَنِ جِي، آهي ڳالھ اَڳانہَ؛ جيڪِي ڏي ٻُڏَنِ کي ٻانهَن، ناتَ ساڻِن وڃن سِيرَ ۾. 3 آهِئين هُتِ اُماڻَ، ٻَڌُ تُرَهو تارِ جو؛ لَهريُون، لُڙَ، لَطِيفُ چئي، جَھليا جُنگَ جُواڻَ؛ اُونهي تَڙِ آگَھٽِيا، آڏي پائي آڻَ؛ جي پِيا مُنهن مهراڻَ، تن ٻانڊِيُنِ ٻيٽُ نه اُڄَهي. 4 ڪَچي ساڻُ ڪَهي، پَڪو پُڇي نه سُهڻِي؛ لَنگھيو لُڙُ، لَطِيفُ چئي، وَڇارَنِ وَهي؛ سا ڪِئن نِينهَن نهَي؟ جنهنکي نِينهَن نَڌو کـڻِي. 5 ڪڍيا جي ڪُلالَ، سي پَسِي خالَ خُوشِ ٿِـئي؛ پاڻِيءَ چِٽَ پُسائِيا، ڌاءَ نه جَھلِي ڌَمالَ؛ سپَڪَ ڀانيا سُهڻِيءَ، جوڀَنَ جي جَمالَ؛ آڪي جا اَحوالَ، مَعۡلُمُ ٿيا مهراڻَ ۾. 6 ڪَچو تان ڪوهُ؟ پَڪو نَظَرُ پِريُنِّ جو؛ ساهَڙُ مُنهِنجو سُپِرِين، ڏَمَ ڏِٺيئِي ڏوهُ؛ جي ڇَٽو جي ڇوهُ، ته پُورِيندِيَسِ پارِ مَڻِي. 7 ڪَچي ڪَٽُ نه جَھليو، ڀيلو پِيو ڀُرِي؛ سارَ ڇَڏيائِين سِيرَ ۾، ٻانهُنِ کان ٻُرِي؛ لَٽي لَهريُون ويئِيُون، چؤڌارِي چُرِي؛ هِنئَڙي مَنجھ هُرِي، ماهِيَتَ مَلَڪَ الۡمَوتَ جي. 8 ڀيلي ڀُلائِي، پَسِي چِٽَ چَرِي ٿِـئِي؛ ”ٻِرَ! ٻِرَ! ٻُڏِي سُهڻِي!“ وِيرُنِ ۾ وائِي؛ ڪَچي ڪيرائِي، لال لَهرنِ وِچَ ۾. 9 پَڪو کَـڻِـجِ پاڻَ سين، چَڱو چِٽائي؛ ڪَچو ڏيجِ ڪُلالَ کي، مُنهن تي موٽائي؛ سو سُڻُ هِنئين سين، سُهڻِي! جيڪِي فائِقُ فَرمائي؛ مؤجُون مُنجھائي، مارِينِئِي مَهراڻَ جون. 10 ڀِرُ، ڀَـلِيرا سُپِرِين! ڀَلا ۾ بيراهَ؛ تو رِءَ تارِي ناهِ ڪا، والِي! تو رِءَ واهَ؛ ساهَڙَ جي صَلاحَ، تَنَ کي ڪَڍِي تارِ مان. 11 تَنَ کي ڪَڍي تارِ مان، صُلحُ ساهَڙَ جو؛ اُتِ آڏو اَچي ڪِين ڪِي، ٻيلِيپَو ٻِئي جو؛ ميهَرَ! ڪَج مُنهنجو، ڪو اوڪَرُ ڪَنهِين آرَ تان. داستان نائون 1 جَرِ ٿَرِ تِکَ تَنوارَ، وَڻ ٽِڻ وائِي هيڪڙِي؛ سڀيئِي شَئِ ٿِيا، سُورِئَ سَزاوارَ؛ هَمَہَ مَنصُورَ هَزارَ، ڪَهڙا چاڙهيو چاڙهئين. 2 سَڀَتِ پَچار پِريُنِ جِي، سَڀَتِ هوت حُضُورُ؛ مُلڪُ مِڙيو مَنصُورُ، ڪُهِي ڪُهَندين ڪيترا؟ 3 لَهرنِ لَکَ لِباسَ، پاڻِي پَسَڻُ هيڪِڙو؛ اُونهي تَنهِن عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ؛ جِتِ ناهِ نِهايتَ نِينهَن جِي، کوءِ اُتِ پنهنجِي کاسَ؛ تَڙَنِ جِي تَلاسَ، لاهِ ته لالَنَ لَڳِ ٿِـئين. 4 وَڃان ڪِينَ وَرِي، هُوندَ رِءَ چَئي رَهِي رَهان؛ دُونهِينءَ پاسي دوسَ جي، ماڳَهِين پَئان مَرِي؛ صُورَتَ نه سُنهن ڪا، ڪَيسِ چِتَ چَرِي؛ وِصالان فِراقَ جِي، سُڄي ڳالھ ڳرِي؛ تيلاهِين تَرِي، مُنهن ڳِنِيو موٽيو وڃان. 5 جي قِيامَ مِڙَنِ، ته ڪَرَ اوڏا سُپِرِين؛ تِهان پَري سُڄَنِ، واڌايُون وِصالَ جُون. 6 آئُون ڪِ نه ڄاڻان اِيئن؟ ته جَرَ گِھڙي جوکو ٿئي؛ قَضا جا ڪَرِيمَ جِي، تَنهن کان ڪَنڌُ ڪَڍِبو ڪِيئن؟ هِڪُ لِکِـئي، ٻِئي نِينهَن، آڻي اولِيَسِ اول ۾. 7 نه ڪاتِيءَ نه ڪانهَن، نڪو ڏوهُ قَلَمَ جو؛ اَنگُ اُتيئِي لِکِيو، جِتِ نه رَسي ٻانهَن؛ ڪَنهِنکي ڏِيان دانهَن؟ قَضا قَلَمُ وَهائِيو. 9 نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ؛ عَدَدُ ناهِ عِشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لَهي. 10 سِڪَ تُنهِنجِي، سُپِرِين! اَندر ٿِي اَجَھلَ؛ ٻَرڪِيو ٻاهر نِڪري، کُوري کانـئِي کَلَ؛ رِءَ سِيراهِيءَ سَل، مُونکي ڏِنا سَڄَڻين. 11 ڪِي تران ڪِي تارِ مُون، ڪِي سَگھان ڪِي سَگُھ؛ آڏو ڏيجِ مَ لَڳُ، مُون هيڪلِيءَ، وَلَها. 12 ڏِٺي ڏِينهَن ٿِيامَ، ڪوهُ ڄاڻان ڪهڙا پِرِين؟ سَهسين سِڄَ اُلَهِي، واجھائِيندي وِيامِ؛ تنِين سالَ ٿِيامَ، جنِين ساعَتَ نه سَهان. ابيات متفرقه 1 ساهَڙَ ڌاران سُهڻِي، نِسورِي ناپاڪَ؛ نَجاسَتَ ناهِ ڪري، اُنِين جِي اوطاقَ؛ هُوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تنِين پاڪَ ٿِـئي. 2 ساهَڙَ ڌاران سُهڻِي، هِيءَ تان جُنبِي جوءِ؛ هِنَ پاڻِيءَ سين پانهنجو، مُورِ نه مَٿو ڌوءِ؛ جي پِرِينءَ پاسي هوءِ، ته ڪَر توڏِيءَ تَڙُ ڪيو. 3 ساهَڙَ ڌاران سُهڻِي، هِي تان جُھڪِي زالَ؛ توڏِيءَ تَپُ شرُوع ٿِيو، هَئِ! هِيڻيءَ جي حالَ؛ جَڏِيءَ رِءَ جَمالَ، اَگِھي ٿِي آهُون ڪري. 4 ساهَڙَ ڌاران سُهڻِي، آهي ۾ آزارَ؛ ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکَندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگھارَ؛ توڏِيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوا ۾ دِيدارَ؛ جي پَسي مُنهن ميهارَ، ته سِگھيائِي سَگِھي ٿـئي. 5 ڏِيهاڻِي ڏَمَرُ ڪري، مَٿي مُحَبَتَ مُون؛ تنهِن کي اَچِي تُون، پِرِيَمِ! ڪوهُ نه پَلئِين. 6 جان جان هُئِي جِئَرِي، وِرِچِي نه ويٺِي؛ وڃِي ڀُون پيٺِي، سِڪَندِي کي سَڄَڻين. 7 جان جان هُئِي جِئَرِي، ويٺِي نه ويساندِ؛ لُڙهِي لَهرِن پاندِ، مُيائِي ميهارَ ڏي. 8 وَرُ اُونداهِي راتَڙِي، کوءِ چانڊُوڻِيءَ چنڊان؛ اوري ميهاران، مُنهن مَ پَسان ڪو ٻيوَ 9 سائِر ٻوڙِي سُهڻِي، نه ڍوري نه ڍنڍِ؛ اَکين مَنجھ اُڪَنڍَ، مُيائِي ميهار ڏي. 10 سانوڻَ لَهرِيُون، ٿَرَ وارِي، تِرَ وارَ؛ اِنهان ئِي اَپارَ، مُون سين ڀَلي ڀالَ ڪيا. وائي مُنهِنجُون سڀيئِي، آيَلِ! ماءِ، مَنَ مُرادُون پُنيُون. جهڙِي پِرِيان ڳالھڙِي، تَهڙِي ٻِي نه ڪاءِ؛ ڪجي تان ڪوڏُ ٿِـئي، سُڄي تان سيباءِ؛ ويھُ داتا جي دَرَ تي، شُڪُر جَنهن جُڳاءِ؛ ڪانهي حَدَ حَمَدَ جِي، ته ڪَرِيان لالَنَ لاءِ؛ ڳَـڻِيو، ڳَـڻِيان ڪيتريُون، وَڏيُون وَڏاياءِ؟ سو مُون هَٿان نه ٿِـئي، جيڪِي تو جُڳاءِ؛ تو سَڄِيُون، تو سَنديُون، سِڪَن توهِين ساءِ؛ اُڃَ تُنهِنجي اُڃيُون، لوچِنِ توهِين لاءِ؛ دِلِ دانهُنِ ري نه رهي، مُون کي ماٺِ جُڳاءِ. هن سُر جي اينٽري عبدالماجد ڀرڳڙي ڪئي.