• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاه سائين جو بيت

قبلا اوهان جا احسان جو هن اکڻ تي اوهان شاه صاحب جي شعر زريعي اها ميزان ونڊ ڪئي جنهن ۾ هر انسان پنهنجي ايماني وجود کي توري سگهي ٿو۔
شاه صاحب جي ان شعر جو هر قاري پنهنجي وجود ۾ ڏسي ته هو ڪهڙي جاءِ تي بيٺو آهي ۔
وحده لا شريڪ جي معنى سالڪن و عارفن اها ڪئي آهي ته انسان جڏهن هن سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪرڻ جو ڪلمو پڙهيو آهي ته ان ڪلمي تي قائم رهڻ جي حق اهو آهي ته هو پنهنجي وجود تي ان جي حڪم کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو حُڪم هلڻ نه ڏئي جنهن پنهنجي وجود تي ان جي حُڪم کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو حُڪم هلڻ ڏنو ان ڄڻ ته ان سان ٻئي کي شريڪ قرار ڏنو عملي طور۔
هاڻي جيڪو ان سان ڪنهن کي شريڪ نه ڪندو ته ان جي گمراهي جا سڀ دروازا بند ٿي ويندا ۔
۽ ان جي رهبري لاءِ طيرقيڪار ڪهڙو آهي اهو ئي جيڪو رسولِ معظم اسان تائين پهچايو آهي ۔
وسلام
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top