پيارا سنڌي ساٿيو جيئي سنڌ سنڌ سلامت اسٽوڊيو پاران پيش آهي شهر حيدرآباد ۽ هوسڙي شهر جي ڳوٺ خُدا ڏنو پنهور ۾ ملهايل سنڌي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي واري ڏينهن جي وڊيو رپورٽ: هن وڊيو جو ڪئمرامين عبدالغفور سمون آهي، جڏهن ته هن ۾ پس پردا آواز سنڌ سلامت جي حقير ڪارڪن نثارناز، جو آهي ، جڏهن ته ايڊيٽنگ محترم محمد جمن شيخ جي آهي۔۔۔ 6 ڊسمبر 2009 وارو ڏينهن سنڌي قوم اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي وارو ڏينهن ڪري ملهايو پيش آهي هڪ وڊيو رپورٽ
محترم سائين السلام عليڪم مون وٽ ته بلڪل زبردست لنڪ ڪم ڪري پيو ان هوندي به توهان کي وري به لنڪ ڏيان پيو۔۔۔۔۔۔ توهان جي ڪامينٽس جو شدت سان انتظار رهندو http://www.youtube.com/watch?v=Y3O-tzbsxLs
سائين وڊيو ته تمام بهترين نموني سان پئي هلي ماشاءَالله ننڍڙا گلن جهڙا معصوم ٻارڙا، سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سان. تمام بهترين شيئرنگ آهي سائين
ادا وهاب مهرباني، جو توهان کي منهنجي هي ونڊ سُٺي لڳي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ منهنجي شاعري جو هي پُراڻو نظم جيڪو ڪجهه عرصو پهرين سائين عبدالرشيد سمون هتي ڪنهن سيڪشن ۾ ونڊ ڪيو هو آڊيو جي صورت ۾ سو وري به سڀني سنڌ سلامت جي دوستن کي ارپيان پيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اميد ته وقت ۽ حالات جي حساب سان توهان کي وڻندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ [MP3]http://www.fileden.com/files/2008/11/25/2199844/SindhSalamat.mp3[/MP3][/CENTER]
سائين منهنجا توهان جي نظم ڪنهن کي نه وڻندي ٻڌايو ته سهي، تمام بهترين، مون وٽ لفظ ناهن جو مان انهي نظم جي تعريف ڪيان