ادا السلام و عليڪم! پاڪستان ريلوي جي پاران جاري جيل رسالو جاري ڪيو ويندو آهي، جنهن کي پڙهڻ لا هتي ڪلڪ ڪيو۔ http://www.pracsltd.com/index.php?p=magazine اميد ته سٺو لگندو۔ رايا ضرور ڏيندا۔ هوش محمد۔
ادا توهان جي مهرباني جو توهان ريلوي جي بهترين سائيٽ ونڊ ڪئي آهي پر ادا حقيقت ته اهيا آهي ته هاڻ ريلوي جو وڃي نالو رهيو آهي باقي ته ريلوي جو ادارو مڪمل طور تباهه ٿئي چڪو آهي،۽ جهري ريت اسان جي ملڪ جي هڪ فلم انڊسٽري ۽ ٻيو ريلوي جو ادارو تباهه ٿيا آهن اهڙي ريت شايد ڪي ٻيا به ادارا تباهه ٿيا هجن،مان ته سمجهان ٿو ته اسان جي ٽنڊي جو اهو شيدي به حيرت کائيندو هوندو( جنهن هڪ ريل کائڻ جي دعوا ڪئي ) ته مان ته هڪ ريل کائڻ جي صرف دعوا ڪئي هئي مگر هت ته سوين ريلون ۽ ان جون انجڻيون کائجي ويون آهن پاڪستان ريلوي جي تباهي جو ذميوار ڪير؟ عبدالجبار ناصر سڄي دنيا ۾ خاص طور تي پوئتي پيل ملڪن ۾ سفر ڪرڻ لاءِ سڀ کان آسان وسيلو ريل گاڏي کي سمجهيو ويندو آهي انڪري سڄي دنيا ۾ ريل گاڏين تي ڌيان ڏنو ويندو آهي. عام طور تي ترقي يافته ملڪن ۾ به ريلويز واري کاتي تي بيحد توجه ڏني ويندي آهي ۽ آمريڪا، برطانيا، چين، جاپان ۽ وڌيڪ ترقي يافته ملڪن ۾ امير طبقو پڻ سفر ڪرڻ لاءِ ڪيترا ئي ڀيرا ٽرين استعمال ڪندو آهي. پر پاڪستان جو شمار دنيا جي اهڙن ملڪن ۾ ٿيندو آهي جتي هميشه ريلوي جي کاتي کي ريلوي جا حڪمران ۽ وڏا وڏا آفيسر تباهه ڪري ڇڏيندا آهن. ورهاست جي وقت پاڪستان ريلوي ٽريڪ 10 هزار ڪلوميٽر طويل هو جنهن ۾ 63 سال گذرڻ بعد اضافو ٿيڻ بدران لڳ ڀڳ 20 کان 25 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي ۽ ان وقت اسانجو ريلوي ٽريڪ لڳ ڀڳ 8 هزار ڪلوميٽر کان به گهٽ ٿي چُڪو آهي. جنهن ۾ اٽڪل 70 سيڪڙو ريلوي ٽريڪ برباد ٿي چُڪو آهي ۽ صرف 30 سيڪڙو ٽريڪ جي حالت اهڙي آهي جيڪو فني طور تي استعمال ڪرڻ جوڳو آهي. هونئن ته سگنل جو نظام به 1947 جي مقابلي ۾ 2010 ۾ تباهي جو شڪار ٿي چُڪو آهي. انهن ٻنهيءَ شئين سبب گاڏين جا بدترين واقعا اسانجي زندگي جو حصو بڻجي ويا آهن. هڪ اندازي موجب سڄي ملڪ ۾ روزانو ڪو نه ڪو ننڍو وڏو واقعو ضرور ٿيندو آهي ۽ انهن واقعن جي نتيجي ۾ روزانو لڳ ڀڳ هڪ بوگي تباهه ٿيندي آهي، جڏهن ته 15 ڏينهن کانپوءِ هڪ انجن پڻ تباهه ٿيندو آهي ۽ ريلوي اسٽيشنز جي حالت به ساڳئي آهي. پر ايترو ڪجهه ٿيڻ باوجود 1999ع تائين ريلوي نظام ڪهڙي نه ڪهڙي طرح پاڪستان ۾ جاري هو. جهڙي طرح 12 آڪٽوبر 1999ع جو ڏينهن پاڪستان جي سياسي، سماجي، نظرياتي ۽ جاگرافيائي سرحدون اخلاقي حوالي سان تباهي جو ڪارڻ بڻجي ويو، ساڳئي ريت هو ڏينهن پاڪستان ريلوي جي تباهي جو ڪارڻ پڻ بڻجي ويو. اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف اقتدار ۾ اچڻ کان ترت پوءِ سندس دوست ۽ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جاويد اشرف قاضي کي پهريان ريلوي جو چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ کيس ريلوي واري وزارت ڏئي ڇڏيائين، جنهن ريلوي واري کاتي کي ذري گهٽ تباهي جي ڪناري تائين پهچائي ڇڏيو هو. جڏهن به ڪنهن شخص جي دل مان رب جو خوف ختم ٿي ويندو آهي ۽ قومي ناڻي کي ذاتي مال سمجهي ڪري استعمال ڪيو وڃي ته ڌڻي سڳورو هن شخص کي عقل کان محروم ڪري ڇڏيندو آهي. جاويد اشرف قاضي پاڪستان ريلوي جي تباهي جو سڀ کان وڏو ذميوار آهي، هن چين سان 144 ريلوي انجنز جو معاهدو ڪيو جن مان 69 انجن گهرايا ويا جيڪي صرف 2 سالن دوران خراب ٿيڻ شروع ٿيا ۽ اڃان تائين 40 انجن خراب ٿي چُڪا آهن پر ايترو ڪجهه ٿيڻ باوجود به هاڻوڪي سرڪاري اڳوڻي معاهدي موجب هڪ ڀيرو ٻيهر ساڳئي ڪمپني کان وڌيڪ 75 انجنز خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حالانڪه معاهدي موجب هن ڪاميٽي جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ها. چين کان گهرايل انجنز جي مقابلي ۾ برطانيا، آمريڪا ۽ جاپان جا انجنز وڌيڪ پائيدار سمجهيا ويندا آهن. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو هن وقت پاڪستان ريلوي وٽ 202 انجن استعمال ڪرڻ جوڳا آهن، جن مان ڪيترن ئي انجنز جي عمر 15 سال کان 40 سال آهي. ريلوي انتظاميا موجب، پاڪستان ريلوي وٽ 520 انجنز موجود آهن، جن مان 318 خراب آهن، جڏهن ته 5000 بوگين جي حالت اهڙي آهي جن مان اٽڪل 3000 خراب آهن يا هنن جي مرمت ٿيڻ واري آهي. هر سال حڪومت ريلوي نظام جي بحالي لاءِ اربين رپيا خرچ ڪندي آهي پر ايترو ڪجهه ٿيڻ باوجود به ريلوي وارو کاتو تيزي سان تباهي ڏانهن وڌي رهيو آهي، هن جو ذميوار ڪير آهي؟ هاڻوڪي سرڪار ريلوي واري کاتي ۾ خسارو ظاهر ڪري 120 ريل گاڏيون بند ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو آهي. جن مان اڃان تائين 28 گاڏيون بند ڪرڻ جو اعلان پڻ ٿي چُڪو آهي. سڀ کان انوکي ڳالهه اِها آهي ته سڄي دنيا هن کاتي ۾ ترقي ڪري رهي آهي ته پوءِ اسانجو ملڪ ٻين ملڪن کان پوئتي ڇو رهجي ويو آهي. 40 سال پهريان 360 گاڏيون هلنديون هيون، وقت سان گڏوگڏ ريل گاڏين ۾ خسارو ٿيڻ شروع ٿي ويو ۽ اڄ کان 6 مهينا اڳ 360 گاڏين مان صرف 260 ريل گاڏيون موجود آهن جن مان 220 مسافر گاڏيون ۽ 40 مال گاڏيون هيون. هاڻوڪي حڪومت جي منصوبي موجب 220 مان 120 مسافر ريل گاڏين کي خساري ۾ ڄاڻائي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هنن ۾ ڪجهه اهڙيون گاڏيون پڻ شامل آهن جن کي ڪجهه سال پهريان سڀ کان وڌيڪ منافعو ڪمائيندڙ گاڏيون قرار ڏنو ويو هو. اڄ انهن گاڏين جي بدحالي ۽ تباهي سبب سڄي قوم پريشان آهي. اسين 2007 کان 2010 ۾ هلندڙ ريل گاڏين جو جائزو وٺندا سين ته انهن ريل گاڏين جي بوگين ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي. ڪراچي کان هلندڙ عوام ايڪسپريس ۾ سال 2007 ۾ به 19 بوگيون ٿينديون هيون ۽ اڃ به 19 بوگيون آهن. شاليمار ايڪسپريس جيڪا ڪراچي کان لاهور تائين ويندي آهي هن کي به خساري واري گاڏي قرار ڏئي ڪري بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. حالانڪه هن گاڏي جو شمار پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ منافعو ڪمائيندڙ گاڏين ۾ ٿيندو آهي. 2008ع ۾ شاليمار ايڪسپريس ۾ 18 بوگيون هيون جن ۾ اي سي، لوئر اي سي ۽ پارلر جون 4 بوگيون شامل هيون، پر 2010 ۾ چارئي بوگيون هٽائي صرف اڪانومي ڪلاس جون 14 بوگيون شامل ڪيون ويون جن سان 30 سيڪڙو نقصان ٿيو. ساڳئي ريت ملڪ جي سڀ کان پراڻي گاڏي ”تيز رو ايڪسپريس“ کي به خساري واري گاڏي قرار ڏئي ڪري بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اِها ريل گاڏي ڪراچي کان پشاور تائين هلندي هئي جنهن ۾ روزانو 4000 مسافر سندن منزل تائين پهچندا هئا. هڪ اندازي موجب 2007 ۾ روزانو ”تيز رو ايڪسپريس“ جي آمدني 18 کان 22 لک رپيا هئي جڏهن ته خرچ صرف 10 کان 12 لک هو ۽ دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته ”تيز رو ايڪسپريس“ کي خساري واري گاڏي ظاهر ڪرڻ خاطر هن ريل گاڏي ۾ 18 بوگين بدران صرف 5 بوگيون رهجي ويون آهن جنهن سان ”تيز رو ايڪسپريس“ خساري واري گاڏي بڻجي وئي. اسين 2007 ۾ ڪراچي کان هلندڙ ريل گاڏين جي بوگين جو انگ ترتيب سان لکي رهيا آهيون ته جيئن اسانجا پڙهندڙ آساني سان سمجهي سگهن. شاهه رُڪن عالم 15 ۽ 6. چناب ايڪسپريس 14. سپر ايڪسپريس 19 ۽ 12. پاڪستان ايڪسپريس 19، 5، 7 ۽ 10. مهراڻ ايڪسپريس 6 ۽ 7. قراقرم ايڪسپريس 18 ۽ 15. ملت ايڪسپريس 18. تيزگام ايڪسپريس 18 ۽ 15. ڪراچي نائٽ ڪوچ 18 ۽ 15. زڪريا ايڪسپريس 18 ۽ 12. قلندر ايڪسپريس 7. فريد ايڪسپريس 12، 16 ۽ ٿر ايڪسپريس جون 12 بوگيون ٿينديون هيون ۽ هاڻي به آهن. مٿي ڄاڻايل ريل گاڏين مان پهريون حصو 2007 ۽ ٻيون 2010 جو آهي جڏهن ته انهن ٻنهيءَ سالن ۾ بلوچستان ايڪسپريس 10. فيصل آباد ايڪسپريس 15. جناح ايڪسپريس 15. سر سيد ايڪسپريس 14، نشتر ايڪسپريس 14 ۽ ڀنڀور ايڪسپريس جون 15 بوگيون ٿينديون هيون. ڪُل اي سي، لوئر اي سي ۽ پارلر ڪار جون 80 سيڪڙو بوگيون ختم ڪيون ويون. تنهنڪري روزانو آمدني بدران خسارو ٿي رهيو آهي. ريلوي ذريعن موجب ريلوي ۾ موجود ڪرپٽ عهديدار فني طريقي سان منافعي واري گاڏين کي خساري ۾ هلندڙ گاڏيون ڄاڻائيندا آهن جنهن کان ترت پوءِ انهن گاڏين کي بند ڪيو ويندو آهي. گاڏين کي خساري ۾ ڄاڻائڻ کان اڳ هنن ريل گاڏين جي حالت خراب ڪئي ويندي آهي جنهن کانپوءِ ريل گاڏي جون بوگيون گهٽ ڪيون وينديون آهن ۽ جنهن سبب ڪرائي ۾ اضافو ڪيو ويندو آهي. گاڏين جي اهڙي حالت سبب مسافرن جي تعداد تمام گهٽجي ويندي آهي جنهن کانپوءِ خسارو ٿيندو آهي. هاڻي به ڪجهه ريل گاڏين جي حالت ساڳئي آهي. دراصل ريلوي ۾ موجود ڪجهه ڪرپٽ عهديدار ريلوي واري کاتي کي تباهه ڪري ٽرانسپورٽ مافيا کي فائدو پهچائڻ چاهيندا آهن. ڏٺو وڃي ته ريلوي جي تباهي جي ذميوار حڪومت ۽ ڪرپٽ مافيا آهي جيڪي ريلوي واري کاتي کي تباهه ڪري ٽرانسپورٽ مافيا جي مفادن ۾ شامل آهن. جيڪڏهن حڪومت ريلوي واري کاتي تي ڌيان ڪونه ڏيندي ته پوءِ ان ڳالهه ۾ شڪ ناهي ته ايندڙ 3 کان 5 سالن دوران ريلوي جو نظام، پاڪستان ۾ بلڪل تباهه ٿي ويندو. هاڻي ڇا هر مسئلي جو حل ”بندش“ سمجهيو ويندو آهي؟ ڇا دُڪان، ڪاروبار، گاڏيون، تعليمي کاتا، آفيس ۽ ڪاروباري مرڪز بند ڪري اسين سمورا مسئلا نبيري سگهندا سين؟ ائين هرگز ناهي. اِهو ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي بلڪ ائين ڪرڻ سان صورتحال ويتر خراب ٿيندي ۽ ڏينهون ڏينهن نوان مسئلا جنم وٺندا. هاڻي اِهو ڏسڻو آهي ته حڪومت ڪهڙو ڪردار ادا ڪندي؟ باقي ريلوي واري وزير غلام احمد بلور جي ڳالهه آهي ته شايد کيس پاڪستان ريلوي باري ڪنهن به شئي جي خبر ناهي. ڪجهه ماڻهون ته غلام احمد بلور مٿان الزام هڻي رهيا آهن ته هو ٽرانسپورٽ مافيا کي فائدو پهچائڻ خاطر ريلوي وارو کاتو برباد ڪري رهيو آهي.