سنڌ سلامت جي دوستن لئه، تازو تحقيق ڪرائي هڪ نئين موٽر سائيڪل ايجاد ڪرائي آهي، سنڌ ۾ پئٽرول جي مهانگائي ۽ نوڪرين ۽ ڌنڌن جي مندائيءَ واري موسم ۾ اهڙي ايجاد ۽ اهڙي سواري !!! سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته؛ ”پنڌ کان ماڻهون ڪتي جي چڪ ۾ به چڱو“ حاضر آهي سنڌ سلامت جي دوستن لئه بي بها تحفو؛
سائين مان هينئر ئي واڍي کي تياريءَ جو آرڊر ڏيان ٿو پر ٻيلي سائين هڪ ڳالهه ته ڏسو ها ته ڇا ان گاڏيءَ کي هلائڻ لاءِ هي اڻپورو لباس ضروري آهي؟ ۽ سائين هي هلندي ڪيئن۔۔؟
يار ڄامشورائي واڍي کي ٻن ڳاڏين وڌيڪ جو آرڊر ڏجان، هڪ گاڏي منهنجي لاءِ ۽ ٻي گاڏي اسان واري فقير ڦلپوٽي لاءِ، باقي اهڙي لباس لاءِ مان هتي توهان لاءِ درزي کي آرڊر ٿو ڏيان فڪر مَ ڪوا۔۔۔۔۔۔۔۔۔
واه سائين واه تمام سٺو ادا سائين هڪڙي ڳاله ته ڏسيو ادا هي سائيڪل آهي يا موٽر سائيڪل ۽ ادا مون پهريون همراه ته سڃاتو آهي ته ڪير آهي ۔۔۔۔hall chari پويون همراه ڪير آهي ؟
يار علي علي زورآور آهين، جي سائيڪل يا موٽر سائيڪل هجي ها ته پوءِ نئين ايجاد وري ڪيئن ٿي ... نه اها موٽر سائيڪل نه سائيڪل اها هڪ عجيب نرالي شئي آهي جا مٿي کان هيٺ جي طرف هلندي آهي، مٿي چاڙهڻ لئه کيس مٿي تي کڻڻو پوندو آهي، نه پئٽرول جي ضرورت نه گئس جي نه وري ڪنهن پاڻي يا کاڌي جي .... هو نه ٻڌو اٿئي ته ”چلي جا رهي هي، خدا ڪي آسري ... “ پاڪستاني حڪومت جو هڪ نئون انداز ... باقي ! پهريون وارو همراه تون ٻڌاءِ ته پويان واري کي آءُ به سڃاڻان ٿو ... ادي ڄامشورائيءَ کي عرض آهي ته گرميءَ ۾ ڪپڙا هجن يا نه پر سياري ۾ ڪپڙا پائي چڙهجي ته بهتر بلڪ رلهي وغيره به ساڻ هجي ته سٺو، ۽ ها خير خيرات ڪري چڙهجي جو وري واپس وربو يا نه انجي پڪ به ناهي ... ۽ ها جي واڍو ملي ويو هجي جو ڪم ڪري ڏي ته يار مون لئه به هڪ اڌ تيار ڪرائي ڇڏجو جو مونکي ته سڀ واڍا نڪما مليا هئا ... suhnan saan
ادا پهريون همراو ته اسان وارو فقير آهي چو ته فقير اهڙا ئي ڪپڙا پائيندا آهين باقي پٺيون مون کي لڳي ٿو ته اسان وارو وڏو ايڊمن آهي چو ته ڪڏهن ڪڌهن ان کي به هلڪا ڪپڙا پائڻ جو دوروپوندو آهي ۔ باقي وڌيڪ اوهان ئي ٻڌايو ته ڪير آهي hall chari
ادا ڄامشورائي، پهريان انهي نئين گاڏي جي نقصان ۽ فائدن کي ڏس پوءِ آرڊر ڏي. متان ڳالهه ڳاٽي نه پئجي وڃي hatt-pare khil sahi سائين asul matt پر توهان انهي گاڏي کي ڇا ڪندا، هائو ادا هائو، فقير فقير کي سئو ڪوهه تي ڳولهي وٺي، باقي مسڪين جي پارت اٿئي. hall chari shal judy hujeen سائين توهان ته اصل سڀني جا خواب ئي ٽوڙي ڇڏيا ، اسا ن جي دوستن جون الائي انهي گاڏي ۾ ڪيتريون ئي اميدون هيون. asul matt shabash ها ها ها ها ها ها ها ها ها مون چيو نه ته فقير فقير کي سڃاڻي shabash hatt-pare suhnan saan khil sahi shal judy hujeen hall chari
سائين واڍا ڏسي حيران ٿا ٿي وڃن۔۔۔ چون ٿا ته ٻيلي اهي گاڏيون ٺاهڻ لاءِ کبڙ جي ڪاٺي کڻي آءُ، ۽ رڇ جي کل کڻي آ ته ٽائرن تي به هڻي ڇڏيون۔۔۔ هاڻي ٻڌايو ته رڇ جي کل ۽ کبڙ جا ٿُڙ ڪٿان آڻيان۔۔۔۔ سائين ٽنڊي محمد خان جا درزي ڏاڍا مشهور آهن۔۔۔ هڪ جوڙو ٺهرائي ڏجو پر پورو سارو۔۔۔ نه ته انهيءَ تبتي مخلوق جي لباس ۾ اسان کي ماڻهو شيطان جو چيلو سمجهندا۔۔۔
اڙي ادا ڇا ڪيون جهونا آهيون، ڪڏهن ڪڏهن غلط به ويندا آهيون شڪر آهي جو هن دفعي توهان کي مشورو صحيح ڏنو آهي. khil sahi suhnan saan
ڀلا ڙي صالو تنهنجا ڀاڳ فقير ، فقير کي سڄاڻي ها ها ها ها ها ها مون سان گڏ وڏي ايڊمن نه پر انٽرنيشنل فقير آهي ،
سهڻا بادشاه سائين، اوهانکي ڪير روڪيندو؟ ڪنهنجي مجال جو بادشاهن سان اچائي ... باقي پاڪستان ۾ ڪنهن به شئي جي ويلڊٽيءَ جو ڪو سوال ئي ناهي ... ڏوڪڙ کيسي ۾ ته ٻيڙا ئي پار ... هونءَ به هيءَ سواري دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ويلڊ آهي ... نه ڪاغذن جي ضرورت، نه لائيسنس جي ڪا لوڙ ۽ وري نه ڪنهنجي ڪا ڪاڻ ... بس پاڪستان ۾ ٿورڙو مسئلو اهو آهي ته سپاهي ڪجهه ڏنگا آهن موڊ سٺو ۽ کيسو گرم هوندن ته ٽرڪ هٿيارن جي به ڇڏي ڏيندا ۽ جي نه ته گليل جي ڪيس ۾ به اندر ڪري ڇڏيندا ... سو خيال سان ... باقي اسانکي به اوهانجو آسرو هو ته ڪنگ آهي نه!!! sindhsalamatsaathsal
ها سائين سچ پيا چئو اوهانجي اها گاڏي واقعي انمول آهي باقي اوهان پوليس جو فڪر نه ڪيو جي ان گاڏي هلائيندي ڪنهن کي اها اصلي ڊريس هوندي۔ جيڪا تصوير ۾ گاڏي هلائيندڙن کي آهي ته پوليس وارنِ کي مان چئي ٿو ڇڏيان ته اهڙن ماڻهن کي تنگ نه ڪندا باقي جي ڪنهن گاڏي هلائڻ دوران مڀلوبو ڊريس نه پاتي ته اهو نتيجن جو پاڻ ذميوار هوندو ...
هل چري تون به هاڻي جهونو ٿي وئين اسان ته چا جهونا ٿياسي هي جهان ئي جهونو ٿيڻ شروع ڪري ڏنو ڀلا پرديس ۾ تو کان گاه جون ڀريون کڻائيندا آهين چا جو جلدي جهونو ٿي وئين؟
هائو ادا! بادشاه ته بادشاه پر فقير به فقير آهن ... پاڪستان جي فقيرن جو به ڊاريڪٽ لنڪ ... آءِ جي آف پوليس سان ضرور هوندو ... جو اهو چيو ويندو آهي ته فقير يا وزير اکر مڙئي هڪڙو ... wslam
ها سائين بس اوهان جي دعا کپي باقي فقير آهيون در در وڃڻو پوندو آهي ته هر ڪنهن سان ڏيٺ ويٺ به آهي سو ان ڪري مڙئي پهنجي سنگت جي لاء منٿ ته ڪرڻي پوندي نه پهنجا اوطاقي جو آهين
ادو عبدالوهاب به جهونو ٿي ويو !!!! يارو وارو ڪيو جو اسان جهڙا نوجوان اڪيلا نه ٿي وڃن، يار علي علي تون پاڻ ته جهونو پر اسانجا يار ته نه خار !!! سڀ جهونا ٿيندا پيا وڃن ... يا وري جهوني جي لقب ۾ ڪي ور آهن ته اسانکي به ٻڌايو، ته جهونن جي لسٽ ۾ اضافو ڪريون ... khil sahi