اسان جڏهن هوش سنڀاليو ڇا نه ماڻهو ها محبتون هيون ميلا هيا ملڻ جون سڪون هونديون هيون حيا هو شرم هو ننڍ وڏائي جا وڏا لحاظ هوندا ها استاد جو احترام هوندو هو استاد وٽ سختي هوندي هئي ته شفقت به هوندي هئي مجال جو ڪو ٻار استاد جي حڪم جي تذليل ڪري ۽ هاڻي توبه توبه عجيب دور آيو آهي نه حيا نه لڄ نه شرم نه ديد نه لحاظ نه احترام عجيب زمانو آيو آهي ڪڏهن اسان جي وهم و گمان ۾ به هي زمانو نه هو جي کڻي ڪنهن ننڍي کي ٿا ڪُجُھ چؤن ته ملڪ ۾ باه ٻريو وڃي اهو ئي ڪارڻ آهي جو نه ادب رهيو آهي نه علم رهيو آهي نه استادن جو احترام هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي لڳل آهي هرڪو پنهنجي غرض جو بندو آهي هر ڪو پنهنجو وڏو پاڻ آهي معاشري مان لحاظ ئي ڄڻ لڏي ويو آهي آهي نه ائين؟ بزرگ هڪ محفل ۾ اهڙا ويچار ٿي ونڊيا ته هڪ نوجوان دوست چيو سائين هٿ ادب جا ٻڌي جي اجازت هجي ته عرض ڪريان سڀني ڪچهري ۾ ويٺل ماڻهن هن ڏانهن ڏٺو ؤ هڪ بزرگ ڪنڌ لوڏي هن کي اجازت ڏني هن چيو سائين اهي حالات اوهان جي ڪري ئي خراب آهن نه اسان نوجوانن جي ڪري ته هڪ ساٿي پڇيو ڪيئن ؟ نوجوان ۔۔۔۔ سائين جڏهن اوهان جا وڏا هيا ته دؤر ٺيڪ هو هاڻي اوهان وڏا آهيو ته دؤر خراب آهي ته دؤر اوهان جي وقت ۾ خراب ٿيو آهي نه ڪي اسان جي وقت ۾ اسان کي ميراث ۾ موجوده دؤر اوهان ڏئي رهيا آهيو۔ ته هڪ بزرگ هن کي هڪ واقعو ٻُڌايو حضرت علي عه جي زماني ۾ تاريخي نظر وجهجي ته اسلامي مملڪت ۾ اهڙن فسادن جنم ورتو جنهن جي بعد ۾ ڪا مثال نظر نه ٿي اچي جنگ جُمل هجي يا صفين هجي يا خارجين جا فساد انهن فسادن کي ڏسندي هڪ شخص حضرت علي عه کان سوال ڪيو سائين پهريان ٽن خليفن رضه جو جيڪو دؤر گذريو انهن جي دؤور ۾ اهڙا فساد نه ها اوهان جي دؤور ۾ ڇو ته حضرت علي عه هڪ خوبصورت جواب ڏنو ته پهرين خيلفن جي دؤور ۾ آءُ انهن جو مُشير هيس ۽ هاڻي توهان جهڙا منهنجا مُشير آهن اسان جي وڏڙن جو دؤر ڀلو هو جوا اسان جهڙا نوجوان انهن کي مليا اسان جو دؤر ان لاءِ خراب آهي جو اوهان جهڙا نوجوان اسان کي مليا وسلام
اسان جڏهن هوش سنڀاليو ڇا نه ماڻهو ها محبتون هيون ميلا هيا ملڻ جون سڪون هونديون هيون حيا هو شرم هو ننڍ وڏائي جا وڏا لحاظ هوندا ها استاد جو احترام هوندو هو استاد وٽ سختي هوندي هئي ته شفقت به هوندي هئي مجال جو ڪو ٻار استاد جي حڪم جي تذليل ڪري ۽ هاڻي توبه توبه عجيب دور آيو آهي نه حيا نه لڄ نه شرم نه ديد نه لحاظ نه احترام عجيب زمانو آيو آهي ڪڏهن اسان جي وهم و گمان ۾ به هي زمانو نه هو جي کڻي ڪنهن ننڍي کي ٿا ڪُجُھ چؤن ته ملڪ ۾ باه ٻريو وڃي اهو ئي ڪارڻ آهي جو نه ادب رهيو آهي نه علم رهيو آهي نه استادن جو احترام هر ڪنهن کي پنهنجي پنهنجي لڳل آهي هرڪو پنهنجي غرض جو بندو آهي هر ڪو پنهنجو وڏو پاڻ آهي معاشري مان لحاظ ئي ڄڻ لڏي ويو آهي آهي نه ائين؟ بزرگ هڪ محفل ۾ اهڙا ويچار ٿي ونڊيا ته هڪ نوجوان دوست چيو سائين هٿ ادب جا ٻڌي جي اجازت هجي ته عرض ڪريان سڀني ڪچهري ۾ ويٺل ماڻهن هن ڏانهن ڏٺو ؤ هڪ بزرگ ڪنڌ لوڏي هن کي اجازت ڏني هن چيو سائين اهي حالات اوهان جي ڪري ئي خراب آهن نه اسان نوجوانن جي ڪري ته هڪ ساٿي پڇيو ڪيئن ؟ نوجوان ۔۔۔۔ سائين جڏهن اوهان جا وڏا هيا ته دؤر ٺيڪ هو هاڻي اوهان وڏا آهيو ته دؤر خراب آهي ته دؤر اوهان جي وقت ۾ خراب ٿيو آهي نه ڪي اسان جي وقت ۾ اسان کي ميراث ۾ موجوده دؤر اوهان ڏئي رهيا آهيو۔ ته هڪ بزرگ هن کي هڪ واقعو ٻُڌايو حضرت علي عه جي زماني ۾ تاريخي نظر وجهجي ته اسلامي مملڪت ۾ اهڙن فسادن جنم ورتو جنهن جي بعد ۾ ڪا مثال نظر نه ٿي اچي جنگ جُمل هجي يا صفين هجي يا خارجين جا فساد انهن فسادن کي ڏسندي هڪ شخص حضرت علي عه کان سوال ڪيو سائين پهريان ٽن خليفن رضه جو جيڪو دؤر گذريو انهن جي دؤور ۾ اهڙا فساد نه ها اوهان جي دؤور ۾ ڇو ته حضرت علي عه هڪ خوبصورت جواب ڏنو ته پهرين خيلفن جي دؤور ۾ آءُ انهن جو مُشير هيس ۽ هاڻي توهان جهڙا منهنجا مُشير آهن اسان جي وڏڙن جو دؤر ڀلو هو جوا اسان جهڙا نوجوان انهن کي مليا اسان جو دؤر ان لاءِ خراب آهي جو اوهان جهڙا نوجوان اسان کي مليا
هڪ غلطي تسليم ڪيو ٻي سهپ بي پيدا ڪيو ، ڪمپيوٽر تي ويهي ڪنهن بي ويبسائيڊ تي سٺيون ڳالهيون تحرير ڪريو ، ٽي وي چينلن تي سُٺا پروگرام ڏيکارڻ تي زور ڏيو
اها ڳالهه ته سچي آهي ته اڄڪلهه جو نوجوان ڪم گهٽ ۽ آسائش وڌيڪ جي چڪر ۾ آهي۔ سڀ شئي ٺهي ٺُڪي ملي۔ دور انديشي جو ذرو به نه۔ پوءِ ته اهي حال ٿيندا نه؟