تعارف

'تعارف' فورم ۾ شاهنوازجسڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2009۔

  1. شاهنوازجسڪاڻي

    شاهنوازجسڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪاتي هيٺان ڪنڌ، پوء به نعرا نينهن جا،
    سنڌڙي جو سوڳنڌ، مرنداسي پر مرڪندي۔

    اوهان سڀني سڄڻن کي سڪ ڀريو سلام۔۔۔۔۔۔
    شاهنواز جسڪاڻي سنڌ سلامت فورم ۾ حاضر آهي۔ اميد ته اسان سڀ سنڌ جي سلامتي کي پنهنجو فرض سمجهندي پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين۔

    آء ضلعي خيرپور جي هڪ خوبصورت ڳوٺ دٻي جو رهواسي آهيان پر نوڪري جي سلسلي ۾ ڪجھ سالن کان اسلام آباد ۾ رهان پيو۔

    تعليمي لحاظ کان مان ڪمپيوٽر سا ئنس ۾ ماسٽرس آهيان ۽ ان سان گڏ ايم بي اي به ڪئي آهي۔ مان 8 سالن کان مختلف ادارن ۾ خدمتون انجام ڏئي رهيو آهيان۔

    اميد ته هي فورم اسان سڀني لاء خاص ڪري سهڻي سنڌ لاء فائديمند ثابت ٿيندو۔

    ساٿ سلامت - سنڌ سلامت

    شاهنواز جسڪاڻي
    اسلام آباد
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    743
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    محترم شاهنواز جسڪاڻي، ڀلي ڀلي ڪري آيا، اسان جي محبتي اڱڻ سنڌ سلامت تي، سنڌ سلامت جي سموري سٿ پنهنجي دل جي گهرائين ۽ پنهنجي اُتساهه سان توهان جو آڌر ڀاءُ ڪري ٿي، ۽ محبتن سان توهان کي ڀليڪار چوي ٿي، اميد ٿي ڪري ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خدمت توهان پنهنجي صلاحيتن ذريعي، پنهنجي مضمونن ذريعي يا فنون لطيفه جي ڪنهن به من موهيندڙ سبجيڪٽ ذريعي سنڌ سلامت جي اڱڻ تان ڪندا رهندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اسان کي توهان جي هر ونڊ جو انتهائي شدت سان انتظار رهندو۔۔۔۔۔۔۔۔


    هي ڪجهه گُل آهن جيڪي توهان جي خدمت ۾ پوري سنڌ سلامت طرفان پيش آهن

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    369
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محترم سائين شاهنواز جسڪاڻي

    اوهان کي سنڌ سلامت جي وشال اڱڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔۔ اوهان جي قابليت جو اسان کي اندازو پهريان ئي ڪنهن دوست کان معلوم ٿي چڪو آهي۔۔۔۔ اوهان کي مون فيس بوڪ تي موجود پاتو آهي۔۔۔ اميد ته اوهان جهڙا قابل سنڌي دوست اسان جهڙن حقيرن ۽ اٻوجهن جا مددگار ثابت ٿيندا۔۔۔۔

    ۽ هن سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اوهان جي لکڻين جو بيحد انتّظار رهندو۔۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,921
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين شاهنواز جسڪاڻي صاحب توهان کي هن سنڌ سلامت جي سرهاڻ ڀرئي اڱڻ تي خوش آمديد چئون ٿا اميد ته توهان کي هي سائبر اوطاق ۽ ان ۾ محبت ڀريا ميزبان ۽ مهمان پسند ايندا ۽ اوهان کان به هن اوطاقي دوستن کي ڪافي فائدو رسندو شال سلامت هجو۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جيءَ جيارا جسڪاڻي صاحب؛
    حق موجود؛
    جڏهن ڪنهن پڙهيل لکيل ۽ باشعور سنڌيءَ سان ملاقات ٿيندي آهي ته سچ پڇو ته ڳاٽ اوچو ٿي ويندو آهي ۽ اندر مان آواز ايندو آهي ته سنڌ اڃان جيئري آهي ... سنڌ اڃان صديون ٺهيو جڳ جڳ جيئندي جو سنڌ ۾ جسڪاڻيءَ جهڙا ماڻهون آهن ... محبتي ... وطن جي جذبي سان سرشار ... ٻوليءَ جي مٺاس سان ڀريل ... دل جا دلبر ... سڄاڻ ۽ نون پراڻن علمن سان آشنا ...

    رب العالمين اوهانکي ترقي جي وڏين منزلن تائين رسائي ته من اوهانجي شڪل ۾ اسانجي قوم جو ڪو رهنما ۽ سپاهي ڪنهن محاذ تي موجود هجي ...

    دوست هن اڱڻ تي ڀلي ڪري آيا ... اسانجون اکيون ٿڌيون ... حال پريان نال، ويهي هڪ ٻئي سان سور سليندا سون، ڪجهه اوهانجي ٻڌانداسون، ڪجه پنهنجي ٻڌائينداسون ... ۽ اهڙي طرح ساٿ چڙهندو لڪيئين ....

    دعائن ۾ گڏ

    نثار ابڙو
    مڪو پاڪ
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,645
    ورتل پسنديدگيون:
    5,647
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا شاهنواز اميد ته هن ميڙاڪي کي قائم ۽ دائم رکڻ ۾ پنهنجي لکڻين ذريعي فورم تي باقائدگي سان ونڊيندا رهندا۔۔۔
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    267
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا شاهنواز جسڪاڻي سنڌ سلامت جي محبتن ڀريي اڱڻ تي توهان کي ڀليڪار، حسبِ روايت توهان جي خدمت ۾ گل پيش ڪيا ويا آهن،
    پر فقير ڪٿي آهي، جنهن جي گلن جي ڊيوٽي آهي، فقير او ادا ڦلپوٽه فقير
    ادا شاهنواز توهان جي لکڻين ۽ ساٿ جي هن فورم کي ضرورت آهي،
    اميد ته اسلام آباد ۾ ملاقات ضرور ٿيندي،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو