هي ڪهاڻي آهي هڪ اهڙي ماڻهون جي جيڪو ڪنهن بس سٽاپ تي روڊ ڪناري برياني جي ديڳ ريڙهي تي رکي برياني کپائي پنهنجو، پنهنجي گهرواري ۽ اسڪول ويندڙ پٽ جو پيٽ گذر ڪندو هو.... هي اڻ پڙهيل هو ان ڪري اخبار نه پڙهندو هو.... هي ٻڌڻ ۾ ڪمزور هو ان ڪري ريڊيو به ڪونه ٻڌندو هو... ۽ اکين کان به ڪجهه گهٽ ڏسندو هو ان ڪري ٽي وي به نه ڏسندو هو.. پر برياني ٺاهڻ ۽ کپائڻ لاءِ هوڪو ڏيڻ جو ماهر هوندو هو.... جنهن ڪري ماڻهو سندس پرڪشش هوڪو ٻڌي برياني جي پليٽ ضرور وٺندا هئا.... آهستي آهستي سندس سيَل وڌڻ لڳي جنهن ڪري هن هڪ ڇوڪري کي ملازم طور رکيو .... ڪم تڪڙو نبرڻ ڪري سندس برياني جي کپت به وڌڻ لڳي ۽ گراهڪ به وڌڻ لڳا ... آخر هن ڀرسان ئي هڪ دڪان ڪرائي تي ورتو ۽ ڪجهه سٽاف ڀرتي به ڪيو .... ماڻهن کي سندس برياني وڌيڪ ڀلي لڳي ته هن هوم ڊيليوري به شروع ڪئي .... ڏسندي ئي ڏسندي سندس ڪاروبار چمڪڻ لڳو هاڻي ته سندس پٽ به سندس جو هٿ ونڊرائڻ لڳو جيڪو تازو ڪاليج مان گريجئيشن ڪري نڪتو هو.... وقت سٺو گذري رهيو هيو ته اچانڪ وقت ڦيرو کاڌو... هڪ ڏينهن پٽس کيس چيو ...”بابا ڇا توهان کي ڪجهه خبر آهي..؟“ ”ملڪ ۽ دنيا جي معاشي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وڃي... اخبارن، ريڊيي ۽ ٽي وي تي روز اهڙيون خبرون پيون هلن ته ملڪن مان پيسو ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿيندو ٿو وڃي... ڇونه اسان پنهنجي ايندڙ ڏکين ڏينهن لاءِ ڪجهه ڪريون...؟“ هن سوچيو ته پٽس پڙهيل ڳڙهيل آهي ۽ اهڙيون خبرون روز ٽي وي تي ٻڌندو آهي ان ڪري هن ٻئي ڏينهن تي پنهنجي دڪان تي سجايل سڪيمن واري بورڊ کي لاهي ڇڏيو ۽ سٽاف کي گهٽ ڪري ڇڏيو... هوم ڊيليوري واري سڪيم به بند ڪري ڇڏي.... آهستي آهستي پراڻين سڪيمز نه هجڻ ڪري هن جي دڪان تي ماڻهن جي رش گهٽڻ لڳي ۽ هن جي دڪان جي سيل ۽ منافعو گهٽجڻ لڳو... ايتري قدر جو هن کي پنهنجي باقي سٽاف کي پڻ هٽائڻو پيو... اهڙي صورتحال تي هن پنهنجي پٽ کي چيو...”پٽ تو صحيح چيو ... واقعي ماڻهن وٽ پيسي جي قلت ايندي ٿي وڃي ان ڪري ئي ته دڪان جي سيل گهٽ ٿي ٿئي ... مون کي خوشي آهي ته اهڙي ڏکئي وقت اچڻ کان اڳ ئي تو مون کي آگاهي ڏني....“ سبق؛ اهو سڀ ڪجهه پنهنجي ذهن جو اختراع آهي ... اصل ۾ اسان پنهنجي سوچ کان به وڌيڪ معاشي بدحالي کي هوا ڏني آهي....